; سنڌي شخصيتون: اداڪاره شهزادي

13 December, 2013

اداڪاره شهزادي


فن جي تاريخ جي شهزادي
سيد يار محمد شاهه
اسان جي شوبز ۾، اداڪاره مرحومه شهزادي، واقعي هڪ شهزادي هئي. جوانيءَ کان وٺي مرڻ تائين خوبصورت زيور، خوبصورت ڪپڙا ۽ خوبصورت ميڪ اپ ۾ هوءَ هميشه خوبصورت ترين لڳندي هئي. بليڪ اينڊ وائيٽ جي زماني ۾ هوءَ هڪ ڊاڪٽرياڻي مثل، ماڻهن جو علاج به ڪندي هئي، ته گڏو گڏ ريڊيو جي صداڪاري به ڪندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسٽيج تي اداڪاري به ڪندي هئي. سنڌيءَ ۾ ٺهندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ”پنو عاقل“ جنهنجي پاڻ شهزادي هيروئن به هئي ۽ شايد ان ۾ سندس اسي فيصد پيسو به لڳل هو، ڇو ته جڏهن آئون بحيثيت ڊسٽري بيوٽر جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي فلمن جي ڊسٽريبيوشن ڪندو هوس ته هوءَ پنهنجي فلم ”پنو عاقل“ هلائڻ لاءِ ڏاڍي منٿ به ڪندي هئي.


بھرحال اداڪاره شهزادي هڪ خوبصورت ڪردار جي مالڪ، اها نفيس مزاج اداڪاره هئي، جنهن پنهنجي دور ۾ پنهنجي فني سفر ۾ انيڪ يادگار ڪردار ادا ڪيا. ٽي وي ۽ خانگي ايوارڊ به ماڻيا. هيروئن کان ڪريڪٽر ايڪٽر تائين جو سندس فني سفر، سنڌي فنڪارن جي تاريخ ۾ هميشه ڪر کنيو بيٺو هوندو. سندس زندگيءَ بابت ڪئين فيچر ڇپيا هوندا، ڪئين انٽرويو ٿيا هئا، ۽ اڄ هوءَ اسانجي وچ ۾ نه آهي. بلڪ سپرهاءِ وي تي قائم قبرستان نالي ”باغ حسين“ ۾ ابدي ننڊ ۾ ستل آهي.
منهنجي مرحومه سان ملاقات بليڪ اينڊ وائيٽ واري دور ۾، ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي ٿي. مونکي ڊرامن جا نالا گهٽ ياد هوندا، پر اهو ضرور ياد اٿم ته هن مونسان جن جن پروڊيوسرن جي ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو، انهن ۾ هارون رند، منظور قريشي، محمد بخش سميجو، بيدل مسرور ۽ اقبال لطيف به شامل هئا. ساڳيءَ طرح مون شاهه اسد جي سنڌي فلم ”پرو“ ۽ منهنجي سنڌي فلم ”علي گوهر“ جي شوٽنگ جي ابتدا، لطيف سرڪار جي درگاهه تي جنهن پهرئين سين سان ڪئي، اها منهنجي ۽ شهزادي جي وچ ۾ هڪ خوبصورت ڊرامائي سين هئي. اهڙيءَ طرح ”پرو“ ۽ ”علي گوهر“ ۾ اسان جي وچ ۾ خوبصورت ڊرامائي منظر شوٽ ٿيا. منهنجي ئي لکيل هڪ ٽي وي سيريز ”قلم نمبر“ جنهنجي آخري ٽن قسطن ۾ شهزادي ۽ محمود صديقي وڏا جاگيردار آهن، پر پٽ جي اولاد کان محروم هوندا آهن. هڪ منظر ۾ شهزادي، محمود صديقيءَ کي روئيندي چوي ٿي ته؛ خدا جو شان آهي، جن گهرن ۾ غريب ويلن تي ويٺا آهن، ات پٽن مٿان پٽ ۽ جن جاگيرن کي وارث گهرجن، ات اولاد ئي نه آهي. اهڙي طرح مرحومه کي به صرف هڪ نياڻي هئي، جيڪا سيد گهراڻي جو نوجوان اداڪار ۽ زاهد معصومي جي ڀاءُ کي پرڻائي ڏنائين ۽ آخر تائين ڌيءَ ۽ ناٺيءَ ۾ ساهه هوندو هوس. ساڻس گڏ ڪراچيءَ ۾ اتوار بازار، منگل بازار ۽ جمعه بازار ۾ عورتن جي ڊريسن جا اسٽال لڳائيندي، اداڪاره ممتاز ڪنول سان هميشه سونا زيور ۽ ڊرامي ۾ خوبصورت لباس پائڻ جا مقابلا ڪندي رهندي هئي.
جيئن ته هوءَ ڪنن کان گهٽ ٻڌندي هئي، ان ڪري هوءَ پنهنجي مڪالمن سان گڏ سامهون واري اداڪار جا به مڪالمه مڪمل ياد ڪري ايندي هئي، ۽ رڪارڊنگ دوران پنهنجي مڪالمن جي ادائيگيءَ کان پوءِ، سامهون واري اداڪار جي چپن تي اک رکي ويٺي هوندي هئي. ان اداڪار اسڪرپٽ وارو جملو ڳالهايو، ته پوءِ شهزادي پنهنجي حصي جو جوابي مڪالمو ادا ڪندي هئي، پر جيڪڏهن سامهون واري اداڪار يا ادڪاره اهو جملو يا آخري الفاظ، ڪنهن ٻئي انداز ۾ ادا ڪيا، ته پوءِ شهزادي خاموش رهندي هئي، ۽ هدايتڪار جي ڪٽ ڪرڻ کانپوءِ وائڙي ٿي جهيڙو شروع ڪري ڏيندي. چوندي هئي ته؛ جيڪو اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي، اهو ته هن ڊائيلاگ چيو ئي ڪو نه.
پاڪستان جي سپراسٽار نديم ۾ به اها ئي فني خرابي آهي، ته هو به ڪنن کان ٻوڙو آهي، ۽ سامهون واري جي چپن تي غور ڪري، ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر اسانجي اداڪاره شهزادي اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جي واقعي خوبصورت شهزادي هئي. اسان کيس هميشه ياد رکنداسين، ڀلي ڪراچي ٽيليويزن ۽ محڪمه ثقافت وارا کيس وساري ڇڏين.
سنڌي فن جي تاريخ جي هوءَ واقعي شهزادي هئي ۽ فن جي تاريخ جي شهزادي ئي رهندي.


اداڪاره شهزادي
جيڪا سنڌي ڊرامن جي ”شهزادي“ هئي
وزير فرهاد سولنگي
سنڌي اسٽيج، ريڊيو، ٽي وي ۽ سنڌي فلمن جي ورسيٽائيل اداڪاره شهزاديءَ جو اصل نالو نسرين بلوچ هو ۽ کيس فن جي دنيا ۾ شهزادي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ٻالڪپڻ جي دور کان ريڊيو تي گلوڪاري ۽ صداڪاري سان ڪئي. اھو سندس شاگرديءَ وارو زمانو هيو، جڏهن هن ريڊيو تي قدم رکيو. ان کان پوءِ اداڪاره شهزادي پنهنجي خوبصورتيءَ، فني ڄاڻ ۽ شوق سان، سنڌي فلمن ۾ قدم رکيو. سندس فني ڪيريئر جي پهرين سنڌي فلم ”پنو عاقل“ هئي. جنهن ۾ هن هيروئن طور ڪم ڪيو. اهڙيءَ طرح هن کي ڪجھه وڌيڪ سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي. انهن ۾ هن پنهنجي فني صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو.
شهزادي آرٽ جي دنيا ۾ لاڳيتو ۴۰ سال خدمت ڪئي ۽ ننڍي اسڪرين تي ڪيترا ئي ڀرپور ۽ شاهڪار ڪردار ادا ڪيا. هي اهو دور هو جڏهن سنڌي ميڊيا ۾ فيميل آرٽسٽ جي تمام گهڻي کوٽ محسوس ڪئي ويندي هئي. انهيءَ دور ۾ غزالا رفيق، ممتاز ڪنول، قيصر نقوي، روشن عطا ۽ شهزادي اهڙيون اداڪارائون هيون جن سنڌي ميڊيا ۾ هڪ خوبصورت گروپ جي شڪل اختيار ڪري متعارف ٿيون ۽ هنن جي دور ۾ تمام شاهڪار ڊراما پاڪستان ٽيليوزن کي مليا، اداڪاره شهزادي جي فني سفر جو ڊرامو زينت هيو جنهن ۾ هن بيپناھ فني صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. اهڙي طرح سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري پنهنجو پاڻ مڃايو.
هن جي ڪيريئر جا مشهور ۽ شاهڪار ڊراما جنگل، ديوارين، راڻي جي ڪهاڻي، هٿين گل ميندي، باک، پولار، ملڪيت، سام، ناڪيلي، تلاش، گونج، ناتا، تانيا، دنگي منجھ درياءَ ۽ غلام وغيره اچي وڃن ٿا. علي بابا جي لکيل ڊراما سيريل دنگي منجھ درياءَ کي عالمي ڊراما فيسٽيول ۾ بين الاقوامي طور تي ٽيون نمبر انعام مليو ۽ هن ڊراما کي سنڌي ڊرامن جو بهترين ڊرامو قرار ڏنو ويو. جنهن ۾ شهزادي ۽ نور محمد لاشاري پنهنجي اداڪاري جا ڀرپور جوهر ڏيکاريا اهڙي طرح ٽي وي ڏسندڙ اڄ به سنڌي ڊرامن جي انهيءَ دور کي سنڌي ڊراما جو عروج وارو دور سمجهن ٿا.
پاڪستان ٽيليوزن تي سنڌي ڊرامن جو ٻيو دور جنهن ۾ اداڪاره سڪينه سمون، پروين اڪبر، نذت عباسي، شهناز سومرو، شگفتا ڀٽو، زاهده سولنگي، غزل صديق وغيره اچي وڃي ٿو. انهي دور ۾ به روشن عطا ۽ شهزادي پنهنجو پاڻ ملهائي سنڌي ميڊيا تي سٺن اداڪارن ۾ پاڻ ڳڻايو. اهڙي طرح اداڪارا شهزادي جي شخصيت ۽ سندس فني ڏات سبب هن ڪيترائي ڏکيا ۽ منجهيل ڪردار ادا ڪيا.
جنهنڪري هن کي فن جي دنيا ۾ انتهائي احترام لائق سمجهيو ويندو هو. شهزادي جي دور جا ميل اداڪار جن شهزادي سان گڏ ڪم ڪيو انهن ۾ اداڪار نور محمد لاشاري، انور سولنگي، قربان جيلاني، يقعوب ذڪيا، مشتاق جسڪاڻي، شفيع محمد شاهه، گلاب چانڊيو، فريد نواز بلوچ، شهباز دراني، مشتاق مغل ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. جن سان شهزادي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ کي وڏن فنڪارن شمار ڪرايو. اداڪارا شهزادي خاص ڪري سنڌي ڊرامن ۾ وڏيري، سس، جهڳڙالو عورت جو ڪردار بهتر انداز ۾ ڪندي هئي. جيتوڻيڪ سنڌي ثقافت تي مشتمل ڊراما سيريل هٿين گل مينديءَ ۾ هن بهترين اداڪاريءَ جو مظاهرو ڪيو پر هن راڻي جي ڪهاڻي، جنگل، غلام، باک، ملڪيت ۾ يادگار ڪردار ادا ڪري پنهنجي مداحن ۾ اضافو ڪيو.
پاڪستان ٽيليوزن تي سنڌي ڊرامن کي اردو ۾ پڻ پيش ڪيو ويو جن ۾ ڪاسٽ کي ساڳيو برقرار رکيو ويو. انهن ڊرامن ۾ راڻي جي ڪهاڻي کي ديوارين جو نالو ڏئي اردو ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ٻيو خان صاحب ڊرامو جنهن کي اردو ۾ ڇوٽي سي دنيا ڪري پيش ڪيو ويو ۽ انهن ڊرامن ۾ سنڌي اداڪارن بين الاقوامي طور تي شهرت ماڻي جنهن ۾ نور محمد لاشاري، شفيع محمد شاهه، انور سولنگي، روشن عطا، شهزادي، مشتاق جسڪاڻي، محمود صديقي وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح سڄي دنيا ۾ سنڌي ڊرامن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ مختلف ملڪن ۾ اداڪاريءَ جي ايڪڊمين ۾ سنڌي ڊرامن کي بطور تربيت ڪري پيش ڪيو ويندو هو. ان ڪري اڄ اسان اهو به بيخوف چئي سگهون ٿا ته سنڌ جي آرٽ عالمي سطح تي مڃتا ماڻي چڪي آهي. هن فني سفر ۾ ڪيترن ئي فنڪارن جون محنتون شامل آهن پر اتي سنڌي پروڊيوسرن تمام ڀرپور ڪردار نڀايو، جن ۾ عبدالڪريم بلوچ، هارون رند، محمد بخش سميجو، منظور مگسي، بيدل مسرور، فيض ٻگهيو، اقبال سعيد انصاري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
شهزاديءَ پنهنجي فني سفر کي جيتوڻيڪ چاليھه سال ڏنا پر ان باوجود هن کي پنهنجي خاندان جي ڪفالت لاءِ هڪ ڪپڙي جو دڪان ”بوتيڪ“ مينا بازار ڪريم آباد ڪراچي ۾ کوليو ۽ ان کان علاوه آچر بازار ۾ سندس سلائي ڪڙهائيءَ جو اسٽال پڻ هوندو هيو. هي پنهنجي خودار مزاج رکندڙ اها عورت هئي جيڪا پنهنجي خاندان جي ڪفالت ۾ پڻ نڀائيندي رهي. سندس آخري دور بيماري سان ويڙھ ڪندي گذريو ۽ ڪينسر جي موذي مرض ۾ وفات ڪري وئي.


اداڪاره شهزادي
سنڌي ڊرامن جي ”شهزادي“
ممتاز علي شيخ
انسان جي زندگيءَ ۾ نالي جي وڏي اهميت هوندي آهي. انهيءَ لاءِ وڏڙا چون ٿا ته نالو سوچي سمجهي رکڻ گهرجي. نالي جي معنيٰ ۽ مطلب جو وڏو اثر ٿو ٿئي انسان جي مزاج ۽ حياتيءَ جي ٻين معاملن تي. ميڊم نور جهان جو ڇٺيءَ جو نالو الله وسائي هو، انهيءَ لاءِ هوءَ ننڍي هوندي ڪنهن وڏي مرض ۽ بيماريءَ کان محفوظ رهي، پر جڏهن هن جو نالو نور جهان رکيو ويو ته هوءَ واقعي سڄي ملڪ لاءِ آواز جو نور بڻجي ويئي. اداڪاره شهزاديءَ تي به نالي جو وڏو اثر رهيو. هوءَ مزاج ۽ سوچ جي شهزادي هئي، هن انهيءَ زماني ۾ شوبز جي دنيا کي جوائن ڪيو، جڏهن سنڌ جون نياڻيون گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي به همت نه ڪري سگهنديون هيون. هوءَ ننڍي هوندي کان پرفارمنگ آرٽ سان دلچسپي رکندي هئي. فلم، اسٽيج، لوڪ گيت، لوڪ رقص هن کي تمام گهڻو وڻندا هئا. فيشن ڊيزائيننگ جو به هن کي ڏاڍو شوق هوندو هو.
۱۹۶۵ع ڌاري هن باقاعده فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ ڊراما آرٽسٽ جي حيثيت سان ڪئي. هوءَ پڙهيل لکيل ۽ فيشن ايبل عورت هئڻ جي باوجود نج سنڌي لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي. اجايو وات چٻو ڪري انگريزي لهجي ۾ ڳالهائڻ کي هوءَ پسند نه ڪندي هئي. هن جي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي پر سندس مڙس جلد ئي هن کي اڪيلو ڪري ٻئي دنيا ڏانهن هليو ويو. ان مان هن کي هڪ نياڻي هئي، پوءِ ماءُ ڌيءُ گڏجي زندگيءَ جي گاڏيءَ کي شان مان سان اڳتي گهلڻ لاءِ فيشن ڊزائيننگ ۽ گارمينٽس جو ڪاروبار شروع ڪيو. سنڌي رلي، سوسي، اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ گج وغيره کي سڄي ملڪ ۾ عام ڪرڻ لاءِ هنن گڏجي ڪوشش ڪئي. هن پهرين لالو کيت ۾ هڪ دڪان کولي سنڌي ثقافت کي عام ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. وري جڏهن خالص عورتن جي بازار ”مينا بازار“ ڪريم آباد ۾ قائم ٿي ته هنن پنهنجو دڪان اوڏانهن شفٽ ڪيو. ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ڪنهن به وڏي ننڍي شهر ۾ ڪا ثقافتي نمائش لڳائي ويندي هئي ته اتي شهزاديءَ جو اسٽال لڳل ضرور نظر ايندو هو. هوءَ اڪثر سنڌي ڇوڪرين کي چوندي هئي ته هو به اڳتي اچن ۽ پنهنجو ڪاروبار عزت ۽ شان سان شروع ڪن. ڇاڪاڻ جو سنڌي عورتون ڪنهن کان به گهٽ ناهن.
۱۹۷۰ع ۾ هن جي پهرين سنڌي فلم ”پنو عاقل“ رليز ٿي. انهيءَ فلم ۾ شهزادي پهرين نج سنڌي هيروئن طور ڪاسٽ ٿي. انهيءَ کان پهرين سنڌي فلمن ۾ نگهت سلطانه، سوزي، ڊينيل، سعيده، چڪوري ۽ انيلا وغيره هيروئن جي طور تي ڪم ڪنديون رهيون هيون، پر اهي سڀ غيرسنڌي هيون. فلم پنوعاقل جو هيرو قربان جيلاني هو. شهزاديءَ تي گانا به پڪچرائيز ڪيا ويا. لوڪ رقص به فلم جي ڊمانڊ مطابق ڪيا. ماڻهن شهزاديءَ جي پرفارمنس جي ڏاڍي تعريف ڪئي، پر ڪمرشل ذهنيت رکندڙ پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر فلمن ۾ اجايا ٺينگ ٽپا ڏيندڙ ڇوڪرين کي ڪاسٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندا هئا. انهيءَ لاءِ شهزاديءَ کي وري ڪنهن ٻي فلم ۾ هيروئن نه بڻايو ويو. ان کانپوءِ سنڌي فلم ڌرتي دل وارن جي، نادر گوهر ۽ پرو ۾ به باصلاحيت فنڪار بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو. هن ٻن اردو فلمن ۾ به ڪم ڪيو. فلمن جو ڪم جڏهن گهٽيو ته شهزاديءَ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جو رخ ڪيو، جتي کيس Welcome چيو ويو.
ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي قمر شهباز مرحوم هن آرٽسٽ جي لاءِ هڪ ڪردار تخليق ڪيو، ان ڪردار جو نالو پهرين شهزادي رکيو ويو، مگر ڪردار هڪ جهيڙاڪ ۽ بدمزاج عورت جو هو. شهزاديءَ نالي تي اعتراض ڪيو انهيءَ لاءِ انهيءَ ڪردار جو نالو شهزاديءَ بدران راڻي رکيو ويو. انهيءَ ڪردار جو هڪ تڪيه ڪلام هو ”چخي“ اهو ايترو ته مقبول ٿيو جو هر گلدستو پروگرام ۾ اهو راڻيءَ وارو ڪردار ضرور رکيو ويندو هو. اي آر بلوچ انهيءَ راڻي جو پوڙهو عاشق ۽ سهيل افغاني ان جو چرٻٽ پٽ، ڏاڍي مزيدار ڪچهري ٿيندي هئي. اڃا به اها رڪارڊنگ ريڊيو پاڪستان جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي. پي ٽي وي تي شهزادي تمام گهڻا رول ڪيا. ڊراما سيريل زينت، جنگل، ديوارين ۽ هٿين گل ميندي ۾ هن آرٽسٽ يادگار ڪم ڪيو.
۱۹۹۹ع ۾ ريڊيو پاڪستان شهزاديءَ کي بهترين ڊراما آرٽسٽ جو ايوارڊ ڏنو انهيءَ کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ادارن پاران هن کي ڪيترا ئي انعام ۽ سندون ڏنيون ويون ۽ ماڻهن خراج تحسين ۽ محبتن جا گل نڇاور ڪيا. هوءَ سنڌ جي لوڪ ناچن جو هڪ وفد وٺي چين ۽ ڪوريا جو دورو به ڪري آئي هئي. هن اتي سنڌي ثقافت ۽ موسيقيءَ کي پروموٽ ڪيو.
(ڪتاب : فلمي دنيا جا مهان سنڌي فنڪار  تان ورتل)

No comments:

راءِ ڏيندا