حسين بخش ڀاڳت
گڏيل قومن جي مڃتا ماڻيندڙ
ماحول دوست شخص جو وڇوڙو
ناصر علي پنهور
علي محمد راشديءَ، سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جي شڪار جي حوالي سان لکيو آهي؛
”سنڌ وڏيرن لاءِ هڪ ڊگهي وئڪيشن جيان هئي. ان ئي سنڌ ۾ سنڌ جا وڏيرا نه رڳو پاڻ پر
وقت جي حاڪمن، جن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي حڪمران شامل هوندا هئا، تن کي به شڪار ڪرائيندا
هئا.“