; سنڌي شخصيتون: اڪبر بلوچ - جميل چانڊيو

29 December, 2013

اڪبر بلوچ - جميل چانڊيو

اڪبر بلوچ
بيباڪ صحافي
جميل چانڊيو
ملير جي هڪ ڳوٺ اوبو ٿاڻو (ملا عيسيٰ) ۾ جنم وٺندڙ اڪبر بلوچ عرف بابا، ملير جي ماڻهن جي اهنجن، سورن ۽ تڪليفن جو جيئن جو تيئن ايوانن تائين پهچائڻ جو آرٽ هو. سندن قلم جي طاقت رنگ لاتو ۽ حڪمران ملير جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا.

اهو اڪبر بلوچ هاڻي اسان وچ ۾ ناهي رهيو. هن بيباڪ صحافيءَ جي جاکوڙ ان وقت کان شروع ٿي جڏهن شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو ۱۹۸۸ع ۾ ملير جي امن ۽ شانتي جي خوشحال ڌرتيءَ تي پير رکيو. ان موقعي تي مراد ميمڻ ڳوٺ جي ڊگري ڪاليج ۾ صحافي اڪبر بابا بلوچ ۽ ٻين محترمه بينظير ڀٽو آڏو ملير جي ماروئڙن جو ڪيس پيش ڪيو. مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ تي محترمه بينظير ڀٽو ”بابا اڪبر بلوچ“ کي جس ڏنو ۽ پنهنجي پي پي جي ملير مان چونڊيل نمائندن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪدم ملير کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان جدوجهد ۾ به اڪبر بلوچ صف اول واري حيثيت ماڻي.
صحافي اڪبر بلوچ علائقي، ضلعي ۽ ڪراچي جي صحافي برادري جي فلاح ۽ هر ڏک سور ۾ ساڻن گڏ هو. هڪ وقت اهو آيو جڏهن ملير جي هڪ ننڍي هوٽل تي پي پي جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه مرحوم صحافي اڪبر بلوچ کي پاڻ سان گڏ ويهاري حال احوال ۽ ذاتي طور ڪو ڪم ٻڌائڻ جي آڇ ڪئي تنهن تي اڪبر بلوچ ذاتي طور معذرت ڪندي ملير واسين لاءِ اهو ڪجهه گهريو جيڪو سندن حق آهي. هو هڪ سٺو صحافي، سٺو ڳوٺاڻو ۽ سٺو دوست هو. غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو.

اڪبر بلوچ مالي طور ايڏو سگهارو نه هو جو ڪنهن نجي اسپتال مان علاج ڪرائي ۽ نه وري اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پهتو ته اڪبر بلوچ جو علاج ڪرائي. اڪبر بلوچ جي ۲۱ ڊسمبر ۲۰۱۳ع تي شام جو صحافي ذميوارين دوران برين هيمريج جو حملو ٿيو. هنگامي طور جناح اسپتال داخل ڪرايو ويو. جتي رات جو دم ڌڻي حوالي ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا