سنڌ جي ثقافتي سونهن جو شاعر
رکيل مورائي
اڄ سنڌ جي ثقافتي سونهن جي شاعر تاجل بيوس جي وڇڙڻ جو ڏينهن آهي، تاجل
بيوس جو وڇڙڻ سنڌي شاعريءَ لاءِ هڪ اپسوڻ آهي، هُن جي هلئي وڃڻ سان سنڌ جي ڪلاسيقي
شاعراڻي ٻوليءَ جو جديد شاعر سنڌ کان ۽ سنڌي شاعريءَ کان موڪلائي ويو. ساڳئي وقت سنڌي
ڪلاسيقي صنف، بيت ۽ وائي جو هڪ بيمثال تخليقڪار اسان وٽان هليو ويو. تاجل بيوس سنڌي
شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شاعر هُئو. اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ هُن سنڌ جون
اصلي صنفون بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏني، هڪ اهڙي تازگي جنهن کان
مٿيون صنفون گهڻو عرصو وانجهيل هيون.
تاجل بيوس بنيادي طور صوفي مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هو، جنهن کي شهري ڳوٺاڻو
روح عطا ٿيل هئو ۽ سندس خمير ۾ سچل سرمست جي مٽيءَ جي خوشبو هئي، جنهن ڪري هو پنهنجي
شاعريءَ ۾ سدائين سچل سائينءَ کي ويجهو رهيو. ان جا ڪيترائي سبب آهن، هڪ ته هو سچل
جي نگريءَ ڀرسان سوڀي ديري لڳ جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڌيو ويجهيو، ان ۾ هڪ درگاهه
پير حيات شاهه جيلاني هئي، جنهن تي راڳ ويراڳ مسلسل هلندو رهندو هو، جنهن ۾ تاجل سائين
ننڍي عمر ۾ ئي ويندو رهندو هو. ان کان اڳ سندس امڙ پڻ صوفي مزاج رکندڙ خاتون هئي، اڳتي
هلي جنهن شخص سان سندس پهريون تعلق جڙيو، اهو استاد الهندو جتوئي، پڻ صوفي مزاج رکندڙ،
شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ غالب وغيره جي شاعريءَ کان واقف هو، شعوري عمر ۾ سندس تعلق
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جهڙي شاعر سان جڙيو، جنهن کانپوءِ شمشير الحيدريءَ سان سندس ويجهڙائي
ٿي.
ايئن هو شعوري ۽ ادبي طور اڳتي آيو، پر جيئن ته ننڍپڻ ئي راڳ ويراڳ جي
محفلن ۾ سندس وڃڻ ٿيندو هو. ان ڪري موسيقي سندس روح ۾ رچي ويئي هئي. جنهن ڪري هو پهرين
عمر ۾ اهڙي ئي شاعري ڪندو هو، جنهن کي آسانيءَ سان ڳايو وڃي. سندس ان عمل سندس شاعريءَ
کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هُن جي شاعري سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني وڏن راڳين بيحد سهڻي نموني
ڳائي آهي. اڄ به سندس ڳايل شاعري ٻڌجي ٿي ته سڄي سنڌ جو صوفياڻو مزاج ۽ واڌو سنڌ ٻوليءَ
۽ ثقافت جي سونهن اکين اڳيان تري ايندي آهي، جڏهن سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير سان جڙيو ته
هو ادب ڏانهن لڙي آيو. ايئن سندس شاعريءَ ۾ اهم تبديلي آئي ۽ هو هڪ سنڌي فڪر رکندڙ
جديد شاعر ٿي اڀريو. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي شاعريءَ لاءِ صنف توڙي ٻوليءَ جي چونڊ ۾ ڪلاسيڪل
صنف ۽ ٻوليءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو. ائين هُن انهيءَ ٻوليءَ کي نئين سونهن ڏني. سنڌي ادب
۾ هو هڪ نهايت سنڌپرست ليکڪ طورآخري گهڙي تائين رهيو. هو سنڌ جو اهڙو عاشق شاعر هو،
جنهن ۾ سموري سنڌ جي سونهن نظر ايندي هئي.
سندس پهريون ڪتاب ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ جڏهن ڇپيو ته ادبي حلقن ۾ ان جي چڱي
آجيان ڪئي وئي، جنهن کيس اتساهه ڏنو ۽ هن نهايت تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو. ساڳئي وقت
سندس ڪتاب پڻ تيزي سان ڇپجڻ لڳا، ڏسندي ڏسندي سندس ٻن درجنن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا.
شاعريءَ کانسواءِ هن نثر ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن جا پڻ اڌ درجن ڪتاب سنڌي ادب جو حصو
بڻيا. تاجل سائين هونئن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن سفر ڪيا، پر هُن فقط انڊيا
جي سفرن جا سفرناما لکيا، جن جو انگ چار آهي. آخري ڏينهن ۾ هن چئين جلدن ۾ پنهنجي آتم
ڪٿا پڻ لکڻ شروع ڪئي، جنهن جا ٽي جلد سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. ايئن سندس جيئري توڙي
وفات کانپوءِ کيس بابت به چڱو ئي لکيو ويو آهي، خاص طور انڊيا جي اديبن ڊاڪٽر جڳديش
جو لکيل اهم ڪتاب ”ڏور به اوڏا سپرين“ آهي جيڪو شاهه لطيف، اياز ۽ تاجل سائين بابت
آهي. تازو ئي هند جي هڪ ٻئي اديب هولا رام هنس ”عظيم شاعر تاجل بيوس“ نالي ڪتاب لکيو
آهي، جيڪو دانش اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڊسمبر ۾ ئي سندس ورسيءَ
جي پروگرام ۾ پڌرو ڪيو ويندو. تاجل سائين پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين لکندو
رهيو ۽ سنڌ سان عشق ڪندو رهيو. اڄ سندس ورسيءَ جو ڏينهن آهي، پر هو ادبي طور اسان سان
پنهنجي ڪتابن وسيلي گڏ آهي، جيڪو ڪڏهن به جدا ٿيڻو نه آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا