محبوب علي ڏيپر
لوڪ ادب جي نالي واري سگهڙ جو انٽرويو
ڳالهه ٻولهه:
گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سوال:
سڀ کان پهرين اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
جواب:
نالو محبوب علي ولد محمد صدق ڏيپر جنم جي تاريخ ۱۴
آگسٽ ۱۹۴۷ع، جنم جو هنڌ ڳوٺ قادر بخش ڏيپر لڳ ميهڙ صلع دادو
تعليم پرائمري جا پنج درجا پاس، سڃاڻپ سگهڙ، اولاد ۾ ۶
پٽ ۽ ۳ نياڻيون آهن.
سوال:
اوهان سگهڙائپ وارو فن ڪنهن کان سکيو؟
جواب:
آئون ۱۹۷۵ع کان وٺي هن سگهڙائپ واري فن سان وابسته آهيان شروع
شروع ۾ آئون پنهنجا ئي مزاحيه ٽوٽڪا ٺاهي ڪچهرين ۾ ماڻهن کي کلائيندو هيس. پر پوءِ
وڏن وڏن سگهڙن کي ڏٺم ۽ ٻڌم ته مون سوچيو ته آئون به انهن جهڙي شاعري ڪري سگهان ٿو
پوءِ ۱۹۸۲ع کان سنڌ جي مشهور شاعرن اسحاق راهي، ناظم منگي ۽
نشتر ناٿن شاهي کان رهنمائي ورتي ۽ شروع ۾ مون بيتن واري شاعري ڪئي ۽ ان کي سگهڙن واري
انداز ۾ پيش ڪيم ۽ طويل نظم پڙهيم.
سوال:
سگهڙائپ واري فن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون صنفون ٿينديون آهن؟
جواب:
هن ۾ ڳجهارتون، سينگار، ڏٺ، پروليون، ڏهس، گرچيلا، ڏور، پهاڪا ۽ هنر واريون صنفيون
ٿينديون آهن. مون هن وقت تائين اٽڪل ٻن هزارن تائين پنهنجا شعر ٺاهيا آهن جنهن مان
ٻارنهن سئو کان وڌيڪ شعر مون کي ياد آهن. منهنجا ۲
ڪتاب شايع ٿيل آهن. ۱. ”مٺا ٻول محبوب جا“ ۲.
”پنهنجي شاعري پنهنجو رنگ“
سوال:
اوهان کي ريڊيو ۽ ٽي وي تي اچڻ جو موقعو ڪڏهن کان مليو؟
جواب:
پهرين پهرين ته آئون مختلف مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هيس پوءِ ۱۹۸۲ع ۾ نصير مرزا صاحب جي معرفت ”ريڊيو“ تي پهتس ۽ ۱۹۸۴ع ۾ اعجام عليم عقيلي صاحب جي مهرباني سان ”پي ٽي وي“
تي سائين صالح محمد شاهه جي اوطاق ڪچهري واري پروگرام ۾ حصو ورتم ۽ هاڻي سنڌ جي مختلف
چئنلن تي موقعو ملندو رهندو آهي.
سوال:
سگهڙن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
جواب:
سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ ۾ سگهڙن جو وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. سڀ کان پهرين ته هنن اڄ
تائين پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڪئي آهي هنن جي شاعري جي ۾ نج سنڌي لفظ ملندا
ان مان ظاهر ٿيو ته سگهڙن سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان علاوه
هنن جو ويس سلوار قميص، ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪو پائڻ به نج سنڌ جي ثقافت آهي.
سوال:
شهري ماڻهو اڪثر ڪري سگهڙن ڏانهن گهٽ توجه ڏين ٿا ۽ ڪي ته اختلاف به رکن ٿا، ان جي
باري ۾ اوهان جو ڇا چوڻ آهي؟
جواب:
شهري ماڻهن وٽ ٽائيم گهٽ آهي ان ڪري اهي اسان کي گهٽ ٻُڌنِ ٿا. باقي اسان سگهڙن سان
اهي ادبي حلقا اختلاف رکن ٿا جيڪي پاڻ کي اعليٰ تعليم يافته شاعر سمجهن ٿا. اسان جو
ڪنهن سان جهيڙو نه آهي. سنڌ جي نامور ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙي ماڻهو لوڪ ادب
جي تعريف ڪئي آهي باقي ٻين جي اختلافن سان ڇا ٿيندو.
سوال:
ڇا هن وقت به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون؟
جواب:
اڄ کان ڏهه، پندرهن سال پهرين ته ٻهراڙيءَ ۾ اهي ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون، پر
هاڻي ڪجهه بدامني ۽ مهانگائيءَ جي سبب اهي اوطاقون ويران ٿي ويون آهن. باقي اڄ به ڪيترائي
اهڙا زميندار به آهن جيڪي پنهنجين اوطاقن تي سگهڙن جون ڪچهريون ڪرائين ٿا.
سوال:
اوهان جي ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟
جواب:
منهنجي خواهش اها آهي ته اسان جي سنڌ ۾ اهڙي خوشحالي ۽ امن و امان ٿئي جو ٻهراڙيءَ
جون اهي ويران ٿيل اوطاقون وري آباد ٿين.
سوال:
اوهان کي ايوارڊ ڪهڙا مليل آهن؟
جواب:
سگهڙ محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ سميت ٻيا به ايوارڊ مليل آهن جن جا نالا ياد نه آهن. باقي
ڄامشورو ۾ عاجز رحمت الله لاشاري ۽ ميهر جي ايڇ ڏيپر مون سان رهاڻ رچائي هئي.
سوال:
هن فن مان اوهان ڇا حاصل ڪيو؟
جواب:
هن فن مون کي عزت ڏني آهي. پوري سنڌ ۾ منهنجي سڃاڻپ آهي اهو ئي مون لاءِ ڪافي آهي.
سوال: آخر ۾ پيغام ڪهڙو ڏيڻ چاهيندئو؟
جواب:
سنڌ واسيو اوهان سڀني ڏات
ڌڻين جو وڌ کان وڌ خيال رکو جو اهي به سنڌ جو سرمايو آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا