; سنڌي شخصيتون: خان بهادر غلام محمد اسراڻ - عبدالواحد وڌو

08 December, 2013

خان بهادر غلام محمد اسراڻ - عبدالواحد وڌو

خان بهادر غلام محمد اسراڻ
ماڻهو مڻيادار
عبدالواحد وڌو
هن ڌرتي جي گولي تي ڪيترن ئي هستين جنم ورتو ۽ هر ماڻهو پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪري هليو ويو۔ جن ماڻهن هن ڌرتي تي عظيم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيا ۽ جيڪي پنهنجي علائقي ۽ ديس واسين جي حقن جو آواز بڻيا انهن جو نانء تاريخ جي سونهري اکرن ۾ سرفهرست آهي۔ انهن ئي ماڻهن ۾ غلام محمد خان اسراڻ به هڪ بي مثال ڪردار آهي۔ خان بهادر غلام محمد خان اسراڻ  ۷ نومبر ۱۸۶۳ع ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ خير پور جوسو ڀرسان ڳوٺ غلام محمد اسراڻ ۾ ڄائو، سندس والد عبدالله خان اسراڻ زميندار ۽ هلندي پڇندي وارو انسان هو، غلام محمد خان اسراڻ پنهنجي تعليم لاڙڪاڻو مان ڀرائي ۽ اتي ئي فارسي به سکيو، هو ننڍي هوندي کان ئي ذهين، سلڇڻو ۽ همت وارو هو، پنهنجي وقت جو ڏهيسر هو، هو هڪ اعليٰ سياستدان هئڻ ڪري سنڌ تي ڇانيل رهيو، علائقي جي غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، هن علائقي ۾ سڙڪون ٺهرائڻ سان گڏ  مٺي پاڻي جا کوهه کوٽايا، پاڻ ماٺيڻي طبعيت جا مالڪ هئا، جهيڻي لهجي ۾ ڳالهائڻ وارا ۽ مظلوم طبقي جي ماڻهن ۽ دوستن سان پيار ۽ پاٻوهه پيش اچڻ ته سندس فطرت ۾ شامل هو۔ هونءَ تا نرم مزاج  ماڻهو هو پر غريبن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيءَ تي صفا جذباتي ٿي ويندو هو. خانبهادر غلام محمد اسراڻ ۾ ننڍي هوندي کان ئي هڪ اعليٰ خيالن واري انسان جون خصلتون موجود هيون. جنهن ڪري وٽس غريب شاگرد، هاري، ناري هر وقت ايندا هئا ۽ کائنس امداد حاصل ڪري ويندا هئا ۽ سنڌ جو هي هڏڏوکي انسان انهن جي  مالي مدد ڪندو هو. هو سخي انسان هو، انصاف ڀريا فيصلا ڪندو هو، ٻن ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ کي هو افضل عبادت سمجهندو هو، هڪ ڀيري ڳوٺ جي هڪ فقير سيدل نالي سندس ننڍي ڀاءُ احمد علي خان لاءِ دانهن ڏني ته ”احمد علي خان سندس عزت ۾ هٿ وڌا آهن“ جنهن تي غلام محمد اسراڻ فورن ڀاءُ احمد علي کي گهرائي ڳالهيون ٻڌي ڀاءُ کي ڏوهي قرار ڏيندي چيو ته ”عزت جو عيوض عزت، تو فقير جي عزت ۾ هٿ وڌا هاڻي فقير تنهنجي عزت ۾ هٿ وجهندو“ اهڙي فتويٰ بعد ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ان وقت کان هاڻي تائين اها چوڻي مشهور آهي ته ”عزت سان رهڻو اَٿوَ ته اسراڻ جي پاڙي ۾ رهو“ هن جا فيصلا عدل ۽ انصاف تي ٻڌل هوندا هئا، ان ڪري ان وقت جي حڪومت کيس فرسٽ ڪلاس آنرري اسپيشل مئجسٽريٽ جي عهدي سان نوازيو.

خانبهادر غلام محمد اسراڻ پنهنجي سياسي زندگي جي ابتدا ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي جي ميمبريءَ کان ڪئي. سر شاهنواز خان ڀٽو سندس ويجهن دوستن مان هو، هو سر شاهنواز خان ڀٽو سان گڏ سفر ڪندو هو. ٻنهي جو راجا ريل ذريعي ممبئي وارا سفر اڄ به لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ مشهور آهن
سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائڻ ۽ مسلمانن لاءِ آزاد ۽ ڌار وطن جي قيام جو تصور رکندي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن طرفان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۾ تائيد ڪئي، ۱۹۳۶ع ۾ سندن جدوجهد ڪاميابي ماڻي، سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري صوبي جو درجو ڏنو يوو، ۱۹۳۴ع ۾ جڏهن سر شاهنواز خان ڀٽو غريبن ۽ هارين جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ سندن حقن لاءِ عملي ڪوششون وٺڻ لاءِ سنڌ پيپلز پارٽي نالي هڪ سياسي جماعت جوڙي ته خان بهادر غلام محمد خان ان ۾ شموليت ڪئي، لڳاتار جدوجهد، جاکوڙ، ايمانداري، محنت ۽ اعليٰ ڪارڪردگي ڪري کيس ڪيترائي لقب مليا جن ۾ خاص ڪري خان صاحب ۽ خان بهادر جا لقب شامل آهن، خان بهادر غلام محمد خان ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جو ۱۹۲۰ع ۾.وائيس چيئرمين چونڊجي ويو،
ان کان اڳ جڏهن ۱۹۰۶ع ۾ ڍاڪا واري گڏجاڻي ۾ مسلمانن آل انڊيا مسلم ليگ جو بنياد وڌو ته هي ان جو پهريون ميمبر ٿيو، صدر آغا خان کي چونڊيو ويو، مسلم ليگ جي بانين ۾نواب محسن الملڪ، نواب وقار الملڪ ۽ نواب سليم الله خان، خان بهادر غلام الله خان اسراڻ جا گهرا دوست هئا، هنن جا خط اڄ به موجود آهن. ۱۹۱۶ع ۾ لکنئو واري ٺاهه ۾ به خان بهادر شرڪت ڪئي، جنهن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح به هيو، جتي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ هڪ ٺاهه به ٿيو هو، برطانوي حڪومت ۱۹۳۵ع ۾ مسلم ليگ ۾ هڪ نئون دستوري قانون بڻايو، جنهن کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۱۹۳۵ع چئجي ٿو، نئين قانون هيٺ ۱۹۳۷ع ۾ عام چونڊون ٿيون، جنهن خان بهادر سوڀ ماڻي، انهيءَ چونڊن ۾ ڪانگريس ستن صوبن ۾ سوڀ حاصل ڪئي، هنن مسلم ليگ جو ڪو به عيوضي نه کنيو، ڪانگريسي اڳواڻن اعلان ڪيو ته جنهن به مسلمان کي وزير ٿيڻو آهي، هو پنهنجي پارٽي تان استعيفيٰ ڏيئي ڪانگريس ۾ شامل ٿئي پر هن جو ڌي جوان انهن جي وزارت کي ٿڏي ڇڏيو، ان وقت صوبن ۾ اقتدار حاصل ڪندي ڪانگريسي وزارتن هندي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بڻايو، ”وندي ماترم“ کي قومي گيت جي حيثيت ڏني وئي، هن گيت جي لفظ لفظ مان مسلم، دشمني ظاهر ٿيندي هئي، مسلمانن کي عزت سان گذارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو.
۱۹۳۹ع ۾ ٻي مها ڀاري لڙائي شروع ٿي، ڪانگريس وزارتن کان استعيفائون ڏنيون ته مسلمانن سک جو ساهه کنيو، ۲۲ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي ڇوٽڪاري جو ڏينهن ملهايو، اهو ڏينهن جمعي جو هو مسلمانن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رب پاڪ جا شڪرانا ادا ڪيا، ان ڏينهن هن سخي انسان هڪ مهينو تائين خيرات ڪري غريبن کارايو، خان بهادر غلام محمد خان اسراڻ ۲۳ مارچ ۱۹۴۰ع تي لاهور ٺهراءُ منظور ٿيو، مارچ ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي گهر جو ٺهراءُ پيش ٿيو، جنهن ۾ خان بهادر غلام محمد تائيد ڪئي هئي جيڪو منطور ڪيو ويو، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هزارين لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون ۽ جدوجهد ڪئي، انهن خدمتن مان خان بهادر غلام محمد اسراڻ جون خدمتون ۽ قربانيون وساري نه ٿيون سگهجن، هن کي ٻن پٽن غلام مصطفيٰ ۽ روشن علي خان جو اولاد هيو، هن جي ڪٽنب ٻن پوٽن غلام مجد پٽ غلام مصطفيٰ ٻه ڀيرا پي ايس ۳۹ تي پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو، هينئر به ساڳئي تڪ تي سندس وڏا ڀاءُ غلام مجتبيٰ پٽ غلام مصطفيٰ ٽي ايم پي اي آهي، خان بهادر جو ٽيون پوٽو سرفراز الدين خان ولد روشن علي خان اعليٰ تعليم هوندي هو ڏاڏي جي نقش قدم تي هلندي علائقي جي عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي.
‏خانبهادر غلام محمد اسراڻ هڪ رحم دل، خدا ترس انسان هو. ديني عقيدي جي لحاظ کان  پڪو بدعت ۽ شرڪ کان گهڻو پري هو. عالمن بزرگن ۽ ديني معاملات سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي عزت ۽ احترام ڪندو هو. سندس امداد ۽ خيرات ڏيڻ جو طريقو اهو ئي هو جنهن لاءِ اسلام جي باني حضرت محمد الرسول الله صلي الله عليه وسلم جن هدايت فرمائي آهي. خيرات کي ذاتي شهرت جو ذريعو نه بنايو وڃي ۽ اها اهڙي طرح ڏجي جو هڪ هٿ ڏي ته ٻيو نه ڏسي.
۱۹۵۲ ع واري المناڪ ڏينهن خانبهادر غلام محمد اسراڻ جي دنيوي زندگي جو چراغ جنهن غير متوقع نموني ۾ اوچتو گل ٿي ويو، تنهن نه فقط سندس ويجهن مائٽن مٽن، ڳوٺ وارن بلڪه سندس سڀني دوستن، گهڻگهرن، واقفڪارن، عوام ۽ راڄن کي پڻ مهبوت ۽ حيران ڪري ڇڏيو پر ساڳئي وقت هندستان ۾ رهندڙ سندس سنگتين ساٿين کي به ڏکارو ڪري ويو. خان بهادر غلام محمد خان اسراڻ  جي آخري آرام گاهه ڳوٺ خيرپورجوسو ۾ آهي.
سندس قضيي سان نه رڳو سنڌ ۽ ملڪ جي وقار کي ڇيهو رسيو پر قومي بحرانن ۾ هميشه جرئت ۽ بلند ۽ اورچائپ جو مظاهرو ڪرڻ وارو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پاڻ قومي اثاثو هئا.

اڄ سندن اشد ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته وري ڪي اهڙا مهمير جاڳن جو هن ڌرتي جا ڏک ونڊائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته خان بهادر غلام محمد خان اسراڻ جي خدمتن کي نظر ۾ رکي سندس سخصيت بابت ڄاڻ نصاب ۾ شامل ڪري.

No comments:

راءِ ڏيندا