لال ملوڪ اوڏ
آدرش/عمرڪوٽ
لال ملوڪ اوڏ جي پهرين سڃاڻپ سگهڙ هئي. ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ لوڪ ادب جو
ڄاڻو هو. سندس جنم ۱۹۴۲ع ۾ ٿيو. پنچائت ۾ فيصلا سازيءَ طور مڃيل لال ملوڪ، پٺتي پيل
سماج جي ڏُکن سُکن جو پراڻو ساٿاري هو.
رس رهاڻ ۾ لال ملوڪ اوڏ ۽ ساجن اوڏ، گوڏو ڀڃي هڪٻئي جي سامهون ويهندا
هئا، ته رس رهاڻ ۾ ميلي جي منظرڪشي نظر ايندي هئي. ٻڌندڙ چُرن به ته ڪيئن؟ هڪڙو ڳالهه
ختم ڪري، ته سامهون ٻيو وري ڳالهه شروع ڪري. هو ڪٿائن تي بس نٿا ڪن. ڳجھارت تائين همراهن
جو ادبي مقابلو. ڏاهپ ۽ ڏات جو ڏس ۽ گس ڏيندو هو. هو انهن ڳالهين کي ساري ٿڌا ساهه
ڀريندو هو. يادون سندس من کي ڪڏهن ڪڏهن گهايل ضرور ڪنديون هيون پر پوءِ به همت جو سندرو
اڃا ائين ئي ٻڌل هو. ڪٿي مهمان ٿي وڃي، اتي لال ملوڪ پوري پاڙي جا ماڻهو گڏ نه ڪري،
شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جيڪو هن شخص ڏانهن ڇِڪ نه رکي. لال ملوڪ، پنهنجي هن لوڪ
فن ۾ ڏٺ، پرولي، دوهو، ڳجھارت، ڳوڙهو ۽ بيت جون صنفون، جيڪي هڪ سگهڙ جي وصف کي پورو
ڪن ٿيون، سي خوب ڄاڻندو هو.
لال ملوڪ جو چوڻ هو ته، صرف بيت ٻڌائڻ ۽ سگهڙ سڏائڻ مناسب ڪونهي.
هڪ ڪچهريءَ ۾ مسلسل پنجاهه ڳجھارتون ڀڃڻ جو رڪارڊ لال ملوڪ وٽ هو.
هو قطئي طور تي روايتي سگهڙ نه هو. سندس ڳالهه جو اسلوب منطقي هو. هو
هن سماج ۾ رهندي به پنهنجي سوچ ۽ آزاد تمنا جو ماڻهو هو. بلڪ ڪا بااثر سوچ، سندس ضمير
خريد ڪري نه سگهي هئي.
هو پنهنجي لائف اسٽائل ۾ سيڪيولر هو. سماجي براين تي هو حق ۽ سچ جو سهڪاري
ٿي بيٺو. ڏاهپ جي محاذ تي بيٺل هن شخص جي ضمير ۽ خمير ۾ انسانيت هئي. هو روايتي پٽيلن
۽ چڱن مڙسن جيان سوداگر نه هو. زندگي مختصر آهي ۽ مختصر زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ ۽ اهو انسان
جي ڀلي لاءِ ڪرڻ، سندس وَڙ هو. جڏھن ته هن، ڀلي وَڙ کي، هٿان نه وڃايو هو.
شاهه لطيف به اهڙن ئي زندهه دل ماڻهن لاءِ لکيو هو ته،
ڪَتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي،
کهه سا کاڻي راتڙي، جا پرين ري پيئي،
مون کي ڏنءُ ڏيئي، ڍولو ڍٽ قراريو.
No comments:
راءِ ڏيندا