قاسم پٿر
آجپي سان عشق ڪندڙ سياسي ڪارڪن
ورسي جي مناسبت سان
ڀون سنڌي
اڄڪلهه جڏهن روس جي ٽٽڻ بعد باقي دنيا ۾ اشتراڪيت جو نظريو ڪمزور، ۽ قومن
جي رهنمائي ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي، ۽ مائوزي تنگ جي نظرياتي محور کان هٽي ڪري نئين
دور جي تقاضائن سان، پنهنجي فڪري هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن مونکي
قاسم پٿر جو بنهه آزاد ۽ تقليد کان آجو سياسي موقف ۽ بحث ياد ايندو آهي. هن تي سدائين
سياسي طور تي اهو الزام لڳندو رهيو ته، هو لينن جو مخالف ۽ ٽراٽسڪي جو حامي هو. سنڌ
۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڳاڙهي ڪتاب (مائو جا نظرياتي ڪتاب ۽ داس ڪيپيٽال) کي جيئن جو تيئن
عملي جامو پهرائڻ جي مخالفت ڪندو هو، ۽ سنڌ
جي راڄوڻي روايتن ۽ سماجي بيهڪ جي انداز سان سياست ڪرڻ جو حامي هو. انهيءَ ڪري هن تي
ڪڏهن عمل جي ڇڙواڳي ۽ ڪڏهن پارٽي جي ڀڃڪڙين ۽ آخر ۾ پارٽيءَ سان غداري جا الزام به لڳندا رهيا. پر هن ڪڏهن به فڪري
نظريي ۽ عقيدت پرستيءَ ۽ شخصيت پرستيءَ کي قبول نه ڪيو، ۽ نه ئي عقيدت مندن جو حمايتي
رهيو. هو امپورٽيڊ انقلاب ۽ نظريي جو ڪڏهن به حامي نه رهيو، جنهن لاءِ هن کي گهڻي تنقيد
جو نشانو به بنايو ويو، ۽ آخر ۾ پنهنجي برپا ڪيل پارٽيءَ کان به موڪلائڻو پيس.