; سنڌي شخصيتون: روشن جي، عالمي، ادارا، ايوارڊ، ماڻيندڙ، ناليوارو، موسيقار، مصطفيٰ، ملاح، ڪراچي،
Showing posts with label روشن جي، عالمي، ادارا، ايوارڊ، ماڻيندڙ، ناليوارو، موسيقار، مصطفيٰ، ملاح، ڪراچي،. Show all posts
Showing posts with label روشن جي، عالمي، ادارا، ايوارڊ، ماڻيندڙ، ناليوارو، موسيقار، مصطفيٰ، ملاح، ڪراچي،. Show all posts

13 December, 2013

روشن جي - مصطفيٰ ملاح

روشن جي
عالمي ادارن کان ايوارڊ ماڻيندڙ ناليوارو موسيقار
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
موسيقار روشن جي اڪثر حيدرآباد کان فون ڪري هر سال پنهنجي والد ضامن علي، ته ڪڏهن موسيقار فيروز گل ته ڪڏهن موسيقار امانت علي جي ورسيءَ جي تاريخ ٻڌائي، انهن جي حوالي سان ڪاوش ۾ خبر لکرائڻ جي حوالي سان ياد ڏياريندو رهندو هو، پر روشن جي سان زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ گذريل ڏينهن هو اسان سڀني کان وڇڙي ويو.
هن جو والد موسيقار ضامن علي به ۴۰ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو هو ۽ پاڻ به ۴۵ سالن ۾ هِي جهان ڇڏي ويو. جڏهن ته سندس ويجهو عزيز موسيقار امانت گل، جيڪو ٻه سال پهرين ۲۰۱۱ع ۾ جنوريءَ ۾ وفات ڪري ويو، ان جي صدمي سندس خاندان کي جهوري ڇڏيو هو، ته مٿان وري روشن جي دل جي دوري پوڻ سبب، اسان سڀني کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.