محمد ملوڪ عباسي
ڪنديون ياد مون کي صدين جون صديون
قاسم دائود عباسي/موهن جو دڙو
سگهڙن جو سرتاج ۽ ڀلوڙ شاعر فقير محمد ملوڪ عباسي ۱۳ ڊسمبر ۱۹۴۴ع تي موهن
جي دڙو ويجهو، ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ پيدا ٿيو. محمد ملوڪ عباسي تعليم جا چار درجا
تر جي نامياري پرائمري اُستاد مرحوم محمد اسماعيل کان، پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان پرائمري
اسڪول ۾ پڙهيا. تنهن کان پوءِ هن ڪنهن به اسڪول مان تعليم حاصل ڪو نه ڪئي پر باقي سڄي
عمر سندس تعلق ڪتابن سان رهيو.
سُگهڙائپ جو فن هن مرحوم استاد محمد مريد زهراڻي کان سکيو. ان جي وفات
کانپوءِ ان واري سگهڙائپ واري پڳ هن کي پارائي وئي.
سال ۱۹۷۵ع ۾ فقير محمد ملوڪ عباسي ”سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم“ جو بنياد
وڌو، جنهن جو تاحيات صدر پڻ رهيو. ان تنظيم جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون به ڪيائين.
محمد ملوڪ کي زندگيءَ ۾ ئي مڃتا طور ڪيئي ايوارڊ مليا، جن ۾ شاهه لطيف
ايوارڊ، سچل ايوارڊ ، قلندر شهباز ايوارڊ، پي ٽي وي ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ ايوارڊ
پڻ شامل آهن.
فقير محمد ملوڪ عباسي نه صرف سگهڙ ۽ شاعر هو پر هو هڪ فقير منش انسان
به هو. اڄ جي ماده ۽ مطلب پرست دُنيا ۾ اهڙا بي بها بالم، جن جي اوطاقن تان بُکايل
۽ سائل خالي نه موٽن، اهڙا ماڻهو ناياب ٿي ويا آهن. فقير محمد ملوڪ عباسي انهن خوبين
۽ صلاحيتن جو مالڪ هو. غريب توڙي مسڪين، هاري ناري، پڙهيا توڙي اڻ پڙهيا، وڏيرا توڙي
ڪامورا، سڀني سان هڪجهڙو شفقت ڀريو لهجو ۽ نيازمنديءَ وارو رويو هوندو هئس.
سُگهڙ محمد ملوڪ عباسي سگهڙائپ جي فن کي جيڪي جلا بخشي، ان جي واڌ ويجهه
لاءِ پاڻ پتوڙيو، سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙيون گهمي ڦري اتي عام ماڻهن ۾ لوڪ ادب ۽ شاعريءَ
۾ پنهنجا شاگرد پيدا ڪري، جيڪا لاٽ هن ٻاري، سان قابلِ تعريف آهي. سگهڙائپ جي فن کي
سنڌ جي عوام تائين پهچائڻ ۽ انهن ۾ سگهڙائپ جي لاءِ شوق پيدا ڪرڻ به سندس ڪمال هو.
ان کان علاوه سال ۾ تقريباً ٻه سگهڙ ڪچهريون پنهنجي ڳوٺ واري اوطاق ۾ منعقد ڪرائيندو
هو، جنهن ۾ نه صرف سموري سنڌ مان سگهڙ برادري ئي شرڪت ڪري پنهنجا شعر ٻڌائيندي هئي
پر سنڌ جا ناميارا اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، در محمد پٺاڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ادب دوست
ماڻهو شرڪت پڻ ڪندا هئا. سگهڙ محمد ملوڪ عباسي هڪ سٺو شاعر به هو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ
۽ سنڌين جي دردن ۽ مسئلن جي تمام سهڻي نموني عڪاسي ڪيل آهي.
ڪير ڦاسيءَ تي چڙهيو ۽ ڪير هو ڪُرسيءَ مٿان،
تنهن لُٽيري لالچي، غدار تي سوچڻ کپي!
سگهڙ محمد ملوڪ عباسي شگر جي مرض ۾ ڪافي عرصو مبتلا رهيو. عمر جي آخري
سال ۾ تمام گهڻو بيمار ٿي پيو. مهينن جا مهينا، اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري داخل هو.
ساڻس عمر وفا نه ڪئي.
هو جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ۲ جون ۱۹۹۸ع تي بمطابق ۷ صفر تي اسان سڀني کان
وِڇڙي ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا