; سنڌي شخصيتون: استاد انور علي سانگي

15 December, 2013

استاد انور علي سانگي

استاد انور علي سانگي

شاهه لطيف ۽ سچل جي بزم جو بزرگ راڳي

ناصر قاضي



’لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو‘ واري چوڻي خبر ناهي ته ڪهڙي دؤر ۾ مشهور ٿيو، پر لاڙڪاڻو پنهنجي قدامت صدين جي سفر کان جاري رکيون پيو اچي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ساڄي پاسي تي واقع ’موهن جو دڙو‘ ان جي قدامت جو واضح ثبوت آهي، جيڪو پنهنجي اکين ۾ صدين جا اوجاڳا سانڍيون پيو اچي. صدين جي انهن اوجاڳن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڳڙهي خدا بخش جي ڀٽن جو رت ست به پنهنجو دؤرو جاري رکيون اچي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي مير مرتضى ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير جو خون کٿوري بڻجي لاڙڪاڻي جي تاريخ کي اهميت بخشي ٿو. ’هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو‘ واري پهاڪي جيان لاڙڪاڻو واقعي به تاريخ جي مختلف دؤرن جو سفر طئه ڪندو پيو اچي.


مهراڻ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي آباد سهڻو شهر لاڙڪاڻو، جنهن کي اردو جو شاعر حبيب جالب ’لاڙڪاني چلو ور نه ٿاني چلو‘ سان مخاطب ٿيو ته ڪنهن هن شهر کي ’مٺي پاڻيءَ جو شهر‘ ڪوٺيو. لاڙڪاڻو شهر ننڍي کنڊ جي وڏي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻيءَ جي جنم ڀومي پڻ آهي. لاڙڪاڻي شهر ۾ داخل ٿيڻ سان ائين ڀاسجندو آهي ته ڄڻ هن شهر جي روڊن ۽ رستن مان اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ولوله انگيز تقريرن جا آواز گونجي رهيا هجن، جنهن شهر ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مشهور بزرگ ۽ ولي ڪامل سيد قائم علي شاهه بخاري ۽ ڪلهوڙن جي سپهه سالار شاهه بهاري جهڙا مانجھي، مڻيادار، مڙس ابدي ننڊ ستل آهن، ان شهر جا ڪرشما ۽ ڪرم ڪهڙا ڳائجن، هي شهر جيڪو پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ پنهنجي خاموش زبان سان، پنهنجي قدآور شهرين جون ساکون ڀري ٿو، برابر ان شهر ۾ هڪ تاريخ سمايل آهي.

موسيقيءَ جي ميدان ۾ وري هر دؤر ۾ لاڙڪاڻي جي مٺي پاڻيءَ، مٺائيءَ ۽ زيتونن جي مٺاڻ کان وڌيڪ مٺڙي آواز جا مالڪ استاد مٺو ڪلهوڙو، خانصاحب استاد گلزار علي خان، سانئڻ عابده پروين، استاد انور علي سانگي، سڪندر علي سرگاڻي، عاشق نظاماڻي، الطاف سمون، ڪمال سمون ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا ڪلاڪار جنم وٺندا رهيا آهن، جن پنهنجي آواز ۽ انداز سان موسيقيءَ جي مالها ۾ املهه هيرا پئي جڙيا آهن.

لاڙڪاڻي شهر سان وابسته ڪلا جي انهن نادر موتين ۾ استاد انور علي سانگي پڻ هڪ اهم مقام رکي ٿو. جنهن لطيف کان اياز تائين، سچل کان غمدل فقير تائين، مرزا غالب کان فيض احمد فيض تائين ڪيترن ئي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجي دل جي حضور سان، نين طرزن جو ويس ڍڪائي عوام الناس تائين رسايو آهي.

نامياري ڪلاسيڪل ڪلاڪار استاد انور علي سانگي ۱۹۴۴ع ڌاري ڳوٺ سانگي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ محترم اسدالله سانگيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. جنهن کانپوءِ ۱۹۴۸ع واري مها ٻوڏ دؤران سندس خاندان پنهنجي ڳوٺ مان لڏي پلاڻي، مڪمل طور تي لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي آباد ٿيو. استاد انور علي سانگيءَ پرائمريءَ تائين تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد تدريسي سلسلو اڳتي جاري رکي نه سگھيو.

استاد انور علي سانگي کي ٻالجتيءَ ۾ سندس والد جو سؤٽ فقير علي نواز سانگي پيار مان کڻي گھمائيندو هو. فقير علي نواز سانگي حضرت سچل سرمست جي درگاهه جي تڏهوڪي گادي ڌڻي سخي قبول محمد (ٻئي) جو طالب پڻ هو ۽ سچل سائينءَ جي درگاهه سان عقيدت جي حوالي سان سچل سائينءَ جون ڪافيون اڪثر جھونگاريندو رهندو هو. ان وقت فقير علي نواز سان گڏ رهڻ ڪري ننڍڙو انور علي ڪمسن هئڻ باوجود به دل سان اهي ڪافيون ٻڌندو هو ۽ ان کي هيئين سان هنڊائيندو هو. پر تنهن هوندي به استاد انور علي سانگيءَ کي ننڍپڻ توڙي جوانيءَ ۾ به ان ڳالهه جي ڪا ئي پرک به نه هئي ته پاڻ اڳتي هلي سنڌ جو نامور ڪلاسيڪل ڪلاڪار ثابت ٿيندو. ايتريقدر جو سندس ازدواجي زندگيءَ ۾ پير پائڻ تائين به موسيقيءَ طرف سندس ڪو به لاڙو ڪو نه هو. ها مگر ايترو ضرور هوندو هو، جو غير ارادي طور تي سندس آواز انتهائي مترنم ۽ مٺڙو هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ جيڏن ۽ دوستن جي وچ ۾ ويهي سچل سائين ۽ ٻين بزرگن جي ڪافين جي جھونگار ضرور ڪندو هو. ان دؤران ئي ۱۹۶۶ع ڌاري موسيقيءَ سان واسطيدار سندس هڪ دوست خادم حسين کوکر کيس باقاعده موسيقيءَ جو علم سکڻ جي تجويز ڏني ۽ پنهنجي واقفيت جي بنياد تي استاد انور علي سانگيءَ کي لاڙڪاڻي ۾ مقيم سنڌ جي نامياري موسيقار خانصاحب ماسٽر ميهر عليءَ سان هم آهنگي ڪرائي ۽ استاد انور عليءَ کي پنهنجي رهنمائيءَ ۾ وٺڻ جي گذارش ڪئي. موٽ ۾ خانصاحب ماسٽر ميهر عليءَ، پنهنجي استاديءَ واري تجربيڪار اک سان، استاد انور عليءَ ۾ سر، گر، ادب داري ۽ مرادونديءَ جا لڪل گوهر پسندي، پنهنجي شاگرد طور سندس حاضري قبول ڪئي. ان حوالي سان ائين چئي سگھجي ٿو ته استاد انور علي سانگيءَ، لڳ ڀڳ ۲۲ سالن جي عمر ۾، باضابطه طور تي موسيقيءَ جي فن جي ابتدا ڪئي.

خانصاحب استاد منظور علي خان جون ريڊيو حيدرآباد تي اڪثر ريڪارڊنگس ٿينديون رهنديون هيون. انهن ريڪارڊنگس دؤران ڪڏهن ڪڏهن  شاگرد جي حيثيت ۾ استاد انور علي سانگي به پنهنجي استاد خانصاحب منظور علي خان سان گڏ هوندو هو. ان حوالي سان استاد انور علي سانگي، ريڊيو تي ٿيندڙ ريڪارڊنگس جي مرحلن کان باخبر ٿيندو رهيو. اڳتي هلي ۱۹۷۴ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران، نون آوازن جو آڊيشن مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ استاد انور علي سانگي پڻ شريڪ ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سندس آواز ۽ انداز توڙي فن ۾ ايتري ته پختي اچي چڪي هئي، جو پهرين ئي آڊيشن ۾ پروڊيوسر انور علي بلوچ ۽ پروڊيوسر غلام حسين شيخ کيس ڪامياب قرار ڏنو ۽ نتيجي ۾ استاد انور عليءَ ريڊيو جي دنيا ۾ پهريون قدم رکيو. جنهن بعد ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ به سندس آواز ۾ ڪيترا ئي موسيقيءَ جا اسم ريڪارڊ ۽ نشر ٿيندا رهيا. جڏهن ته سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي قيام وقت، بنيادي عملي ۾ استاد انور علي سانگيءَ جي موسيقار طور چونڊ ڪئي وئي. جتان سندس ترتيب ۾ موسيقيءَ جي سکيا ۽ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ جي حوالي سان هفتيوار پروگرام ’سنگيت جو سفر‘ نشر ٿيڻ لڳو. ان کانسواءِ به ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان سندس ترتيب ۾ ڪيترا ئي پروگرام نشر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تي ۱۹۸۲ع ۾ کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. جنهن کانپوءِ استاد انور علي سانگيءَ جا پي ٽي وي تي به ڪيترا ئي پروگرام نشر ٿي چڪا آهن.

استاد انور علي سانگي، هڪ ڪلاسيڪل ڪلاڪار هجڻ سان گڏ، هڪ ميوزڪ ڪمپوزر پڻ آهي. پاڻ شاهه سائينءَ جي ٽيهن ئي سرن کي، انهن جي اصل راڳن ۽ شڪلين ۾ ترتيب ڏيڻ سان گڏ، سچل سائينءَ جي لڳ ڀڳ اڍائي سؤ ڪافين کي، سرن جو ويس ڏئي چڪو آهي. ان کان علاوه ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن جهڙوڪ: خواجه غلام فريد، بابا بلهي شاهه، روحل فقير، وارث شاهه، عثمان فقير سانگي، ٻڍل فقير، سيد رکيل شاهه، سيد ولايت شاهه، صوفي وريل فقير، غمدل فقير، دولهه دريا خان، هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي، شاهه نصير، سيد مهدي شاهه ۽ ٻين درويشن جي ڪلام کي پڻ ڪلا جي قبا اوڍائي چڪو آهي. استاد انور علي سانگي ڪلاسيڪل شاعرن سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي توڙي اردوءَ جي جديد شاعرن جهڙوڪ: فيض احمد فيض، مرزا غالب، ناصر ڪاظمي، شيخ اياز، استاد بخاري، راحم صديقي، قاضي عبدالحي قائل، علي گل سانگي، عبدالغفار تبسم ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ کي ڪمپوز ڪري، پنهنجي آواز ۾ ڳائي، ميڊيا تائين پڻ رسايو آهي.

استاد انور علي سانگيءَ کي، سندس ڪيل فني خدمتن جي موٽ ۾ ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن. جن ۾: ۱۹۸۲ع ۾ ايگريڪلچر انڊسٽريل فيسٽول سنڌ طرفان مئرٽ سرٽيفڪيٽ، ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ انٽيفڪ سوسائٽي لاڙڪاڻي پاران ’تاريخ سنڌ ايوارڊ‘، ۱۹۹۳ع ۾ ٽئلينٽ آرگنائيزيشن لاڙڪاڻي طرفان ’ٽئلينٽ ايوارڊ‘، ۲۰۰۲ع ۾ منعقد ٿيل لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ سؤ سالا جشن واري موقعي تي لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران ’لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ‘، ۲۰۱۰ع ۾ قاضي عبدالحي قائل لٽرري اڪيڊمي رتيديري طرفان ’بهترين راڳي‘ جو ايوارڊ، ۲۰۱۱ع ۾ لاڙڪاڻو ميگا فيسٽيول دؤران، ضلعي حڪومت لاڙڪاڻي طرفان ’بهترين صوفي ايوارڊ‘ سميت ٻيا ڪيترا ئي انعام ۽ اڪرام شامل آهن. پر شاهه سائين ۽ سچل سائين جن جي ڪلام تي ساراهه جوڳو ڪم ڪندڙ هي ناميارو ڪلاسيڪل ڪلاڪار، اڄ ڏينهن تائين ’لطيف ايوارڊ‘ توڙي ’سچل ايوارڊ‘ کان وانجهيل رهيو آهي. سندس فن توڙي گائيڪيءَ جي انداز ۾ اها هڪ انفراديت ڏٺي وئي آهي، جو هن جديد دؤر ۾،  جديد ۽ نون سازن جي سهولت هئڻ باوجود به پنهنجي استادِ محترم خانصاحب استاد منظور علي خان جي پيروي ڪندي، پاڻ سان گڏ هميشه محفل دؤران اهي ئي ساز (هارمونيم، تانپورو، طبلو وغيره) ڪتب آڻيندو آهي، جيڪي خانصاحب استاد منظور علي خان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪتب آندا هئا.

استاد انور علي سانگي، هن وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپوزر هجڻ سان گڏوگڏ، آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ميوزڪ ڊپارٽمينت جو چيئرمين پڻ آهي. ان کان علاوه پنهنجي قائم ڪيل ’سچل سرمست ميوزيڪل اڪيڊمي لاڙڪاڻي‘ ۾ به نون سيکڙاٽ راڳين ۾ سرن جي سخا ڪندو رهي ٿو.


 

انور علي سانگي

خالدچانڊيو

سنڌ ۾ راڳ جي دنيا سان واڳيل راڳي، سازنده ڪهڙي قسم جي زندگي گذارين ٿا، سا اسان اڪثر اخبارن جي خبرن ۾ پڙهون ٿا، فنڪار، آرٽسٽ جو بيماري جي بستري تي نڌڻڪو هجڻ، ڪسمپرسي واري حالت ۾ لوڻ جهڙي زندگي گذارڻ، ثقافت کاتي کي مدد جون اپيلون ڪرڻ وغيره. لاڙڪاڻو جتي سياسي، سماجي، تعليمي، ادبي شخصيتن سبب دنيا ۾ مقبول آهي، اتي هي شهر فن توڙي فنڪارن سبب به ڏيهان ڏيهه معروف آهي. هتان جي ماڻهن ذاتي سطح تي فن جي سکيا وارو ماحول جوڙي پئي رکيو آهي، جنهن ڪري اڄ به نوجوانن ۾ فن سان وابستگي ساڳي جذبي سان آهي.

لاڙڪاڻي ۾ سنگيت جو ماحول جوڙي ڪيترن ئي راڳين کي سکيا ڏيڻ وارو ڪلاسيڪل راڳي استاد انور علي سانگي جي اڄ ورسيءَ جو ڏهاڙو آهي.

استاد انور علي سانگي پهرين جنوري ۱۹۴۹ع تي ڳوٺ سانگي تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ اسد الله سانگي جي گهر پيدا ٿيو. پرائمري تعليم منڱواڻي پرائمري اسڪول مان ورتائين پر حالتن سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو. هن موسيقي سکڻ جي ابتدا ۱۹۷۰ع ۾ ڪئي، سندس راڳ جو پهريون استاد ميهر علي خان هو ۽ پوءِ جڳ مشهور ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان کان سکيا ورتائين. استاد انور علي سانگي پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ۱۹۷۵ع ڌاري پرفارم ڪيو، پوءِ خيرپور ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته اتي ڳايائين، وري جڏهن ۱۹۹۵ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو وجود عمل ۾ آيو ته ان سان همسفر ٿي ويو، ۱۹۹۶ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان موسيقيءَ جي سکيا ۽ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ جي حوالي سان هفتيوار پروگرام ”سنگيت جو سفر“ ۾ ڪم ڪيائين ته تمام گهڻن ماڻهن طرفان ان پروگرام کي پسند ڪيو ويو. ان کان علاوه آخر تائين ريڊيو لاڙڪاڻي جي پينل تي هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ پرفارم ڪندو رهيو.

استاد انور علي سانگي لاڙڪاڻي ۾ جيڪو سنگيت لاءِ ماحول جوڙيو، ان ماحول سبب هن موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڪيترا شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ عاشق نظاماڻي، اسلم تنيو، ممتاز عباسي، نذير سمون، لياقت سمون، شيراز عباسي، الياس سانگي، سلطان ميمڻ، منظور عباسي ۽ ڪيترائي ٻيا راڳي شامل آهن، جن مان ڪيترن کي سازن جي پڻ تربيت به ڏيئي ڀڙ ڪيو هئائين. سندس ڪيترائي آڊيو البم به منظر عام تي آيا، موسيقيءَ ۾ سندس خاص ڪارڪردگيءَ ۾ جيڪو ڪم سڀ کان مٿانهون ليکيو ويندو آهي، اهو آهي ته هُن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي جي ٽيهن ئي سرن کي اصل راڳن ۽ راڳڻين ۾ ڪمپوز ڪيو آهي. سچل سرمست جي سنڌي توڙي اردو ڪلام کي نين ڌُنن ۾ ڪمپوز ڪيو. سندس اول آخر سڃاڻپ موسيقار ۽ گلوڪار واري رهي.

استاد انور علي سنڌي، اردو، سرائڪي، فارسي ۽ هندي ٻولين ۾ به ڳايو. هن رحمت پور محلي ۾ ”سارنگ سنگيت“ ڪلب ٺاهي، جتي آخري ڄمار ۾ رڪارڊنگ اسٽوڊيو به قائم ڪيائين، هُو لاڙڪاڻي ۾ ”آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان“ سان موسيقي واري شعبي لاءِ عهديدار طور به ڪيئي ڀيرا واڳيل رهيو. لاڙڪاڻي جي پبلڪ اسڪول ۾ آخري عمر تائين ٻارن کي سنگيت جي سکيا ڏيندو رهيو.

استاد انور علي سانگي ريڊيو سميت ٽي. وي ۽ اسٽيج تي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پرفارم ڪندو رهيو، خاص طور هُن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي اهم صوفياڻي درگاهن شاهه عبداللطيف، قلندر لال شهباز، سچل سرمست، خواجا فريد الدين، تارڪ نجفي، حافظ خدا بخش، بيخود فقير، شاهه نصير، مهدي شاهه ۽ ٻين تي ٿيندڙ سنگيت جي محفلن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي.

استاد انور علي سانگيءَ کي سندس فني خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به مليا هئا.

استاد انور علي سانگي اڄوڪي تاريخ ۲۸ هين آڪٽوبر ۲۰۲۰ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

 

(خالدچانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا