مولابخش چانڊيو
اعجاز علي خواجا
ماڻهو ته مڙيوئي ماڻهو آهن پر هزارن، لکن ۽ ڪروڙن ماڻهن منجهان ڪي ماڻهو
پيدا ٿيندا آهن جن جو ماڻهپو ڏاڍو مختلف ۽ منفرد هوندو آهي. اهي ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ
پاڻ بنجي ويندا آهن ۽ سماج ۾ پنهنجي قدمن جا نشان ۽ هڳاءَ پکيڙيندا رهندا آهن ۽ هر
دور ۾ انهن کي پنهنجي ڌار اهميت ۽ شناخت واري حيثيت حاصل هوندي آهي. هونءَ ته ساٿي
مولا بخش چانڊيو به هڪڙو عام قسم جو ماڻهو آهي پر سندس ذات، وجود ۽ ماڻهپو خاص قسم
جو آهي ڇاڪاڻ ته گهڻن کان گهڻن ماڻهن ۾ به هي ماڻهو ڌار نظر ايندو آهي.
