قاسم پٿر
آجپي سان عشق ڪندڙ سياسي ڪارڪن
ورسي جي مناسبت سان
ڀون سنڌي
اڄڪلهه جڏهن روس جي ٽٽڻ بعد باقي دنيا ۾ اشتراڪيت جو نظريو ڪمزور، ۽ قومن
جي رهنمائي ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي، ۽ مائوزي تنگ جي نظرياتي محور کان هٽي ڪري نئين
دور جي تقاضائن سان، پنهنجي فڪري هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن مونکي
قاسم پٿر جو بنهه آزاد ۽ تقليد کان آجو سياسي موقف ۽ بحث ياد ايندو آهي. هن تي سدائين
سياسي طور تي اهو الزام لڳندو رهيو ته، هو لينن جو مخالف ۽ ٽراٽسڪي جو حامي هو. سنڌ
۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڳاڙهي ڪتاب (مائو جا نظرياتي ڪتاب ۽ داس ڪيپيٽال) کي جيئن جو تيئن
عملي جامو پهرائڻ جي مخالفت ڪندو هو، ۽ سنڌ
جي راڄوڻي روايتن ۽ سماجي بيهڪ جي انداز سان سياست ڪرڻ جو حامي هو. انهيءَ ڪري هن تي
ڪڏهن عمل جي ڇڙواڳي ۽ ڪڏهن پارٽي جي ڀڃڪڙين ۽ آخر ۾ پارٽيءَ سان غداري جا الزام به لڳندا رهيا. پر هن ڪڏهن به فڪري
نظريي ۽ عقيدت پرستيءَ ۽ شخصيت پرستيءَ کي قبول نه ڪيو، ۽ نه ئي عقيدت مندن جو حمايتي
رهيو. هو امپورٽيڊ انقلاب ۽ نظريي جو ڪڏهن به حامي نه رهيو، جنهن لاءِ هن کي گهڻي تنقيد
جو نشانو به بنايو ويو، ۽ آخر ۾ پنهنجي برپا ڪيل پارٽيءَ کان به موڪلائڻو پيس.
ان وقت قاسم پٿر پارٽيءَ جي راءِ ۽ موقف جيان مونکي به، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن
ڌر جو پارٽيءَ اندر موڪليل ايجنٽ ۽ فڪري ڇڙواڳ ماڻهو لڳندو هو. پر ويجهڙائي ۾ جڏهن
وقت نظرين مٿان ويڙهيل عقيدت جا غلاف لاهي ڦٽا ڪيا آهن، تڏهن مونکي قاسم پٿر جو انوقت
اختيار ڪيل موقف بلڪل چٽو ۽ صحيح نظر اچي ٿو. هن جي ان وقت جي سوچ مستقبل جي روشن آئيندي
جي نشاندهي ڪري رهي هئي، ۽ اڄ سموريون انقلابي ڌارا سان لاڳاپيل پارٽيون، پنهنجي نظريي
کي تقليد ۽ شخصيت پرستيءَ جي خول مان ڪڍي، وقت، سماجي حالتن ۽ زميني حقيقتن سان ڳنڍي
تبديلي لاءِ سرگرم آهن. قاسم پٿر جو سياسي ڪم ڪرڻ جو ڏانءَ هڪ عام سياسي ورڪر کان قطعي مختلف هو، جيڪو سدائين
خشڪ ۽ طوطي جيان رٽيل ڪتابي ڳالهين تي زور ڏئي ٿو، ۽ پنهنجو نظريو ٻئي تي ٿاڦڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو، ۽ نتيجي ۾ هن جون خشڪ ڳالهيون ماڻهن ۾ چاهه گهٽ پيدا ڪن ٿيون. ان جي برعڪس
قاسم جي سياسي ڪم ڪرڻ جو ڏانءَ انهن کان مختلف هو، هو جتي به ويندو هو اتي محبت جو
هڪ رشتو پيدا ڪري ايندو هو، ان محبتي ڌاڳي سان هو نظريي جي مالها جوڙيندو هو، ۽ سياسي ڪم کي اڳتي وڌائيندو
هو، اهو ئي سبب هو جو قاسم پٿر جيڪڏهن هڪ ڀيرو ڪٿان ٿي ايندو هو ته، اتي جا ماڻهو سندس
ٻيهر اچڻ جو اوسيئڙو ڪندا هئا، ۽ هن مان ڪڏهن
به خفا نه ٿيندا هئا، ائين محسوس ڪندا هئا ته، هو به هنن جي راڄ ڀاڳ جو ڀاتي آهي.سماج
جي روح ۾ پيوست ٿيل محبت جي ان انوکي انداز سان سياسي رشتا جوڙيندو هو، ۽ انهن رشتن
کي هو هڪ نئين آدرش ۽ نئين تبديليءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس سياسي ورڪر هئڻ جي هڪ ٻي خوبي اها به هئي ته، پنهنجي مخالفن جي پڊن تان به پيرا گهمائيندو
رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو اهي ماڻهو هن جا سياسي مخالف هئڻ جي باوجود به، سندس ذاتي
حلقي ۾ رهندي فخر محسوس ڪندا هئا. قاسم پٿر جي ان ملنساري ۾ ٻين جي راءِ جو احترام
ڪرڻ جي سگهه موجود هئي، جيڪا مختلف سياسي پارٽين کي سندس دڳ تي ڇڪي وٺي ايندي هئي.
هو ڄڻ ته سنڌ جي سياسي ثقافتي رشتي ۾ هڪ پل جي مثل هو، جنهن مختلف فڪرن ۽ سوچن کي ڳنڍي
سنڌ جي آجپي ۽ آئيندي لاءِ گڏيل راءِ جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ٿي ڪيو.
سياسي ڪم ڪندي هو ڪڏهن به نه ٿڪو، ارسطو جو چوڻ آهي ته: ”اميد، جاڳ جو
خواب آهي.“ اهو ئي سبب آهي جو هن جو اميد مان ڪڏهن به ويساهه ختم نه ٿيو، ڇاڪاڻ جو
هن جي اميد ٻيو ڪير به نه، پر هن جي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي آجپي ۾ هئي.
ان جاڳندڙ خواب هن کي سدائين محبت ۽ سرور ۾ رکيو ۽ ڪڏهن به مايوس نه ڪيو، معاشي مشڪلاتون
۽ سماجي مصحلتون ڪڏهن به هن جي راهه ۾ رنڊڪ نه بڻيون، اقتداري مزا ۽ زماني جون عياشيون هن جون ڪڏهن به ڪمزوري نه بڻيون، عمر
خيام جي چواڻي: پڃرو ڪيڏو به سهڻو ڇو نه هجي،
پر هوندو ته قيد خانو آهي، هن جو ڌرتيءَ جي آئيندي ۽ آجپي ۾ پختو ويساهه هو ۽ غلاميءَ
کان سخت نفرت، جنهن هن کي ڪٿي به ڀٽڪڻ ۽ پوئتي
هٽڻ نه ڏنو، ۽ جيسيتائين سندس سرير سان ساهه
جي تند جڙيل رهي، هو آدرش سان محبت جي رشتي ۾ واڳيل رهيو.
قاسم پٿر هيٺين صفن ۾ رهندي هميشه فخر محسوس ڪيو ۽ ادنيٰ ورڪر جيان پنهنجي زندگي گذاري،
جيتوڻيڪ هو هڪ تيز سياسي ورڪر هو. هن ۾ تنظيم
کي منظم ڪرڻ جون بي پناهه صلاحيتون هيون، هن جي ٻولي ۽ بيان ۾ ادبي ۽ شاعراڻيون خوبيون
موجود هيون، پر هن تي ڪڏهن به خود پرستيءَ جو ڀوت حاوي نه رهيو، ۽ نه ڪڏهن هن ان بنياد
تي پاڻ وڻائڻ ۽ پڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ نه ئي پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن آهر ڪنهن حيثيت
لاءِ دعويٰ ڪئي، ۽ نه ئي پاڻ کي ڪڏهن ڪيش ڪرايائين. ڪنهن ڏاهي اهڙن ماڻهن لاءِ خوب
چيو آهي ته، ذهانت اکرن ۾ ناهي هوندي، پر اها انهن جي معنيٰ ۾ هوندي آهي.
موت هڪ اٽل حقيقت آهي، پر مون کي الائي ڇو ڪجهه ماڻهن جي موت تي هن وقت به يقين نه ايندو آهي
ته، هو ڪو واقعي مري چڪا آهن. قاسم پٿر جڏهن
به ملندو هو ته ڄڻ جسم ۾ نئين سري سان رت گردش ڪرڻ لڳندو هو، ۽ روح انيڪ مونجهارن ۽ گهٽ ٻوسٽ مان نڪري تازي هوا ۾ موٽي ايندو هو.
آخر هو ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل هو؟ جنهن تي موسم جي سردي ، گرمي ۽ زماني جا لاها چاڙها
اثر نه ڪندا هئا، ۽ عمر جي حدن کان بي نياز سدائين زندهه دل ۽ تازو توانو رهندو هو.
شايد ان ڪري جو هن پنهنجي آجپي کي ڌرتيءَ جي آجپي ۽ قومن جي خوشحاليءَ سان ڳنڍي ڇڏيو
هو، ان ۾ ذري برابر جو به شڪ نه هو.
سارو جهان ان جو آ جنهن مسڪرائڻ سکي ورتو آ
روشني ان جي آ، جنهن ديپ جلائڻ سکي ورتو آ
اڄ به قاسم پٿر سان گهاريل گهڙيون ۽ ان جون يادون، مونکي ميندي مثل محسوس
ٿيندون آهن، جيڪي سڪي وڃڻ بعد ئي پنهنجو رنگ ظاهر ڪنديون آهن.اهڙي کاهوڙي ۽ آجپي جي
رومانس سان ڀريل ورڪر، قاسم پٿر لاءِ مولانا روميءَ جي شاعريءَ جون هي سٽون خوب ٺهڪي
اچن ٿيون:
آءُ گلين گهٽين ۾ بيڪار ڪونه پيو ڦران
عشق جي لطف ۾ آهيان، يار جي ديدار ۾ پيو ڦران.
No comments:
راءِ ڏيندا