; سنڌي شخصيتون: عبدالوحيد ڪٽپر، ڊاڪٽر ايوب شيخ، لياقت راڄپر، سھيل ميمڻ، ذوالفقار قادري، نصير سومرو،
Showing posts with label عبدالوحيد ڪٽپر، ڊاڪٽر ايوب شيخ، لياقت راڄپر، سھيل ميمڻ، ذوالفقار قادري، نصير سومرو،. Show all posts
Showing posts with label عبدالوحيد ڪٽپر، ڊاڪٽر ايوب شيخ، لياقت راڄپر، سھيل ميمڻ، ذوالفقار قادري، نصير سومرو،. Show all posts

22 September, 2013

عبدالوحيد ڪٽپر

عبدالوحيد ڪٽپر
مڊل ڪلاسي سياستدان
ڊاڪٽر ايوب شيخ
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي وزير هيو ته لاڙڪاڻي ۾ مٿس ۽ سندس فيمليءَ جي خلاف هلندڙ سول ڪيسن ۾ جنهن وڪيل سندس غيرحاضريءَ ۾ سندس سڀ کان وڏي مدد ڪئي هئي تنهن وڪيل جو نالو کيس لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کانپوءِ تڏهن معلوم ٿيو هيو جڏهن ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو ته ان جو نالو عبدالوحيد ڪٽپر آهي. اهو سفر ڪورٽ کان شروع ٿيو ۽ سياست ۾ کيس وڏو مقام ملي ويو. ان کان اڳ عبدالوحيد ڪٽپر ادبي محفلن ۾ ويهي شاعري پڻ ڪندو هيو. سندس هڪ شاعر سنڌي ڳائڻي مرحوم سليمان شاهه پڻ ڳايو هيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان تي تمام گهڻو مشهور ٿيو هيو: