استاد انور علي
سانگي
شاهه لطيف ۽ سچل
جي بزم جو بزرگ راڳي
ناصر قاضي
’لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو‘ واري چوڻي خبر ناهي ته ڪهڙي دؤر ۾ مشهور ٿيو،
پر لاڙڪاڻو پنهنجي قدامت صدين جي سفر کان جاري رکيون پيو اچي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ساڄي
پاسي تي واقع ’موهن جو دڙو‘ ان جي قدامت جو واضح ثبوت آهي، جيڪو پنهنجي اکين ۾ صدين
جا اوجاڳا سانڍيون پيو اچي. صدين جي انهن اوجاڳن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڳڙهي خدا بخش جي ڀٽن
جو رت ست به پنهنجو دؤرو جاري رکيون اچي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي مير مرتضى
ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير جو خون کٿوري بڻجي لاڙڪاڻي جي تاريخ کي اهميت بخشي ٿو. ’هجئي
ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو‘ واري پهاڪي جيان لاڙڪاڻو واقعي به تاريخ جي مختلف دؤرن جو سفر
طئه ڪندو پيو اچي.