سندري اتم چنداڻي
سنڌي ناول جي خاتون
اول
رکيل مورائي
اڄ منهنجي آڏو لکت ۾ اهڙو پروف موجود آهي، جو مان سنڌي ٻوليءَ جي نهايت
آبرودار ڪهاڻيڪار ۽ بيحد تخليقي ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي ريت نرالي“ جهڙن
ناولن جي ليکڪا محترمه سندري اتم چنداڻيءَ کي ”سنڌي ناول جي خاتون اول چوان“ ڇاڪاڻ ته اها منهنجي درستي نامياري ليکڪا
۽ سنڌي ادب کي گهڻي کان گهڻا ناول ڏيندڙ ۽ سنڌي ناول کي هڪ مرتبو عطا ڪندڙ، ڪلا پرڪاش
ڪئي هئي، جڏهن مون سندس اڄ تائين ڇپيل آخري ناول ”اوکا پنڌ پيار جا“ جو مهاڳ لکندي
کيس ”سنڌي ناول جي خاتون اول ڪوٺيو هئو ۽ پوءِ هن پنهنجي خط ۾ لکيو هئو ته ”سندري ئي
سنڌي ناول جي خاتون اول آهي ۽ اهڙي اهميت هن کي ملڻ گهرجي“.
