; سنڌي شخصيتون: فقير عرس بهراڻي - نهال ڪمار

29 December, 2013

فقير عرس بهراڻي - نهال ڪمار

فقير عرس بهراڻي
نهال ڪمار/ حيدرآباد
حيدرآباد جي هوائن ۾ اُن ڏينهن جڏهن عجيب شوخي هئي، اُتر جي هوائن ۾ تمام گهڻي ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. هر ڪو پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف هو، ان وقت ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته، سنڌ جو سينيئر صحافي ۽ نانگن جي حوالي سان پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ فقير صفت ماڻهو فقير عرس بهراڻي اسان کي يادن جا انيڪ انبار ڏئي، هميشه لاءِ وڇڙي ويندو.

فقير عرس بهراڻيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ هڪ اخبار جي آفيس ۾ ٿي هئي. قد آور مڙس، ڳالهائڻ ۾ هلڪو لهجو رکندڙ. گيڙو ويس پاتل هن شخص سان جڏهن منهنجي ڪچهري ٿي، تڏهن ائين محسوس ٿي رهيو هو ته، اسان هڪٻئي کي سالن کان سڃاڻندا هجون. پوءِ حيدرآباد جي ٿڌين شامن ۾ فقير عرس بهراڻيءَ سان ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو سلسلو جاري رهيو.
نانگن تي تحقيق لاءِ ادارو قائم ڪندڙ هن فقيراڻي طبيعت رکندڙ شخص وٽ نانگن جي حوالي سان تمام گهڻي ڄاڻ هئي. پنھنجي ئي ڳوٺ گل محمد بهراڻيءَ ۾، نانگن تي تحقيق ڪرڻ جي حوالي سان ادارو قائم ڪري، منجھس ڪيترن ئي قسمن جا نانگ رکرايا هئائين. پاڻ کي نانگن جو بادشاهه سڏائيندڙ هن فقير صفت ماڻهوءَ وٽ، نانگن بابت تمام گهڻي ڄاڻ هئي. هن جوڳين سان پڻ نانگن بابت مقابلا ڪيا. هن نانگن بابت ”نانگن جي دنيا“ جي نالي سان ڪتاب به لکيو هو.
فقير عرس بهراڻي، هڪ بهترين صحافي به هو. سندس وڇوڙي تي، سنڌ هڪ بهترين صحافيءَ ۽ نانگن جي باري ۾ سٺي ڄاڻ رکندڙ، عظيم شخص کان محروم ٿي وئي آهي. شايد سنڌ ۾ اهڙو ٻيو ڪو شخص هجي، جنهن وٽ نانگن بابت ايتري ڄاڻ هجي.



جوڳي جيڪس ويا جبروت
نصير مرزا/حيدرآباد
هو جوڳي ڪونه هو، پوءِ به ڪيترائي سال نِماڻائيءَ سان منهنجي اردگرد مُرليون وڄائيندو رهيو. چيائين ريڊيو تي، ”فتح خان واري ڪچهريءَ“ ۾ ڪمپيئر ٿيڻ ٿو چاهيان. جي ها! ساٿي ڪمپيئر، ۽ پوءِ هو عنايت بلوچ صاحب جي ڊائريڪٽر شپ واري شاندار عرصي دوران اهو هُو ٿي به ويو، ڪير؟ فقير محمد عرس بهراڻي، ساڪن ڳوٺ گل محمد بهراڻي، نصرپور ضلعو مٽياري ۽ الاس! تازو ۲۳ هين ڊسمبر تي اهو ئي اسان جو يار هن دنيا مان وفات ڪري ويو، عنايت بلوچ صاحب ۽ عزيزم عرفان علي انصاريءَ جي ساٿ سان، سندس تڏي تي وڃي پهتس. هي اُتي امام بارگاهه هئي يا اوتارو سمجهو، ۽ ان جي ڀرسان نانگن جو فارم به هو، پر هِي هتي ايترو به آگاهه ٿيندا هلو ته، محمد عرس بهراڻي، نانگن جي بادشاهه نواب محمد خان لغاريءَ جو دل گهريو شاگرد هو ئي پر سُجاڳ صحافي ۽ نهايت ملنسار شخصيت جو مالڪ پڻ هو. سنهڙو سيپڪڙو، سياري اونهاري اجرڪ جو اوڇڻ، مٿي تي آمريڪن اسٽائيل ٽوپي، اکين ۾ سرمو ۽ گفتار ۾ لهجو خالص فقيراڻو ۽ مصري شاهه امام جي سالانه عرس جون ته سڀ ئي محفلون هو ئي ڪنڊڪٽ ڪندو هو ۽ اهي به اهڙيون، جو واڄٽ وڄائي ڇڏيندو هو. سندس فرزندن سان هٿ فاتحه ڪري تڏي تان اُٿياسين، ته يار جي قبر تي وڃي بيٺاسين ۽ ان کانپوءِ ان ئي امام بارگاهه جي ٻئي حصي ۾ هِي سندس نانگن جو فارم وڃي ڏٺوسين. سڀ کان اول ته ڪارا نانگ ۽ ان جا به ڪيئي قسم پوءِ ڪارا نانگ ڏسي دنگ ڪياسين، ته هي اِجهو سنگ چور بلائون ۽ لُنڊيون ئي لُنڊيون، لُنڊيون ڏسي چڪاسين، ته هي ڪوراڙ بلائن جا ڄاري دار پِڃرا، پوءِ گهوڙيال بلائون ۽ انهن جي ڀرسان وري هڻ کڻ... ۽ پوءِ هي اِجهو ازدها نانگ لاءِ زبردست گهر اڃا تيار ئي پئي ٿيو جو ”جوڳي جيڪس ويا جبروت، ماءُ ڏٺم، اڄ ماٺ مڙهين ۾“. هونئن هي جنهن عظيم ڪافيءَ جو ٿل مون هي لکيو، فقير محمد عرس جي فاتح بعد ان ئي شاعر جي آستاني جا سلامي وڃي اسين ٿيا هئاسين. جِي ها! نانگن جي بادشاهه نواب محمد خان جي هن شاگرد رشيد بعد، ڪافين جي بادشاهه مصري شاهه امام جي درگاهه ۽ حاويلي تي پهتاسين ۽ هن درگاهه جو سجاده نشين سرڪار مريد علي شاهه رضوي به ڇا ته وضعدار انسان...۽ ان آستاني تي اسان کي منجهند جي ماني ۽ لذيذ ڪُڪڙ ڪوفتا ته نصيب ٿيا، پر شاهه عنايت رضويءَ جي خوش خط هٿ لکيل قديم ڪليات، چانور ڪڻي تي لکيل قل هو والله ۽ سوني پاڻيءَ سان تحرير ”مناقب ناصر“ جهڙن تبرڪات جي به واهه جهڙي زيارت نصيب ٿي ۽ هلندي هلندي اسي فوٽ اونهي مصري شاهه امام واري کوهه جو مٺو پاڻي به پيتوسين ۽ پوءِ هن ڪاشيءَ ۾ کيرَ پُڙن ۽ محبتي محبوبن ماڻهن جي ديار مان روانه پئي ٿياسين، ته مون دل ئي دل ۾ مصري شاهه امام جو هِي بيت سُر لئي سان جُهونگاريو به پئي:
واحدَ وسائينس، آهُون عالم جون سُڻي،
موڪل ٿئي مينهن کي، هڪ تل مَ ترسائينس،
صاحب ساريءَ سنڌ تي، بادل برسائينس،

مصري ملائينس کنڊ وانگر کير ۾.

No comments:

راءِ ڏيندا