; سنڌي شخصيتون: سگهڙ مور ملوڪ - عبدالخالق مغيري

10 December, 2013

سگهڙ مور ملوڪ - عبدالخالق مغيري

سگهڙ مور ملوڪ
عبدالخالق مغيري
سگهڙ لفظ جي معنٰي آي سياڻيو، سيبتو، سينگاريندڙ يا سلجهائيندڙ وغيره، اهڙي سياسي، سياڻي ۽ هنرمند يا سليقه شعار عورت کي به سگهڙ نار چيو ويندو آهي، جيڪا پنهنجي گهر کي سينگاري سنواري، صاف، سٿرو اڇو، اجرو ۽ جنت نذير بڻائي ڇڏي هوءَ هنر مندي ۾ پڻ هڪ جيڏين کان اڳري رهندي آهي ۽ سهڻيون ٽڪ جون رليون، ٽوپيون ۽ ٻيون شيون ٺاهي پنهنجي هنر مندي جي ڌاڪ ويهاري ٿي ڀرت ڀرڻ ۾ هوءَ سهڻي انداز ۾ شيون ٺاهي ۽ سينگاري ٿي جيئن ۽ جيتري پاڻ نازڪ مزاج هوندي آهي، ايترو ئي نازڪ ۽ نفيس ڪم به ڪندي آهي ساڳئي ريت اسان جا سگهڙ به سهڻا سهڻا سخن، ڏور، ڳجهارتون، سينگار ڏهس، ويهس ۽ ٻين بي شمار صنفن کي نفيس ۽ نج سنڌي ٻولي ويس پهرائي عوام آڏو پيش ڪندا آهن سگهڙ سالن کان عوامي ميلن، ملاکڙن ۽ اوطاقن کي آباد ڪري ڪچهريون قائم ڪندا پيا اچن ۽ ا ن نج سنڌي ٻولي کي زنده رکيون ويٺا آهن جيڪا اسان جي شهرن مان موڪلائيندي پئي وڃي سگهڙ هڪ عوامي شاعر آهي پر عروضي شاعرن جي ڀيٽ ۾ سگهڙن کي اها فوقيت حاصل آهي ته هي اصل خيال سان گڏ پنهنجي فن جا حافظ ۽ محافظ پڻ آهن، هر سگهڙ ۾ اها خاصيت هوندي آهي ته هو جيڪو ڪجهه به ڏسندو آهي ان کي فني تخليق جو روپ ڏئي هميشه امر ڪري ڇڏيندو آهي سگهڙ اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جو اهم حصو آهن، مهان ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رقم طراز آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو بنياد تڏهن کان مضبوط ٿيو جڏهن کان وٺي ڪچهريون قائم ٿيون ۽ ڪچهرين تڏهن رنگ لاتو جڏهن سياڻا ۽ سگهڙ سا ماڻا سگهڙ محمد ملوڪ عباسي وري پنهنجي دور ۾ مڙني سگهڙن جو استاد هيو.


هو نه صرف ان فن ۾ ماهر هيو پر هن سون جي تعداد ۾ هن فن جا شاگرد پڻ پيدا ڪيا، جيڪي اڄ به لوڪ ادب جي هن مخصوص فن کي زنده رکيون پيا اچن، بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، فقير محمد ملوڪ عباسي نه صرف سڄاڻ سگهڙ آهي پر وڏو سگهڙ شاعر به آهي شاعرانه شعور سان گڏ وٽس لفظن جي کاڻ ۽ زوردار بيان آهي، سندس ٻولي پياري ۽ قول پڪا آهن سندس گفتا گڻن وارا ۽ قول سچا آهن.  اتر سنڌ جي هن سدا حيات سگهڙ مور محمد ملوڪ عباسيءَ جي گفتن ۾ جتي خيالن جي گهرائي آهي اتي لفظن جو ذخيرو پڻ آهي، ڏهس جي هنن مصرعن ۾ وارن جون خصوصيتون بيان ڪندي لکي ٿو،
زلف سياه، سڄڻ جا اليهر جهڙا انگ،
ڪمند، ڪيس قريب جا، ڪهڙي ڀيٽ ڀونگ،
ڪارا، ڪٻرا، ڪاريهر، تليهر، تير ترنگ،
سڀ سيهر سلامي، ٿا جا چن بيٺا جهنگ.
ڏهس جي مٿين چئن مصراعن ۾ زلف جو سياهه يا ڪارو هجڻ، انگ، ڪيس، ڪاريهر، تليهر ۽ سڀ محبوب جي زلفن جو خاصيتون بيان ٿيل آهن ان قسم جون بيشمار ۽ ناياب تجنيسون ۽ تخليخون سندس ڪمال فن جو ثبوت آهن، سنڌ جي هن مهان ڪوي ۽ سگهڙ جتي پنهنجي تخليق کي نوان رنگ ۽ ڍنگ ڏنا آهن، اتي هن پنهنجي ڌرتي جي عظيم هيروز کي پڻ ياد رکيو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت تي چوي ٿو.
وار تي جو وارو ٿيو، تنهن وار جو ويچار آ
آڪاش ۾ ڪڙڪاٽ ٿيو، سنڌ جو ڪٺو سينگار آ
سدا حيات سگهڙ محمد ملوڪ عباسي کي اهو منفرد اعزاز پڻ آهي ته سگڙائپ واري فن جو پهريون صاحب ڪتاب سگهڙ شاعر آهي، سندس تخليقات ۾ :
1.     گلشن ڏور 1980ع
2.     موتي مور ملوڪ جا 1981ع
3.     موتين مٺ ملوڪ جي 1991ع
4.     منهن مٿانهان جن جا 1996ع
5.     ماڻڪ موتي ملوڪ جا 2000ع
مور ملوڪ عباسي جي انهي عوامي ادبي خزاني ۾ اڃا به ڪيترا ئي هيرا، موتي، لعل، مرجان اڻ ڇهيا آهن، سندس آخري لفظ هيا ته ”موئن جي دڙي جي اسٽوپا جا وارثو پنهنجي ايندڙ نسلن کي انهن قيمتي هيرن جي باري ۾ آگاهه ڪجو“. سگھڙن جو سردار مور ملوڪ اڄ ته جسماني طور تي اسان کان وڇڙي ويو آھي پر ھو اڄ به اسان سان گڏ آھي ۽ سنڌ جي ھر محبت رکندڙ فرد جي دلين ۾ آھي استاد محمد ملوڪ عباسي پنھنجا سوين شاگرد پيدا ڪيا اڄ اھي سنڌ سميت دنيا بھر ۾ پنھنجو نالو مڃايون ويٺا آھن ۽ پنھنجي سگھڙتا جي ذريعي سنڌي ٻولي جو بچاءُ ڪيون پيون اچن. سچ ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي ھڪ عظيم انسان ھو جنھن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت ۾ جان وڌي، جنھن جي بدولت اڄ سنڌ جي جھنگ جھڙ ۾ سگھڙ ڪچھريون قائم ۽ دائم آھن.


No comments:

راءِ ڏيندا