سرمد سنڌي
لُڙڪَ لَڙي پيا
لار ڪري
ناصر قاضي
هي ته ڊسمبر ۲۰۱۴
هيو، پر هر سال جو ڊسمبر پنهنجي
آمد شرط سرديءَ سان گڏ جتي ڪيترن ئي ڌرتيءَ ڄاون محترمه بينظير ڀٽو، شيخ اياز، اياز
قادري، تاجل بيوس، قربان علي شيخ، روشن جي جون غمگين يادون ساڻ کڻي ايندو آهي، اتي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سرمد سنڌيءَ جي نه هجڻ وارو
احساس ڇيت جيان چڀي رهيو هوندو آهي.
سرمد سنڌي جڏهن به اسٽيج تي ڳائڻ ايندو هو ته سنڌ سان عشق جو اظهار ضرور
ڪندو هو، هن پنهنجي حياتيءَ جي مختصر عرصي ۾ سنڌ سان عشق جو جيڪو نعرو هنيو، اڄ اهو
نعرو هر سنڌيءَ جي چپن تي سرمد جي ڳايل گيتن جي صورت ۾ زندهه و جاويد آهن. واقعي به
سرمد سنڌ جو اهو پروانو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخر تائين ڌرتيءَ جي عشق کي پاڻ
کان پري نه رکيو.
سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ ستين مئي ۱۹5۸ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي شهر پريالوءِ ۾ محمد حيات
مغل جي اڱڻ تي اکيون کوليون، پر سندس ئي ڏنل هڪ انٽرويو موجب سرٽيفڪيٽن ۾ سندس جنم
جي تاريخ ستين جولاءِ ۱۹۶۱ع ڄاڻايل آهي. سندس مائٽاڻو
نالو عبدالرحمان مغل رکيو ويو. سرمد سنڌي پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ
پريالوءِ مان حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۸۰ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. عملي طور تي
۱۹۸۴ع ۾ پهريان ايڇ. ڊي. اي حيدرآباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ
ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر طور مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي
رهيو.
سرمد سنڌيءَ جو تعلق هڪ شريعت جي پابند مذهبي گھراڻي سان هو، جتي راڳ
ڳائڻ جو تصور ئي نه ڪيو ويندو هو، پر سرمد سنڌي ننڍپڻ ۾ ئي روح کي ريجھائڻ لاءِ راڳ
طرف راغب ٿيو، ايتريقدر جو پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ريڊيو يا ڪئسٽ ۾ ڪوئي به ڪلام
ٻڌندو هو ته ڳچ وقت تائين اهو ساڳيو ڪلام پنهنجي منهن جھونگاريندو رهندو هو. کيس سنڌ
جي ٻن ناميارن ڪلاڪارن ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور جو آواز توڙي انداز بيحد متاثر ڪندو
هو. سرمد سنڌيءَ راڳ ڳائڻ جي باقاعده شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن پاڻ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور
جي شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ ڪاليج ليول تي ٿيندڙ قومي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ان سان
گڏوگڏ فارغ ٽائيم ۾ پنهنجي هڪ جيڏن يارن دوستن
۾ ويهي جھونگاريندو رهندو هو. هن سڀ کان پهريان ۱۹۸۰ع ڌاري پريالوءِ ۾ لالا عزيز سان ملهايل شام جي موقعي تي استاد بخاريءَ
جو ڪلام ’رستي روڪ نه ڪر او يار‘ ڳايو.
سرمد سنڌيءَ راڳ جي بنيادي سکيا لالا عزيز کان حاصل ڪئي، جنهن بعد نامور
موسيقار شاهد حسين ڀٽي ۽ نامياري راڳي منطور سخيراڻيءَ جي صحبت مان به ڪافي فيض حاصل
ڪيائين، ان بعد پنهنجي وفات کان ڪجھه ئي عرصو اڳ نامياري موسيقار استاد ظهور خان زيبيءَ
کان موسيقيءَ جي سکيا جو عمل شروع ڪيائين، مگر موت کيس وڌيڪ مهلت ڪانه ڏني. ڪن ٻين
لکتن ۾ سندس موسيقيءَ جي استادن ۾ نامياري سارنگي نواز استاد مجيد خان ۽ نامياري ليکڪ،
پروديوسر ۽ راڳي بيدل مسرور جن جا سگھارا نالا پڻ ملن ٿا.
سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو خيرپور تي ناليواري شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي
متعارف ڪرايو، جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن تي سڀ کان پهريان هن جي آواز ۾ هڪ نعت ريڪارڊ
ٿي، جيڪا پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ جي پروڊڪشن ۾ نشر ٿي. ان بعد پي. ٽي. ويءَ تي
هو هڪ راڳيءَ جي حيثيت ۾ نامياري شاعر ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ جي معرفت پروڊيوسر هارون
رند وٽ ان وقت متعارف ٿيو، جڏهن سميع بلوچ اسسٽنٽ پروڊيوسر طور پنهنجون ذميواريون سرانجام
ڏيندو هو. ان وقت پروڊيوسر هارون رند سرمد
سنڌيءَ جي آواز ۾ هڪ نه، ٻه نه پر ٽي نغما ريڪارڊ ڪيا، جن مان هڪ لولي ’مارو لولي الو
ميان‘، ٻيو مهان ڪوي شيخ اياز جي شاعري ’رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي‘ ۽ ٽيون سميع
بلوچ جو تخيل ’تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير‘ هئا. ان کانپوءِ سرمد
ريڊيو، ٽي. وي، آڊيو ڪئسٽ ۽ اسٽيج تي بيشمار قومي توڙي عوامي، گيت، غزل، وايون ۽ صوفياڻا
ڪلام ڳائي، پڙهيل لکيل طبقي کان ويندي هڪ هاري پورهيت تائين هر هڪ سنڌيءَ جي دل ۾ پنهنجي
جاءِ جوڙي ورتي. سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جو پنهنجو هڪ جداگانه انداز پيدا ڪيو. هن جي ڳائڻ
جو انداز سمورن فنڪارن کان مختلف هو، هن ڪڏهن به فلمي طرزن تي نه ڳاتو، جيتوڻيڪ سرمد
سنڌيءَ جا ٻيا همعصر فنڪار ان وقت فلمي ڌننن تي ٿيل شاعري ڪثرت سان ڳائيندا هئا ۽ ڪئسٽ
۾ پڻ فلمي ڌنن ڳائڻ جو رواج عام ٿي چڪو هو (جيڪو رواج هن وقت سنڌي موسيقيءَ مان تقريباً
زوال پذير ٿي چڪو آهي)، پر هو هميشه نين سرجيل ڌنن کي ئي ترجيح ڏيندو هو، سندس شاعريءَ
جي چونڊ به ڪمال درجي جي هوندي هئي. سرمد جي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي موسيقيءَ
۾ جدت آڻجي. هن هميشه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف پنهنجي انقلابي آواز
جي وسيلي جنگ جوٽي. هن هر موضوع تي ڳايو، پر سندس محور سماج ۽ ڌرتيءَ جا سور هئا.
سرمد سنڌيءَ کي سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي. هن
پنهنجي ٻارن کي سنڌي تعليم ڏياري، هو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ تي فخر محسوس ڪندو هو. هن
سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي. هن پنهنجي مڌر
آواز ذريعي قومي ڪارڪنن ۾ اتساهه پيدا ڪيو، سندن روح گرمايائين، مايوس ۽ ٿڪل دلين کي
آٿت ڏنائين. موٽ ۾ سنڌي ماڻهن به سرمد سنڌيءَ کي ڪروڙين قرب ڏنا ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون.
سرمد سنڌيءَ کي ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت ملندي هئي ته فرض سمجھي ان پروگرام ۾ هليو ويندو
هو.
سرمد سنڌيءَ شاهه لطيف سميت شيخ
اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، اياز گل، ادل سومرو، زاهد شيخ، تاجل بيوس، زخمي چانڊيو،
نظر پياسي، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي، سندن پيغام کي جھر جھنگ
تائين پهچايو. سنڌي عوام ۾ کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. نامياري
شاعر تاجل بيوس کيس ’راڳ جو راڻو‘ ۽ ’سنڌ جو وڪٽر هارا‘ جو لقب ڏنو. سرمد سنڌي سائين
جي.ايم سيد جي سالگرهه جي پروگرامن ۾ هر سال ۱۷
جنوريءَ تي پابنديءَ سان سن
وڃي شريڪ ٿيندو هو. سندس زندگيءَ ۾ صرف سنڌ سان محبت هجڻ جي ڪري شر پسندن پاران ڪيترائي
ڪوڙا پوليس ڪيس مڙهيا ويا، کيس ڪراچي ڇڏي وڃڻ ۽ ڳائڻ بند ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا چتاءَ
پئي ملندا رهيا، پر هن ڪڏهن به هيڻائي نه ڪئي.
سرمد سنڌي جا سندس زندگيءَ ۾ ٻه روڊ حادثا ٿيا، هڪ حادثي ۾ پاڻ سخت زخمي
ٿي پيو، جنهن ۾ سندس هڪ ڄنگھه جي هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهنڪري کيس ڪراچيءَ جي اسپتال مان
لوهي راڊ لڳي ۽ پاڻ ان جي وسيلي هلڻ لڳو. پر ڪجھه عرصي بعد ۲۷-ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي بدين مان هڪ پروگرام
ڪري ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان
ڀريل هڪ ٽرڪ سان هڪ اهڙو بد نصيب ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ سرمد پهريان ته سخت زخمي ٿي پيو،
کيس فوري طور تي ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ سرمد ۳5 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ سنڌين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
سندس زندگيءَ جو آخري آڊيو البم ’ماروئڙا شهزور‘ هو، جنهن ۾ زاهد شيخ،
اياز گل، زخمي چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جا گيت شامل هئا. هن وقت سرمد سنڌيءَ جو ننڍو ڀاءُ
۽ ناميارو فنڪار احمد مغل سندس نقش قدم تي هلندي، موسيقيءَ جو گس وٺي، پنهنجي ڀاءُ
جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. سرمد سنڌيءَ جي وفات بعد نامياري ليکڪ علي حسن چانڊئي سندس
ياد ۾ تاثراتن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ’سنڌ جو ٻيجل: سرمد سنڌي‘سهيڙي ۱۹۹۷ع ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ شيخ اياز، نورالهدى شاهه،
عبدالغفار تبسم، سرڪش سنڌي، اياز گل سميت ڪيترن ئي اديبن ۽ فنڪار جا رايا ۽ مضمون ڏنل
آهن، هن ڪتاب کي سرمد سنڌيءَ جي مداحن پاران ايتري ته پذيرائي ملي، جو ساڳئي ڪتاب جو
ٻيو ڇاپو هڪ سال جي مختصر عرصي بعد ۱۹۹۸ع
۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. جڏهن ته نامور براڊڪاسٽر ۽ شاعر ڪوثر ٻرڙي سندس ڳايل ڪلامن
کي سهيڙي هڪ ڪتاب ’امر راڳي، امر گيت‘ پڻ شايع
ڪرايو آهي.
سرمد سنڌي
تاحيات راڳي
شاهد حسين تيوڻو
سرمد
سنڌي جنهن جو اصل ڇٺيءَ جو نالو عبدالرحمان مغل آهي پر فن سان وابستگي هجڻ ڪري هن
جو فني نالو سرمد سنڌي پيو. سرمد هڪ ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ۷ جولاءِ ۱۹۶۱ ع تي حيات علي مغل جي گهر ۾ اک
کولي. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ پريالوءِ مان حاصل ڪئي ۽ ان کان
پوءِ ڊپلوما سول انجينيئرنگ گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ۱۹۸۰ ع ۾ حاصل ڪئي ۽ سندس مجموعي تعليم بي ٽيڪ آهي. سرمد سنڌي جي شادي ۲۴
ڊسمبر ۱۹۹۳ ع ۾ ٿي
جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ عزيزالرحمان آهن.
سرمد
سنڌي سنڌ جو اهو ڀلوڙ ۽ لاڏلو گلوڪار هو جنهن کي هر طبقي ۽ هر عمر جي ماڻهوءَ ۾ وڏي
مقبوليت حاصل ٿي ۽ اها ايتري شايد ئي ڪنهن خوش نصيب فنڪار کي ملي هجي. ۱۹۸۶ع کان وٺي ۱۹۹۴ع تائين واري ڏهاڪي کي سرمد سنڌيءَ
جو ڏهاڪو چئجي ته ان ۾ ڪو به واڌاءُ ڪو نه هوندو سرمد مجموعي طور تي خوش قسمت،
مقبول ترين ۽ لکين پرستارن جي دلين تي راڄ ڪندڙ البيلو فنڪار هو. جنهن کي قومي گلوڪار
۽ رومانوي شاعريءَ جي چونڊجي حيثيت سان تمام وڏي پزيرائي۽ اعلي ترين شهرت ملي.
سندس ڳايل گيت سنڌي موسيقيءَ جو انمول سرمايو ۽ بي بها خزانو آهن.
سرمد
سنڌيءَ جيڪا هر طبقي ۽ عام ماڻهوءَ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ته
هن پنهنجي گيتن ۾ سنڌي سماج جي ان طبقي جو سڀ کان وڌيڪ ذڪر ڪيو جنهن کي عوام چئجي ٿو.
هن پنهنجي گيتن ۾ خاص کي گهٽ پر عام ماڻهوءَ کي تمام وڏي اهميت ڏني
۽ هو عام ماڻهوءَ جي داخلي جذبن ، احساسن ۽ نظرين کان ڀلي ڀت واقفڪار هو. هن کي
خبر هئي ته سنڌي سماج ۾ هيٺيون طبقو احساس محروميءَ جو شڪار آهي. سرمد سنڌيءَ کي
پنهنجي ”ماتر ڀومي“ سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي جهر جهنگ، ڪک پن، وڻ ٽڻ، پکي پسون، جبل
ريگستان، سمنڊ درياهه ڍنڍن ڍورن سنڌ جي لاڙ، ڪاڇي، اتر، وچولي، ڪوهستان، لاهوت،
هنگلاج مطلب ته سنڌ جي انچ انچ سان بي لوث محبت هئي ۽ ان جو اظهار پنهنجي گيتن ۽ مٺڙي
آواز ۾ اهڙو ته ڪيو جو سنڌ جي جهر جهنگ ۾ گونجڻ لڳو ۽ سنڌ پنهنجي پٽ تي ناز ڪرڻ لڳي.
سرمد سنڌ سان عشق جي ناتي هن گيت کي ڪيڏي نه گهرائي ۾ ڳايو آهي.
سنڌ
اوچي آ، سنڌ اوچي آ،
هن
سورج چنڊ ستارن کان، هر ڪرسي قلم ڪتابن کان،
هر
جاني جان ۽ يارن کان، ها ٻني، وني ۽ ٻارن کان،
سنڌ
اوچي آ، سنڌ اوچي آ.
پنهنجي
گيتن ۾ ماروئڙن کي ڳايو ” ماروئڙا جهانگيڙا دلدار به منهنجا ڪردار به منهنجي گيتن
جا“ سرمد سنڌي راڳ کي هڪ پيغام جي صورت ۾ سنڌ واسين تائين پهچايو ۽ قومي بيداري
پيدا ڪئي۽ سماج جي ناسور ڪردارن خلاف آواز اٿارڻ تائين ڪئين سنيها ڏنا. سرمد هڪ
ذميوار ۽ محب وطن هجڻ سان گڏوگڏ هڪ مڪمل انسان ۽ هڪ اعلى شخصيت جو پڻ مالڪ هو. اهو
اڀاڳو ۲۷ ڊسمبر
جو ڏينهن جنهن هميشه جي لاءِ اسان کان سرمد سنڌي کسي ورتو ۽ اها خبر سڄي سنڌ ۾
باهه جئيان پکڙجي وئي جنهن سان سموريءَ سنڌ پنهنجي دل کي جهٽڪو ايندي محسوس ڪيو ۽
مڪمل طور تي سوڳ جي لهر سموري سنڌ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ڀاءُ سرمد جيڪو تاريخ
جو اهڙو ڪردار آهي جيڪو هن وقت اسان سان گڏ ڀلي نه به آهي پر سنڌ جي وستي واهڻ، ڪنڊ
ڪڙڇ ۽ هر ننڍي وڏي جي دلين ۾ هن جي مٺڙي آواز وارا گيت گونجندا رهن ٿا ۽ سرمد سنڌي
تاحيات ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهڻو آ.
جڏهن
هن دنيا مان گذاري وينداسين
گھڻن
کي اسان به روئاري وينداسين.
سرمد سنڌي
رحمان مغل - معصوم ڇوڪرو
نورالهديٰ شاهه
سرمد سنڌي/ رحمان مغل- نالو ٻڌو هئم، ذڪر ٻڌو هئم، واهه واهه ٻڌي هئم
پر نه ته ڏٺوهومانس نه ئي آواز ٻڌوهومانس. بس، ائين ئي سوچيو هئم ته آهي ڪو ڇوڪرو،
نوان گيت ڳائيندو آهي- ماڻهو سندس آواز تي ڪنڌ ڌوڻيندا آهن ۽ رقص ڪندا آهن. پهريون
ڀيرو کيس فٽاز هوٽل جي اسٽيج تي زرينه بلوچ سان ملهايل شام ۾ ڏٺم – جڏهن عورتن ۽ ڇوڪرين مان ڀريل هال ۾ ”وي وانٽ
سرمد سنڌي وي وانٽ سرمد سنڌي“ جو پڙاڏو ٿي گونجيو ۽ جيجي زرينه چُپ چاپ اسٽيج تان
اُٿي وئي هئي ۽ مون پنهنجيءَ دل ۾ ڏاڍو افسوس محسوس ڪيو هو. تاڙين جي گونج ۾ هو
آيو. اسٽيج کي اپسرائون گهيريو ويٺيون هيون ۽ هُنَ جي نهارَ اُنهن جي مٿان مٿان
کان لنگهي هال جي ڪنهن آخري ڪنڊ ۾ وڃائجيو ٿي وئي.
هي آهي سرمد سنڌي!- حيرت آهي، اپسرائن ڏانهن نهاري به نٿو! اپسرائن
رڙيون ٿي ڪيون: ”اڙي چنڊ! اڙي چنڊ!.“
هن ”اڙي چنڊ“ ڳائڻ شروع ڪيو- آئون حيرت مان ڏسندي رهيس ته هر ”تُون“
تي هن آڱر ڇت يا ڀت ڏانهن ٿي کنئي ۽ اپسرائون اُن آڱر جي تمنا ۾ هوش وڃايو ٿي
ويٺيون پر نه هن آڱر کنئي نه نيڻ نهار.
ٻئي ڏينهن جمعي جو سوير منهنجي گهر پهچي ويو. ڊرائينگ روم ۾ ملڻ
وئيمانس. گهٻرايل، پريشان، هٻڪندي هٻڪندي چيائين؛ ”توهان سان ملڻ جو شوق هئم، ملڻ
آيو آهيان معافي به گهرڻي اٿم ته رات اوهان کي سلام ڪري نه سگهيس.“
هو پنهنجي ذات ۽ شهرت کان مڪمل نفي ڪيو بيٺو هو. ڄڻ هو هڪڙو مداح
آهي.
پڇيئين؛ ”توهان منهنجا ڪيسٽ ٻڌا آهن!؟“
چيم ”نه“-
”اڇا!!؟“ هو پهرين حيران پوءِ مايوس ٿي ويو. چيائين؛ ”مون توهان جا
ڪتاب پڙهيا آهن- توهان منهنجا.... منهنجي لاءِ.... تمام وڏا..... عظيم..... وغيره
وغيره“
ظاهر آهي ته هن جي نفي ڪيل وجود اڳيان آئون اڃان به قداور ٿي بيهي
رهيس ۽ ان ڪري هن جا لفظ به هر هر کُٽي ٿي پيا. هر هر خاموش ٿي وڃي وچَ ۾.
اوچتو ٻارن وانگر معصوميت مان چيائين؛ ”مون سان گڏ هڪڙو فوٽو گرافر
به آهي. اجازت هجي ته اندر سڏيانس- آئون دراصل توهان سان فوٽو ڪڍرائڻ ٿو چاهيان-
توهان مون سان فوٽو ڪڍرائندا؟“
”ضرور“. مون ڄڻ مٿس احساس ڪيو.
فوٽو گرافر آيو. هن جي ٻاراڻي ۽ معصوم Excitement ڏسڻ جهڙي هئي. فوٽوگرافر
کي چوي؛ ”يار هيئن فوٽو ڪڍ، هُونئن ڪڍ، بيهه ته وار ٺيڪ ڪريان بيهه ته هتان
بيهان.“
هڪڙي ننڍڙي ٻار وانگر هن مون کان آٽوگراف ورتو. چيائين؛ ”اوهان جي ڪنهن ٻار جي برٿ ڊي ٿئي ته مون کي ضرور سڏجو....“
”ڀلا..... هي فوٽو آئون ڇپرائي سگهان ٿو؟...... آئون پنهنجي ڪيسٽ
موڪليندس. ضرور ٻڌجو! هي منهنجو ڪارڊ ڪڏهن خيال اچي ته فون ڪري ڇڏجو!“ هٿ ٻڌي خدا
حافظ ڪيائين ۽ ٻاهر نڪري ويو.
مون سندس ويندي ئي ڪارڊ ڦاڙي ڇڏيو. نه ڪڏهن هن فون ڪئي نه مون. پر
مون آهستي آهستي کيس ٻڌڻ شروع ڪيو ۽ ويس مسحور ٿيندي. هن جو آواز ويو منهنجي ذوق
کي قبضو ڪندو. منهنجو ذوق جنهن کي مخصوص ڳائڻن معذور ڪري ڇڏيو هو. بس دل چاهيندي
هئي ته سرمد سنڌي کي ٻڌان ۽ چوريءَ ٻڌندي هيس. ڀلا مون جهڙو باذوق اهو کليو کلايو
ڪيئن هن ڇوڪري کي ٻُڌي!! ۽ جيڪو ڪم چوريءَ ڪبو آهي اُن ۾ پاڻ نفاست اچي ويندي آهي.
جيئن جيئن کيس ٻڌندي هيس، مون کي اُها معصوم ملاقات ياد ايندي هئي ۽ دل چاهيندي
هئي ته هاڻي هو ٻيهر ملڻ اچي. هڪڙو فوٽو مون وٽ به هجي! هاڻي ڪو کيس ڪافي دير
ويهاريان روبرو ٻڌانس ۽ ٻڌايانس ته مون کي رڳو تنهنجو آواز نه پر تون به وڻين ٿو.
پر هو مون کان به حساس نڪتو. خبر اٿو، ڇا ڪيائين!؟ اُن کان پوءِ ڪيئي ڀيرا
ملياسين. هو اسٽيج تي ايندو هو ۽ آئون اڳين ڪنهن قطار ۾ ويٺل هوندي هيس. مون تي
نظر پوندي هئس. بس هڪڙي خاموش نهار، هڪڙي اڻپوري مُرڪَ. هر ڀيري دل چاهيندي هئي
اُٿي وڃي ملانس. سوچيندي هيس ”ڇڏ- نورالهديٰ شاهه- اڄ نه- هاڻي ڀريل هال مان اُٿي
وڃي ڪير ٿو ملي!!“ ۽ ائين هڪڙي ڏينهن اخبار ۾ پڙهيم.
نه اُها خاموش نهار- نه اُها اڻپوري مُرڪ.
هاڻي آواز به ڪونهَ ٻڌندي آهيانس. پر رستن تان لنگهندي هُنَ جو آواز
پري پري کان ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي، ڄڻ بادلن تان پيو ڳائي، ڄڻ هوا ۾ پيو گهلي. هاڻي
ڪڏهن ڪڏهن دل مان هڪڙي لهر اُٿندي آهي. ڪڏهن (جي زندگي آهي ته) اُن معصوم ڇوڪري جي
قبر تي هڪڙو گلاب رکي اچان، جيڪو مون سان اُن فوٽوءَ ۾ باقي رهجي ويو آهي.
پر سڀ اجايو آهي. ڪيئن هن کي خبر پوندي ته نورالديٰ شاهه ان جي مداح
بڻجي چڪي آهي (هن جي جيئري ئي). پر صد افسوس ان مداح جي حصي ۾ نه فوٽو آيو نه
آٽوگراف.
سرمد سنڌي
سنڌ جو ٻيجل - تنهنجي ياد جي وري آ وير
ايس
آر ميراڻي
سنڌ
جي ساهتي پرڳڻي جي شهر پريالوءِ ۾، حيات علي مغل جي گھر ۾ ۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي جنم وٺندڙ،
ان شخصيت جنهن جي ڇٺي جو نالو تجويز ڪندڙ به پنهنجي پائي جو اعلٰي بزرگ هاليجوي صاحب
هيو جنهن ان ننڍڙي ٻار جي ڄمڻ وقت ئي اهو اندازو لڳائي ورتو هيو ته هي ڇوڪر زندگي جي
هر امتحان ۾ پنهنجي سچائي ۽ محنت سان ڪامياب ٿيندو. عبدالرحمان مغل جي نالي سان هن
دنيا ۾ پير پائيندڙ ان ڇوڪر کي ننڍي هوندي کان ئي چنگ وڄائڻ جو شوق هوندو هيو. ڀلا
ڪنهن کي خبر هئي ته اهو شوق هن کي ڌرتي جي عشق ۾ فن جي دنيا ۾ وٺي ويندو ۽ اڳتي هلي
سرمد سنڌي جي نالي سان سڃاتو ويندو.
سرمد
سنڌ جو اهو ته لاڏلو ۽ اربيلو گلوڪار هيو جنهن کي هر طبقي هر عمر ۾ جيڪا مقبوليت ملي
اها شايد ئي ڪنهن فنڪار جي نصيب ۾ آئي هجي. سنڌ اندر ۱۹۸۶ع کان وٺي ۱۹۹۴ع تائين هڪ
اهڙو دور هيو جنهن دور ۾ نوجوانن کي شعور سجاڳ ڪرڻ تمام ضروري هيو. اهو ڪارنامو سنڌ
جي هن ٻيجل پنهنجي آواز ذريعي سرانجام ڏنو. شايد اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي هن محبوب
گلوڪار جي وڇوڙي کي سال گذري چڪا آهن پر اڄ به لکين ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. سنڌ
جي مهان شاعرن شاهه عبداللطيف، سچل، سرمست، شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، انور
پيرزادي، حليم باغي ۽ زخمي چانڊيو سميت ڪيترن ئي نامور شاعرن جي شاعري کي پنهنجي آواز
ذريعي جهنگ جهر ۾ پهچايو. اهو ئي سبب آهي ته سندس ڳايل ڪلامن مان ڪيترا ئي ڪلام، سنڌي
موسيقي جو انمول سرمايو ۽ بي بها خزانو آهن.
تعليمي
دنيا ۾ ڊپلوما سول انجنيئرنگ ۽ بي ٽيڪ ڪندڙ، هن نوجوان فن جي دنيا ۾ نامور نالن استاد
سليمان ٻرڙو، قائم الدين کورکاڻي، استاد مجيد خان، شاهد بزمي کان سکيا ورتي. ”رات آئي
وئي تهنجي ياد جي وري آ وير“ جهڙن گانن سان پهريون دفعو ٽي وي تي آيو. سرمد راڳ کي
هڪ پيغام جي صورت ۾، سنڌ جي ماڻهن تائين پهچايو. جنهن ۾ وطن جي غدارن سان مهاڏو اٽڪائڻ
کان ويندي سماج جي ناسور ڪردارن خلاف آواز اٿارڻ تائين ڪيئي سنيها هئا. سرمد هڪ ذميوار
۽ محب وطن سان گڏ هڪ هڏ ڏوکي ماڻهو به هيو جنهن هر ماڻهو جي اهنج ۽ ايذاءَ کي پنهجو
درد سمجهو.
پنهنجي
آواز ذريعي اڄ به سرمد جا ڳايل ڪلام ٿيندڙ ڏاڍ ظلم لاءِ گونججن ٿا:
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان
جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا
سا رات اڃان ڀي جاري آ
۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون
هي پنڌ پري جو واري آ
مان ڪنهن سان پنهجا سور سليان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان
ڊسمبر
۱۹۹۶ع جمع جي ڏينهن، سرمد اسان کان جسماني طور هميشه لاءَ وڇڙي ويو. پر سرمد سنڌ جي
ماڻهن جي دلين ۾ اڄ پهنجي آواز جي ذريعي امر بڻيل آهي. سنڌ جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم خلاف
بيچين رهندڙ هن گلوڪار پنهنجي آخري محفل ۾ به وقت جي بي رحم قوتن ۽ جابرن کي به ”او
قاتل بدلو وٺنداسين هر خون جي قطري قطري جو“ چئي للڪاريو.
سرمد سنڌي
عبدالرحمان مغل ولد
حيات علي مغل اسٽيج جي دنيا ۾ سرمد سنڌي سڏرائيندو هو.
پاڻ ۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع ۾ پريالوءِ ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هن
پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پريالوءِ ۽ ميٽرڪ هاءِاسڪول پريالوءِ ۾ پاس ڪرڻ
کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي جتان ڊپلوما انجنيئرنگ سول ٽيڪنالاجي ۾
پاس ڪيائين. هوءَ پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر هو.
هن سڀ کان پهرين راڳ
جي تربيت راڳي لالا عزيز کان حاصل ڪئي.
ٽيليويزن ۾ سڀ کان
پهرين هن نعت ڳائي. جيڪا پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي رڪارڊ ڪئي.
ان کانپوءِ راڳ جي
حوالي سان پروڊيوسر سميع بلوچ سندس تمام گھڻي مدد ڪئي. هو هن کي هارون رند صاحب وٽ
وٺي آيو. سڀ کان پهرين هڪ لولي ٻيو شيخ اياز جو ڪلام ”رات آئي وئي“ ۽ ٽيون ڪلام
سميع بلوچ جو ”تنهنجي ياد جي وري آ وير“ شامل آهن.
هونءَ ته سندس سڀ ڪلام
مشهور ٿيا پر انهن ۾ تنهنجي ياد جي وري آ وير تمام گھڻو مشهور ٿيو.
سرمد تمام ٿوري
عرصي ۾ گھڻي مقبوليت ماڻي.
سرمدَ، زاهد شيخ،
استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، شيخ اياز ۽ راشد مورائي کي گھڻو ڳايو. هن پنهنجي راڳ
وسيلي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ به نئون روح ڦوڪيو.
پاڻ مائٽن جي مرضي
سان بختاور نالي عورت سان شادي ڪيائين. کيس زندگي ۾ هڪڙي نياڻِي ڄائي ۽ سندس وفات
کان ٻه ٽي ڏينهن پوءِ پٽ ڄائو.
کيس زندگي ۾ ٻه وڏا
روڊ حادثا پيش آيا. هڪڙو سکر ۽ خيرپور وچ ۾ جنهن سبب هوءَ معذور ٿي پيو. ۽ وهيل
چيئر تي هلڻ لڳو.
هن کي ٻيو روڊ
حادثو ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي ان وقت پيش آيو. جڏهن هوءَ بدين کان ٺٽي رستي ڪراچي
اچي رهيو هو. اهو حادثو اسانکان سرمد کسي ويو.
سندس ڪلامن کي گڏ ڪري
ڪوثر ٻرڙوصاحب ڪتاب ” امر راڳي امر گيت سرمد سنڌي“ لکيو.
۽ سرمد جي وڇوڙي
بعد سندس بابت لکيل مضمونن،تاثرن ، ۽ اخباري ادارين تي ٻڌل هڪ ڪتاب نالي ” سنڌ جو ٻيجل
سرمد سنڌي “ ڇپرايو ويو.
سندس ڳايل ڪجھ
مشهور ڪلام هيٺ ڏجن ٿا.
۱ تنهنجي ياد جي وري آ وير
۲ ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو
۳ دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا
۴ جلاوطن جلاوطن مان ڪيئين رهان جلاوطن
۵ گھاو مونکي لڳا ڏس اڪيلي گھڻا
۶ ڏکڙيا ڏينهڙا ڏوري وڃبا
۷ هونئن ته مٽي جي چپٽي آهيان جيئي ديس ته ڌرتي آهيان
۸ آئون ڪيئين سيج سمهان منهنجا ماروئڙا پڌري پٽ سمهن
۹ جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين
۱۰ ڪتيون ڪيئي ياد ۾ گذريون چڱو چيٽن ۾
ملنداسين
۽ ٻيا به ڪيترائي
مشهور ڪلام ڳايا. سرمد هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن کي هر طبقي جا ماڻهو ٻڌڻ پسند ڪندا
آهن.
دعا آهي ته الله
کيس جنت نصيب ڪري ۽ سندس مغفرت فرمائي. ”آمين“.
سرمد سنڌي
تون ته امر آن راڳيا!
ساگر سنديلو
ڊسمبر جو مهينو هميشه ئي اذيت ڏيندڙ
مهينو ثابت ٿيندو رهيو آهي. هي اهڙو مهينو آهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ادبي شخصيتون پنهنجي
مداحن کان وڇڙيون. سنڌ کان ڪيتريون ئي املهه هستيون هن مهيني ۾ جدا ٿيون. ۲۶
ڊسمبر تي سائين جي ايم سيد جي نياڻي درشهوار سيد، ۲۶
ڊسمبر تي ئي اردو ادب جا وڏا نالا ڊاڪٽر شمس سومرو پروين
شاڪر ۽ منير نيازي، ۲۷ ڊسمبر
تي بينظير ڀٽو، ۲۸ ڊسمبر
تي شيخ اياز راهه عدم تي روانا ٿيا. انهن سڀني هستين ۾ هڪ اهڙو نالو به شامل آهي جنهن جي گيتن جي گونج سندس وڇوڙي جي ٻه ڏهاڪن
کان پوءِ به سنڌ ۾ پوري شدت سان ٻڌي وڃي ٿي، اهو نالو آهي سرمد سنڌي جو جيڪو ۲۷
ڊسمبر تي سنڌ کان جسماني وڇوڙو ڪري جوڀن واري ڏينهن ۾ هڪ
تازي گلاب جي بي وقتين هوائن هٿان پن جيان ڇڻي پيو. ان لاءِ ئي شايد لطيف چيو هيو؛
سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر
هليا،
روئان، رهن نه سپرين، آيل ! ڪريان
ڪيئن !
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو
اوهري !
هاءِ اسڪول جو زمانو هيو. ڪتابن
سان ويجهڙائي ته پرائمري واري دور کان هئي. هي اهو وقت هيو جڏهن سنڌي ادبي
رسالا توڙي ڪتاب پڙهڻ جو رجحان تمام گهڻو
وڌيل هيو. ان دور ۾ هڪ طرف ته ڪتابن تائين وڌ کان وڌ پهچڻ جو جنون هيو ته ٻئي پاسي
ڀارتي فلمي دنيا ۾ ڪمار سانو جو عروج هيو. ان جي گانن کي ٻڌڻ به هڪ عام وندر بڻيل
هئي.. ان جي ڪري ڪتابن ۽ ڪمار سانو جي گيتن سان دل پئي وندرائبي هئي. سنڌي ڳائڻن
سان پري پري تائين نه پوندي هئي، ۹۶ع، ۹۷، واري ڪنهن سال ۾ شاهه گودڙي تي وڃڻ ٿيو. شاهه گودڙيو ميهڙ لڳ سنڌ بلوچستان
جابلو پٽي ۾ هڪ پير جو آستان آهي. جتي اڪثر ماڻهو سکائون کڻي ويندا آهن. پاڻ سفر
جي شوق سبب اوڏانهن جو رخ ڪيوسين.
رات جو جڏهن چنڊ پنهنجي جوڀن سميت
چانڊوڪي انهن پهاڙن تي ڦهلائي ته هڪ عجيب منظر پيدا ٿيو جنهن جي ڪشش بي پناهه هئي.
هڪ انتهائي وڻندڙ رات، هلڪي هلڪي هوا سان گڏ چانڊوڪي وري پهاڙن جو ڊگهو سلسلو، ۽
انهن پهاڙن جي قدرتي بيهڪ هڪ نئون ڏيک پئي ڏنو. تنهن وقت پري ڪنهن ٽريڪٽر جي ٽيپ ۾
هڪ گيت پئي هليو
“اي چنڊ پرينءَ کان آءَ پڇي، ڪا
تو کي ننڊ به ايندي آ،
جنهن ڏينهن رٺي هوءَ مونکان آ،
تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ”
اهو آواز، اهو آلاپ، ايترو ته
پر اثر هيو جو سڌو دل ۾ لهي ويو. دوست کان پڇيم ته هي ڪنهن جو آواز آهي. چيائين: سرمد
سنڌيءَ جو جيتوڻيڪ ان کان اڳ ڪيترا ئي ڀيرا سرمد سنڌي جا قومي گيت مختلف تقريبن ۾ ٻڌاسين.سندس
تعارف به برزباني ياد هيو. پر اڳ ۾ شوق ڪڏهن به نه رهيو هيو ته کيس ٻڌجي. پر شاهه
گودڙيي جي پهاڙين ۾ چانڊوڪي رات ۾ اهو
آلاپ جڏهن ڪنن تي پيو ۽ دل ۾ لهي ويو ته سرمد سنڌي کي ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڄڻ ته سرمد
سان اها پهرين سڃاڻپ هئي.
سرمد سنڌي جي هر گيت جي شروعات
هڪ رڙ سان ٿيندي هئي.هڪ اهڙي رڙ جيڪا هن ديس جي اندر جي دانهن هئي. اها رڙ در اصل
هن ديس واسين کي جاڳائڻ لاءِ هوندي هئي جن کي بي فڪري جي ننڊ ڪندي صديون گذريون آهن،
پر جاڳ اڃان به هنن کان ڪوهين ڏور آهي.
اهو عجب اتفاق هيو ته منهنجي سڀ
کان ويجهي دوست وٽ سرمد جي مڪمل ڪليڪشن موجود هئي. جنهن بابت مان اڻڄاڻ هيس. هو سرمد
جو پوري ڳوٺ ۾ اڪيلو مداح هيو. جنهن وٽ
پوري ڪليڪشن سانڍيل هئي. بس پوءِ هڪ هڪ ڪري سرمد سنڌي جا سمورا گيت ٻڌندو رهيس.
سندس آلاپ جو مداح بڻجندو ويس.
قومي گيت جن ۾ شيخ اياز، حليم
باغي، استاد بخاري ، زاهد شيخ جي شاعري هجي يا وري جمن دربدر جو وٺي هر هر جنم وربو
، مٺا مهراڻ ۾ ملبو تائين وارا گيت هجن.
ياوري رومانس واري شاعري “سهڻا پنهنجي
اکين کي جهل تون “ توڙي “چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ” واري سائين ارشد
جي شاعري هجي. هر هڪ گيت دل ۾ لهندو ويو. سرمد جي شروعاتي آلاپ ، توڙي ڏوهيڙن سان ڪلام
جي شروعات ڪرڻ واري انداز جيءِ ۾ جاءِ جوڙي ورتي.
پوءِ هڪ سلسلو شروع ٿيو کيس ٻڌڻ
جو، جيڪو هينئر تائين جاري آهي.
سرمد هن ديس جي ڏکايل ڌرتيءَ جو
آلاپ آهي. سندس آلاپ ۾ هن ديس جو درد
سمايل آهي. هڪ پاسي ته هو محڪوم ۽ مجبور ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪندي نظر ايندو
آهي ته، ٻئي پاسي، هو دلين جي درد جو به ترجمان لڳندو آهي. سندس ڳايل گيت؛
اي قوم ٻڌايا ٿي قصا، ڪلهه مون
توکي تقديرن جا،
رت ديس تنهنجي راهه ۾ ، جي ڦڙوڦڙو
ٿي وهي وڃي،
ڪو انقلاب ساٿيو
توڙي
آئون ڪيئن سيج سمهان
واري گيت تائين هر هڪ گيت سنڌ
جي اداس وادي جي منظر ڪشي ڪندڙ آهي. جنهن
۾ هن ديس جو سمروو درد اوتيل آهي. انهن گيتن جي شروعاتي آلاپ واري هر رڙ در اصل هن
ديس جي رڙ آهي. اها دانهن هن ديس جي دانهن آهي. انهن گيتن جو درد هن ديس جو درد آهي.
انهن گيتن جي پيڙا ، هتان جي هر محڪوم ۽ مجبور دل جي پيڙا آهي.
نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي، سڏڪن
۾ ته ساريو هوندئي،
مون کي نه وساريو هوندئي
يا وري استاد بخاري جي شاعري
جي هي دلبو هو، جي هي دوکو هو،
اعتبار مون کي ڇو ڏنئي
ايڏو پيار مون کي ، ڇو ڏنئي !
اهڙا سمورا گيت ٽٽل دل وارن
عاشقن جي اداسين وارين گهڙين جا ساٿي آهن. اهي گيت در اصل انهن ٽٽل دلين واسطي
مرهم وانگر آهن. اهي انهن دلين جي ڦٽن تي اهڙا پها آهن جيڪي وقتي طور تي انهن زخمن
جي درد کي سڪون ميسر ڪن ٿا. جيڪي يادن جي رڻ ۾ رلائيندي به انسان کي آٿت فراهم ڪن ٿا.
انهن سڀني کان هٽي ڪري سماج اندر
عورتن سان ٿيندڙ ويڌن کي به سرمد پنهنجي گيتن ۾ شامل ڪيو آهي.
هوءِ نچڻي نچڻي ڇو آهي !! يا
وري
اکين کي جهيلو مون، مڙيون ڪين
آخر، ڀري راڄ ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳيون هن،
تنهنجي ڪاڄ ڪامين، پڇيو ڳالهه ڇا
هي، نٽائي چيم پريشانيون وڌيون هن،
يا وري
هوءَ ڪاري هئي ، پر بي ڏوهي
ويچاري هئي
سرمد جو ڳاتل هر هڪ گيت سنڌي سماج
۾ عورتن سان ٿيندڙ وارداتن جو ڪچو چٺو کوليندڙ آهي . هر هڪ گيت ۾ سنڌي جي مظلوم عورت جي دانهن ۽ درد سمايل آهي.
توڙي جو سرمد سنڌي جي حياتي جو
سفر پورو ٿئي ٻه ڏهاڪا گذري ويا آهن پر سندس آلاپ ۽ سندس آواز جو سفر هميشه جاري
رهڻو آهي، سندس آلاپ ۽ سندس آواز کي ڪا به فنا ناهي. ڇو ته اهو ٽٽل دلين جو آواز
آهي، اهو لٽيل ديس جو آواز آهي ۽ اهو ڀوڳنائن جي
شڪار عورتن جو آواز آهي. سندس آواز امرتا جي اهڙي مقام تي پهچي چڪو آهي جتي
فنا جو ڪو وجود ناهي.
هر دور ۾ جڏهن به ذڪر ديس جي
دردن جو ٿيندو، جڏهن به ڳالهه ٽٽل دلين جي ٿيندي ۽ جڏهن به بحث مظلوم عورتن جو ٿيندو،
سرمد جو آلاپ ۽ آواز ويتر سگهارو ٿيندو ۽ سڀني کي ياد ايندو.
هونئن ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان،
جيئي ديس ته ڌرتي آهيان
سانگين سان گڏ سالگرهه ۾ ، وڇڙي
ويس ته ورسي آهيان.
سرمد سنڌي
ٻيجل جي تند جو رکوال راڳي
ڪوثر سنڌي
اڄ وري منھنجو قلم ھڪ اھڙي مھان
۽ بھادر ڪردار تي لکي رھيو آھي،جيڪو ڪنھن لفظن جو محتاج ته ناھي، نه ئي اعلي ۽ خودار
ڪردار ڪنھن انعام يا لفظن جا محتاج ٿيندا آھن.
منھنجي قلم ۾ ايتري قوت ۽ سگھه ناھي، جو مان اھڙي دلير ڪردار کي صحيح لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي
سگھان، ھي ڌرتي امر آھي، ھن کي جنھن ب سيني سان لڳايو آھي، ڌرتي ان کي صدين لاءِ امر
بڻايو آھي، بقول سرمد جي ته؛ ”مون ڌرتي تنھنجا گيت ڳاتا، تڏھن مون سان اڄ شام
ملھائي وئي، ھي شام نه ھئي سمجھاڻي ھئي جا سمجھائي وئي.“
ڪنھن عظيم ڪردار تي لکڻ ڪيترو ڪٺن
ڪم ٿيندو آھي، ان کي فقط ھڪ قلم ڪار ئي محسوس ڪري سگھي ٿو، ڇو ته جيڪڏھن ان عظيم ڪردار
کي ڪو قلم ڪار صحيح لفظن ۾ پوئي نٿو سگھي، ته اھو قلم ڪار پوءِ ان ڪردار آڏو ھميشه شرم سار رھجي ٿو وڃي! سرمد
سنڌي يقينن ھي نالو ڪنھن تعريف جو محتاج ناھي، پر ھن نالي سان سلهاڙيل ڪردار جي
زندگيءَ بابت ان جو اڀياس ورجائڻ اسان لاءِ ۽ اسان جي ننڍي نسل لاءِ انتھائي ضروري
آھي. ڇو نه پوءِ انھيءَ بھادر ڪردار جي زندگي جو پھرين اڀياس ڪجي،!
سرمد سنڌي جي زندگي جو سفر ڪئين
گذريو؟ اچو ته اڳتي پڙھون! سرمد سنڌي جنھن جو اصل نالو عبدالرحمان مغل، ولد حيات
علي مغل. سرمد جي جاءِ پيدائش پريالوءِ ضعلو خيرپور ميرس. ڄمڻ جي تاريخ اصل ست مئي
۱۹۵۸ع ۽ سرٽيفيڪٽ تي لکيل ڄمڻ جي
تاريخ ست جولاءِ ۱۹۶۱ع. سرمد جو نالو اصل نالو عبدالرحمان
مغل، تجويز ڪندڙ ھاليجوي بزرگ، ۽ وري سرمد نالو تجويز ڪندڙ، سيد غلام مرتضيٰ شاھ،
عرف جي ايم سيد، سرمد جو ننڍ پڻ ۾ سڀ کان وڌ شوق؟ چنگ وڄائڻ، سرمد پنھنجي جي پرائمري
۽ سيڪنڊري تعليم پنھنجي اباڻي شھر پريالو مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ هن وڌيڪ تعليم
لاء يعني ڊپلوما سول انجنئرينگ جي داخلا گورنرمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خير پور ميرس ۾
ورتي ۽ اتان ۱۹۷۹۽۸۰
ڌاري حاصل ڪئي.
سرمد پنھنجي فن جي سکيا استاد
سليمان ٻرڙو، قائم الدين کورکاڻي، استاد مجيد خان، ۽ شاھد بزميءَ کان ورتي، سرمد ريڊيو
ٽي وي تي پنھنجي فن جو آغاز ۱۹۸۵ع کان ڪيو،
سرمد سنڌي، ٽي وي تي سڀ کان پھرين گيت او بگا لولي، رات آئي وئي، تنھنجي ياد جي
وري آوير رڪاڊ ڪرايا،
سرمد سنڌي اھڙو انقلابي راڳي ھو،
جنھن پنھنجي قوم ۾ قومي بيداري پيدا ڪئي. سرمد پنھنجي ڪوئل جھڙي مٺڙي آواز سان لکين
مداحن جي دلين تي راڄ ڪيو. هن پنھنجي سنگيت وسيلي پنھنجي سنڌي قوم جي ۽ سنڌ جي ڏکن جي ترجماني ڪئي.
سرمد سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ چوڏھين
جي چنڊ جيان چمڪي ڏيکاريو، ۽ اھا چمڪ صديون ھن ڌرتيءَ تي پنھنجي چمڪ جا ڪرڻا چٽيندي
رھندي، ھزارين راڳي ھن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندا رھيا، جن پنھنجي فن وسيلي پنھنجون
خدمتون ارپيون، پر سرمد پنھنجي فن پارن کي اھڙي ريت ھن ڌرتيءَ کي بيان ڪيو ، شايد
ئي اڳ ڪو راڳي پيش ڪري سگھيو ھجي.
سرمد جي آواز کي بچپن کان ئي ڪا
امڙ جي لولي ڏنل ھئي، جنھن سنگيت جي دنيا ۾ اعلي مقام تي آڻي پھچايو.
سندس ڳائل گيت “گھور وڃي تو تان
ماءُ” اڄ به سرمد جي لکين مداحن کي موھي وجھي ٿو. چيو ويندو آھي ته ڪلا سورج اڀاري
ٿي. اھو چوڻ ۾ ڪو واڌارو نه ٿيندو ته سرمد انقلابي سنگيت کي سج جيان اُڀاري ڏيکاريو.
سرمد پنھنجي انقلابي سنگيت ۽ ڏکويل ڌرتيءَ جي ماروئڙن کي وڌ کان وڌ ٽائيم ڏنو، هن پنھنجي
ڌرتي ماءُ جي سرويچ پٽن کي به نه وساريو، هن جي فن پارن ۾ سيد جا لاڏا جمالا به
تعريف جوڳا آھن.
سرمد جو راڳ ته پنھنجو مٽ پاڻ
آھي، پر سرمد جون سنڌي ماڻھن سان مالي مددون به ان جي ڪردار جو ڏس ڏين ٿيو ته ھو ماڻھو
ڪو مور ھو.
سرمد جي ننڍڙي ٻارن کان ويندي پيرسن
ماڻھن سان ايتري ته محبت ھئي. جنھن جا مثال اڄ به سنڌ جي جھر جهنگ وستي وستي واھڻ
واھڻ ۾ ملي سگھن ٿا.
اڄ اھو اڀاڳو ڏينھن پنھنجو ڪر کڻندو
جنھن اسان کان اھڙو دودو ڪردار کسيو ھو، ھونئن به ھي ڊسمبر جڏھن بج وريو آھي اسان کي
فقط هن لڙڪ ئي جھولي ۾ وڌا آھن، جن لڙڪن کي وھائيندي اکين ۾ گھارا پئجي ويا آھن، پر
ھي ڊسمبر پنھنجي ڪرت کان باز نه آيو آھي، سرمد ھڪ وڏي شخصيت آھي، جنھن کي آئون
ناچيز معمولي ليکڪ ڪھڙي ڀيٽا ڏئي سگھندس منھنجي قلم ۾ اھا ڀيٽا واري سگهه نه آھي. ھڪ
ياد آھي جنھن کي آئون ساھ جي آخري گھڙي تائين وساري نه سگھندس، منھنجا ڀاءُ! سرمد ڌڻي
در دعا آھي ته ڌڻي توھان کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري. موت فطري عمل آھي.
جسمن جا وڇوڙا ٿيڻا آھن. جنھن کان انڪاري ناھيون. بس اھو اڀاڳو ڏينھن ورڻو هئو، جيڪو
وري لکين مداحن ۽ پرستارن کي کائڻ آيو،
آخر ۾ بس ايترو لکندس ڀاءُ؛
ڇا قوم تي لکان مان ڇا حسن تي
لکان مان،
افسوس زندگي ھڪ پورو نٿو پوان
مان.
No comments:
راءِ ڏيندا