غلام مصطفيٰ جتوئي
هڪ نفيس شخص جي ورسيءَ
جي حوالي سان
وحيد رزاق مستوئي
پاڪستان جي سياست تي ڇانيل هڪ نفيس شخص رئيس غلام مصطفى خان جتوئي پڻ
هو. پاڻ ۱۴ آگسٽ
۱۹۳۱ع تي، سنڌ جي هڪ سياسي گهراڻي، خان بهادر غلام رسول
خان جتوئي جي گهر ۾ اک کولي. رئيس غلام مصطفى خان جتوئي جن پاڻ ۾ چار ڀائر هئا. پهرئين
نمبر تي پاڻ مرحوم رئيس غلام مصطفى خان جتوئي، ٻئي نمبر تي مرحوم غلام مجتبى خان جتوئي،
ٽئين نمبر تي مرحوم ڊاڪٽر عبدالغفار خان جتوئي ۽ چوٿين نمبر تي امام بخش خان جتوئي
آهي. کيس 6 پٽ ۽ چار نياڻن جو اولاد آهي جن مان هڪ پٽ طارق مصطفى جتوئي وفات ڪري ويو
آهي. باقي سوڳوارن ۾ ۵ پٽ، چار نياڻيون ۽ هڪ گهر واري آهن.
غلام مصطفى خان جتوئي، پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ پراڻا جتوئي
۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ تعليم ڏانهن ٻيو قدم وڌائڻ لاءِ سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول، بعد
۾ ڪراچي ۾ گرامر اسڪول ۾ پڙهيو. کيس بهتر تعليم جو وڏو شوق هوندو هو. ان شوق ۾ ۱۹۵۲ع ڌاري انگلينڊ ۾ بار ايٽ ڪرڻ جي لاءِ ويو ۽ بعد ۾
والد جي بيمار ٿيڻ سبب، واپس موٽي آيو ۽ والد جي وفات کانپوءِ تعليم جو سفر ورائي نه
سگهيو. پوءِ عوام جي خدمت خاطر سياست سان جڙيو. جنهن جي ڪري اڄ به هر پائي جو ليڊر
۽ سياسي مخالف به سندس سچائين خلوص ۽ نيڪ جذبن جو اعتراف ڪري ٿو.
رئيس غلام مصطفى خان جتوئي، هڪ سياسي گهراڻي سان تعلق رکندڙ شخصيت هو.
سندس سياسي تاريخ ۽ شجرو ڪجھ هن طرح آهي. سندس ڏاڏو امام بخش خان جتوئي گهڻا ئي ڀيرا
بمبئي قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر رهيو ۽ والد محترم به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو.
ان سان گڏ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رهيو. والد جي وفات کانپوءِ ننڍي عمر ۾ پاڻ ضلعي
ڪائونسل نواب شاھ جو چيئرمين مقرر ٿيو. ۱۹۵۸ع ۾ اولھ پاڪستان جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ بعد ۾ ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم
ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پارٽي ٺاهي ته ان ۾ رئيس
غلام مصطفى خان جتوئي پڻ شموليت جو اعلان ڪيو. سال ۱۹۷۰ع ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان سيٽ کٽي، قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. بعد
۾ ڀٽي صاحب جي پيار ۽ اعتماد سبب ۱۹۷۳ع
کان ۱۹۷۷ع تائين سنڌ جو چيف منسٽر رهيو. رئيس غلام مصطفى خان
جتوئي کي وزير اعظم ٿيڻ جي آڇ پڻ ٿي پر هن با ضمير ايڏو وڏو عهدو ٺڪرائي ڇڏيو پر ڀٽي
صاحب جو ساٿ نه ڇڏيائين. سال ۱۹۸۳ع
واري تحريڪ جا رئيس غلام مصطفى خان جتوئي ۽ سندس ڀاءُ رئيس غلام مجتبى خان جتوئي هيرو
هيا.
غلام مصطفى خان جتوئي هيو ته جاگيردار ۽ وڏيرو پر هن جي سوچ هڪ ترقي پسند
۽ جمهوري، علمي، ادبي، سياسي، سنڌ دوستي ۽ انساني احساسن سان سرشار هئي. سنڌ جي تعليم
جو هن کي هميشه فڪر ۽ اونو هوندو هيو صوبائي خودمختياري جا مسئلا هجن يا وري اين ايف
سي ايوارڊ جو مسئلو هجي يا سنڌ جي پاڻي جو مسئلو هجي هن سدائين سنڌ دوستي جو ڪردار
ادا ڪيو آهي جڏهن اهڙي نفيس شخصيت اسان کان ۲۰
نومبر ۲۰۰۹ع تي ڇنڇر جي رات وڇڙي وئي ته سنڌ سموري سوڳ ۾ وٺجي
وئي جڏهن ته هن جو جسم خاڪي ۲۳
نومبر تي لنڊن کان نوان جتوئي
پهتو ته لکين ماڻهو گڏ ٿي هن نفيس شخصيت تي عقيدت محبت ۽ پيار جا گل نڇاور ڪيا. سندس
وصيعت مطابق، کيس نوان جتوئي ۾ ڪرڙ فقير جي مزار جي ڀر ۾ دفنايو ويو.
جيڪڏهن غلام مصطفى خان جتوئي جي وصيعت تي غور ڪجي ته هو صوفي ازم جو حامي
هو ۽ فقير جي ڀر ۾ پاڻ کي سکيو ۽ سڪون ۾ سمجهيائين. هونئن به جتوئي صاحب جي صوفي فقيرن
سان تمام گهڻي لگندي هئي، پوءِ اهو صوفي بزرگ شاعر، سيد علي گوهر شاھ هجي يا فقير علي
مراد مست هجي. فقير ڪرڙ کان وٺي سندس مرشد پير عبدالوحيد جان سرهندي وارا هجن، سڀني
بزرگن، سالڪن، شاعرن، صحافين ۽ اديبن سان روح رهاڻيون ڪندو رهندو هو.
انسان آهيون دوست هر انسان
اسان جو،
هنـدو بـه اسـان جـو مسـلمـان
بـه اسـان جـو.
رئيس غلام مصطفى خان جتوئي جي وڇوڙي کي چار سال ٿي ويا آهن. سندس وڇوڙي
جي پوري ملڪ سنڌ ۽ خاص ڪري ضلعو نوشهروفيروز جي عوام کي هن نفيس شخصيت ياد اچي رهي
آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا