; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار، راشدي، خواب، شاعر، امام،
Showing posts with label ذوالفقار، راشدي، خواب، شاعر، امام،. Show all posts
Showing posts with label ذوالفقار، راشدي، خواب، شاعر، امام،. Show all posts

22 September, 2013

ذوالفقار راشدي - امام راشدي

ذوالفقار راشدي
خوابن جو شاعر
امام راشدي
جرڪڻيون، اوچلڪڻيون، اومرڪڻيون!
مون اوهان لئه دل جو در کولي ڇڏيو.
يا ته جرڪايوم جيءَ جي درسني،
يا ته ڪاريءَ رات ۾ رولي ڇڏيو.
يا وري سندس هي ٻيو شعر آهي ته؛
نگاه يار جي سامهون نگاهه ته کڻ،
اڙي او سائين، اهو هڪ گناهه ته کڻ،
اسين به آهيون ازل کان ٻه ڀٽيڪل روح،
گهڙي ته ويهه هتي، ساٿي ساهه ته کڻ.
ذوالفقار راشدي سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو شاعر هو. سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس فن ۽ فڪر وسيع هو. پاڻ اسان وٽ هاڻي موجود ته ڪونهي، پر سندس شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون هن جي امر موجودگيءَ جو اطلاع ڏئي رهيون آهن.