; سنڌي شخصيتون: روشن جي - مصطفيٰ ملاح

13 December, 2013

روشن جي - مصطفيٰ ملاح

روشن جي
عالمي ادارن کان ايوارڊ ماڻيندڙ ناليوارو موسيقار
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
موسيقار روشن جي اڪثر حيدرآباد کان فون ڪري هر سال پنهنجي والد ضامن علي، ته ڪڏهن موسيقار فيروز گل ته ڪڏهن موسيقار امانت علي جي ورسيءَ جي تاريخ ٻڌائي، انهن جي حوالي سان ڪاوش ۾ خبر لکرائڻ جي حوالي سان ياد ڏياريندو رهندو هو، پر روشن جي سان زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ گذريل ڏينهن هو اسان سڀني کان وڇڙي ويو.
هن جو والد موسيقار ضامن علي به ۴۰ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو هو ۽ پاڻ به ۴۵ سالن ۾ هِي جهان ڇڏي ويو. جڏهن ته سندس ويجهو عزيز موسيقار امانت گل، جيڪو ٻه سال پهرين ۲۰۱۱ع ۾ جنوريءَ ۾ وفات ڪري ويو، ان جي صدمي سندس خاندان کي جهوري ڇڏيو هو، ته مٿان وري روشن جي دل جي دوري پوڻ سبب، اسان سڀني کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.


موسيقار روشن جي کي فن ورثي ۾ مليو هو. هن جو پڙ ڏاڏو استاد عارب خان هندستان ۾ درٻاري گائڪ هو ۽ ڏاڏو اُستاد رائي خان به وڏو گائڪ هوندو هو. جڏهن ته سندس والد استاد ضامن علي عرف ببر علي به سنڌي فلمن جو وڏو موسيقار هو، ۽ سندس چاچو موسيقار فيروز گل جو نالو به پاڪستان جي ناليوارن موسيقارن ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن کي ۱۴ آگسٽ ۲۰۱۱ع تي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
سُرن ۽ سازن واري گهر ۾ اک کوليندڙ موسيقار روشن جي ۱۳ سالن جي عمر ۾ بحيثيت ڪي بورڊ فني سفر جي شروعات ڪئي. لڳاتار محنت ۽ جُستجو ڪندي، ھو اڳتي وڌندو آيو ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪيائين. جڏهن ته هن کي سنڌي، اردو، پنجابي، انگريزي، مارواڙي، سرائيڪي ۽ راجسٿاني زبانن تي عبور حاصل هوندو هو. روشن جي ڪي بورڊ پليئر جو ماهر هوندو هو. بهترين ميوزيشن طور هن ڪيترن ئي ناليوارن راڳين، راڳ جي راڻي عابده پروين، اُستاد نصرت فتح علي خان، اُستاد فتح علي خان، اُستاد حميد علي خان، نصيبو لال، غلام علي، حامد علي خان، شازيه خشڪ، عارف لوهار، ديبا سحر، تعمير حُسين، شمن ميرالي، احمد مغل، ممتاز لاشاري، امبر مهڪ ۽ ٻين ڪيترن ناليوارن فنڪارن سان ڪي بورڊ تي پرفارم ڪيو.
موسيقار روشن جي ڏيهه کان سواءِ پرڏيهه ۾ پڻ پرفارم ڪيو. هو پاڪستان ٽيليويزن تي بحيثيت موسيقار اي ڪيٽيگريءَ جي حيثيت سان موسيقار رهيو ۽ ريڊيو پاڪستان تان ڊبل ڪيٽيگريءَ ۾ موسيقار جي حيثيت سان خدمتون ڏيندو رهيو هو. هن کي مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ مليا، جن ۾ اقوامِ متحده جي عالمي اداري يونيسڪو پاران بين الاقوامي فيسٽول ۱۹۹۶ع ۾ ازبڪستان ۾ ايوارڊ ڏنو ويو. جيڪو ان وقت جي ازبڪستان جي صدر پاران صدارتي محل ۾ ڏنو ويو. ان پنهنجي صدارتي تقرير ۾ روشن جي کي پاڪستان جو سفير قرار ڏنو هو. ان کانسواءِ ۳ ڀيرا شهباز قلندر ايوارڊ، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ پاران ٻه ڀيرا بهترين موسيقار جي ايوارڊ سان نوازيو ويو ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ هن کي مڃتا طور ڏنا ويا.
روشن جي واحد موسيقار هو، جيڪو اڪثر اخبارن ۾ موسيقيءَ جي حوالي سان ڪالم لکندو هو. ھو موسيقيءَ جي ڄاڻ عالمي سطح تي رکندو هو. هر ڪنهن سان پيار ۽ پاٻوهه سان ملندڙ چهري تي مُرڪ رکي ملڻ وارو موسيقار روشن جيءَ جو هڪ خواب به هو ته، شاهه جي رسالي کي اصل شڪل ۾ ڪمپوز ڪري، ناميارن فنڪارن کان ڳارايان.
روشن جي سال ۲۰۱۳ع ۾ ثقافت کاتي طرفان، حيدر آباد ۾ مهراڻ ميوزڪ اسڪول ۾، ميوزڪ ٽيچر طور ۲۷ شاگردن کي ڪي بورڊ ۽ هارمونيم جي سکيا ڏني. ان کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي نجي چينلز تي هن پرفارم ڪري، پاڻ مڃرايو.

روشن جيءَ کي ڪالهه (يارھين ڊسمبر ۲۰۱۳ع تي) سوين آلين اکين سان، ٽنڊو يوسف قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخري رسمن ۾ مرحوم جي دوستن، مائٽن ۽ موسيقيءَ سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

No comments:

راءِ ڏيندا