; سنڌي شخصيتون: ٺاڪر چاولا - رکيل مورائي

15 December, 2013

ٺاڪر چاولا - رکيل مورائي

سنڌيت جو ھڪ سپاھي
رکيل مورائي
ڪالهه مهاراشٽر جي گاديءَ جي هنڌ ۽ مها نگري ممبئي ۾ سنڌي ثقافت جي اهم مرڪز سيتا سنڌو ڀون جو روح روان ٺاڪر چاولا منجهند جو گذاري ويو. هو گذاري ويو، جملا ننڍا آهن، پر اڄ شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته ممبئي مان سنڌيت جي، سنڌي ادب جي، سنڌي ثقافت جي هلچل پڄاڻيءَ تي پهتي.


ٺاڪر چاولا، جنهن جو سڄو گهر سنڌي ادب ۽ ثقافت جو امين گهر، سندس وني، پارو چاولا، سڌيءَ کي اڌ درجن مختلف صنفن ۾ ڪتاب ڏيندڙ ۽ سهيڙيندڙ، سندس نياڻي شوڀا لعلچنداڻي، سنڌيءَ ۾ لکندڙ ۽ سنڌي ڪمپوزنگ جو مرڪز هلائينڊڙ، سندس نياڻو رام لعلچنداڻي خوبصورت آرٽسٽ، لڳ ڀڳ سنڌي ادب جي مڙني ڪتابن جا خوبصورت ٽائيٽل ٺاهيندڙ ۽ سنڌي ڪتابن کي سونهن بخشيندڙ جيڪو تازو ئي ٻه مهينا اڳ ديهانت ڪري ويو، سندس ڏوهٽي، امريتا لعلچنداڻي خوبصورت آواز جي مالڪ ۽ هند ۾ ”سنڌ منهنجي امان“ گيت کي پنهنجي خوبصورت آواز سان مهانتا بخشيندڙ اهو آهي، ٺاڪر چاولا جي گهر جو تعارف. سندس ڀاءُ جو تعارف جيوت چاولا جي نالي سان آهي، جيڪو پڻ ليکڪ، ان جي نياڻي پونم پڻ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ٺاڪر چاولا پاڻ ورهاڱي کانپوءِ هڪ کان وڌيڪ سنڌي مئگزين ڪڍندڙ، ڪهاڻيڪار، اعليٰ منتظم، اسيءَ واري ڏهاڪي کان لاجواب ادبي مئگزين سپون جو ايڊيٽر، سندس ڪتاب شاديءَ جي پهرئين رات، شادي جي ٻي رات، شاديءَ جي ٽئين رات، سنڌي ڪهاڻيون، مني ڪهاڻيون، تون سنڌ ۾ رهي پئه، پبلشر جي حيثيت سان ڪيترائي ڪتاب ڇپائيندڙ اسيءَ کان پروفيسر رام پنجواڻي مرحوم جي خواب کي ساڀيان ڏيندڙ. پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو خواب، ممبئي ۾ سنڌيت کي ڦهلائڻ ۽ سنڌي ثقافت کي هلائڻ لاءِ هڪ ”مرڪز“، جيڪو اڳتي هلي سيتا سنڌو ڀَوَنِ جي روپ ۾ اڄ ممبئي جهڙي شهر ۾ سنڌيت ۽ سنڌي ثقافت جو اعليٰ مرڪز آهي. ساڳئي سينٽر ۾ رام پنجواڻي لٽريري سوسائٽي جنهن پاران ڪيترائي ڪم هلندڙ اسيءَ واري ڏهاڪي کان هر آچر تي ”سيتا سنڌو ڀون“ ۾ راڳ جو پروگرام هلندڙ آهي، جيڪو ڪهڙين به حالتن ۾ ٿيندو آهي، اها ٺاڪر چاولا جي اعليٰ منظم هجڻ جي نشاني هئي. ادبي مئگزين ٽه ماهي سپون لڳاتار جاري رهي، سوسائٽي سنڌيت سان لاڳاپيل شخصن جي مالي سهائتا لاءِ سدائين تيار رهي، ٺاڪر چاولا اهڙين ڪيترين سنسٿائن جو ميمبر رهيو. هُن ”سيتا سنڌو ڀون“ ۾ ڪيترائي انٽرنيشنل سيمينار ڪيا، جن ۾ هند توڙي سنڌ جا ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ راڳي شريڪ ٿيا. اهڙا ڪيترائي ٻيا ڪم ٺاڪر چاولا نهايت بردباريءَ سان نڀايا. سندس ساٿ ۾ سندس وني دادي پارو چاولا گڏ گڏ رهي ڏک توڙي سک ۾.
شخصي طور ٺاڪر چاولا، سچل سائين جي نگري، راڻيپور ۾ ڄائو، ڪراچيءَ ۾ وڏو ٿيو، پڙهيو ۽ شادي قلندر جي نگريءَ سيوهڻ مان ڪيائين. پيار جي، هُن جو اهو پيار دادي پارو سان پڇاڙيءَ تائين ساڳيو رهيو. کيس ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جيڪي ٽئي شادي شده آهن ۽ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن، ٺاڪر چاولا جي سنڌ ڏسڻ جو خواهش ۲۰۰۰ع ۾ پوري ٿي، جڏهن هو سچل سائين جي درگاهه جي گادي نشين، سخي قبول محمد فاروقيءَ جي دعوت تي سنڌ آيو، ساڻس گڏ دادي پارو چاولا به هئي، هو ته ڄڻ پندرنهن ڏينهن سنڌ ۾ رهيا، سڄي سنڌ گهميائون ۽ واپس وڃي ٺاڪر چاولا هڪ دل ۾ پيهي ويندڙ سفر نامو لکيو، جنهن کي سرو ڌنائين ”تون سنڌ ۾ رهي پئُه“ سنڌ مان واپسيءَ کانپوءِ محسوس ايئن ٿيندو هو هيءَ جوڙي ڪجهه سنڌ ۾ وساري وئي آهي. ايئن هو سنڌ جي محبتن کي ياد ڪندا رهيا ۽ اڄ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون، جڏهن اها پڪ آهي ته هاڻ هو نه رهيو آهي، تڏهن به دل اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي سندس يادون ايئن آهن، جيئن کيس سنڌ ڇڏڻ جون يادون هيون. هو ڪراچيءَ ۾ اڻويهه سئو اٺيتاليهن تائين رهيو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ پناهگيرن فساد ڪيا،
تڏهن هيءَ به زخمي ٿي پيو ۽ ان زخم کي به هُن جي هڪ ڏکوئيندڙ ياد جيان سنڀالي رکيو. هُو جڏهن گمڻ سانگي ڪراچيءَ آيو ته سائين تاجل بيوس مرحوم ۽ آئون کيس سندس اهو گهر ڏيکارڻ ويا هُئاسين، جنهن جو نالو ”ٺاڪر نواس“ هو. هن جڏهن اڌ صديءَ کانپوءِ اهو گهر ڏٺو ته ان تي ”عدنان منزل“ جو نالو اڪريل هو، هُن ٻڌايو ته سچ پچ هن گهر جو نالو ئي بدليو آهي، ٻيو سڀ ڪجهه ساڳيو آهي، ان حد تائين جو پناهگيرن جي پٿراءَ سان جيڪو دريءَ جو شيشو ڀڳو هو، اڌ صديءَ ۾ گهر ڌڻين اهو به نه وجهرايو هو، ائين هو پنهنجي گهر ڏي ڏسي روئي پيو هو.
ورهاڱي کانپوءِ هو ٻين سنڌين جيان هند ۾ سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهيو، پر سنڌ حاصل نه ڪري سگهيو ۽ تاريخ جو الميو اهو هو ته هڪ سنڌي، پنج هزار سال پنهنجي تهذيب رکندڙ ۽ سنڌ کي اڏيندڙ، پنجاهه سال سنڌ اچڻ لاءِ ويزا جو انتظار ڪندو رهيو.

اڄ هو جسماني طور نه رهيو آهي، سندس روح آزاد ٿي ويو آهي، هاڻ سندس روح کي ڪنهن به ويزا جي گهرج نه آهي، اهو جنهن وقت چاهي سنڌ اچي سگهي ٿو، ڪراچيءَ اچي سگهي ٿو، راڻيپور اچي سگهي ٿو، سيوهڻ اچي سگهي ٿو. ڀل اسان کيس اکين سان ڏسي نه سگهنداسين، پر اهڙي پڪ آهي ته اسان جو روح، اسان جي دل سندس موجودگي محسوس ڪندي، ڇاڪاڻ ته اسين دلي طور ڪڏهن به الڳ نه ٿيا آهيون ۽ ڪڏهن به الڳ نه ٿينداسين. ان ڪري سندس پرچاڻي به پاڻ سان ئي ڪري رهيا آهيون. ٻيءَ طرح دادي پارو چاولا ۽ ڀيڻ شوڀا سان اسين هن ڏک ۾ دلي طور گڏ آهيون، اسين ڪڏهن به جدا نه آهيون، ادبي طور ٺاڪر چاولا جي ڏک ۾ اسان سڀ سنڌ جا اديب، هند جي اديبن سان گڏ آهيون، پر اهو به محسوس ڪريون ٿا ته ٺاڪر چاولا جي وڇوڙي سان ممبئي جي سنڌي ثقافت جي ڦهلاءُ لاءِ هلندڙ تحريڪ پڄاڻيءَ تي پهتي آهي، اهو سچ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا