رفيق عيساڻي
کاهوڙي اداڪار
مريم مجيدي
سنڌ جي بهترين اداڪار رفيق عيساڻي ميمڻ جو جنم ۷، اپريل ۱۹۶۶ع تي دڙي شهر ۾ ٿيو. پنهنجي
تعليم جي تڪميل، يعني ايم اي سوشالاجي، سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن سنئون
سنواٽو اداڪاري جي واٽ ورتي. هن ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڳولڻ بدران، ننڍپڻ جي شوق ۽ پنهنجي
ذهني لاڙي کي ترجيح ڏيندي فن جي دنيا ۾ پير پاتو. سال ۱۹۸۶ع ڌاري ”واسينگ جو وير“ اسٽيج ڊرامي ذريعي، هن پنهنجي اداڪاري جي ابتدا
ڪئي. ان ريت پنهنجي شوق جي سڦلتا جو سفر، اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري رکندو اچي. هن
فنڪار جي اندر جي اُڻ تڻ اتي بس نه ڪئي. ان ڪري هن اڳتي هلي پنهنجي جنم ڏينهن ۷، اپريل ۱۹۹۳ع تي ”ڀٽائي آرٽس ڪائونسل“
جو بنياد رکي، هن ڌرتي جي سماجي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي اُجاگر ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي.
مطلب ته هي هڪ اهڙو حساس فنڪار آهي جنهن کي ڄاڻ آهي ته محنت ۽ اَورچائيءَ جو اُجورو،
فقط محبت سان ڏنل مڃتا ئي ٿي سگهي ٿو.
جيئن ته سندس وڏا حڪمت جي ڌنڌي سان سلهاڙيل رهيا آهن. جن جو ڪم نبض شناسي
ذريعي انساني دردن جو درمان بنجڻ هوندو هو. پاڻ به سندن پيروي ڪندي انساني احساسن
۽ جذبن جي سُونهن ۽ بقا لاءِ فن جي حڪمت جو ڪم ڪري رهيو آهي. اهڙي ريت معاشرتي چڱاين
لڱاين، سماجي ناسورن ۽ ناانصافين جي پنهنجي عمل ۽ فني ڪردار سان شناس ڪرائي سگهي ٿو.
هن جو پختو يقين آهي ته ڊرامو زندگيءَ جي حقيقتن جو عڪس ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ ڪردار نگاري
سماج ۾ مثبت ۽ مؤثر تبديلي جو سبب بنجي ٿي. انهيءَ سوچ پٽ-اندر هي سيبتو اداڪار، سماجي
مسئلن توڙي اخلاقي قدرن جو اصلاحي مقصد کڻي ڊرامي جي ڪلا ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار نباهيندو
اچي. رفيق عيساڻي وٽ، انساني فطرت موجب حياتي لاءِ سهولتون ماڻڻ، دولت ۽ شهرت جي حاصلات
وارو انومان ضرور رهيو هوندو. پر سندس پر خلوص جذبن جي سچائي، ان ڳالهه مان پوري ريت
پرکي سگهجي ٿي، جڏهن هو ”ڀٽائي آرٽس ڪائونسل“ جي پليٽ فارم تان، مختلف موضوعن ۽ انيڪ
انسانن سان محبتون ونڊڻ ۽ ورهائڻ خاطر، منڊليون مچائيندو ۽ ميڙاڪن ڪوٺائڻ لاءِ، هر
وقت سرگرم نظر اچي ٿو. اهو ڪم هي پنهنجو فرض سمجهي وڏي چاهه ۽ اُتساهه مان انجام ڏئي
ٿو. جتي هو جيئرن اديبن ۽ فنڪارن سان رهاڻيون رچائيندو ۽ شامون ملهائڻ ۾ رُڌل آهي، اُتي هن جڳ کان وڇڙي ويلن کي پڻ مڃتا
ڏيڻ لاءِ انهن جي ياد ۾ پروگرام ڪرڻ لاءِ هي وڌ کان وڌ ڪوششون ڪري ٿو. ايئن ڪنهن اعليٰ
مقصد جي جذبي سان سرشار هي نوجوان اداڪار قومي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ پڻ هٿ ونڊائيندو
هلي ٿو، مطلب ته شاهه سائين جن جي هن بيت موجب:
کرڪڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
هن فنڪار نه صرف سنڌي ڊرامن ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر مڃرايا آهن، پر
پي ٽي وي ڪراچي سينٽر ۽ اَي آر واءِ تان ڪيترن اردو ڊرامن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪري پاڻ مڃائي چڪو آهي. منظور مگسي جي هدايت هيٺ پي ٽي وي تان هن پهريون ڀيرو اردو
سيريل ”گُهٽن“ ۾ ڪم ڪيو هو. جنهن ۾ هن جي ڪم کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. ان کان
پوءِ مختلف چينلز تان ڪَٽ پُتلي، ميري درد ڪو جان لو، بند راستي ۽ لياري ايڪسپريس وغيره
جهڙن بيشمار اردو ڊرامن ۾ سندس ڪردارن کي ناظرين پاران ڀرپور موٽ ملي چڪي آهي.
رفيق عيساڻي کي هيل تائين سمورن سنڌي چينلز تي پنهنجي فن جي ادائگي جو
موقعو مليو آهي. ان سلسلي ۾ هن اڻ ڳڻيا ڊرامه
سيريلز، لانگ پلي، سولوپلي ۽ ٽيلي فلمن سميت اٽڪل ۱۸۰ کان وڌيڪ ڊراما سيريلز ۾ خوبصورت
اداڪاري ڪرڻ جو اعزاز ماڻيو آهي، هن کي گهڻ رخي شخصيت ڪوٺڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي، ڇاڪاڻ
ته هن ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ هدايتڪاري جو فرض نڀايو آهي، ته ڪيترن اسٽيج ڊرامن جو
وري پروڊيوسر به هي پاڻ ئي رهيو آهي، بادل
جمالي، منظور مگسي، ڪاظم پاشا، نواب مهدي، ۽ ٻين گهڻن ڄاڻو ۽ تجربيڪار هدايتڪارن سان
گڏ ڪم ڪرڻ جي ڪري هن جي فن، ڄاڻ، مهارت ۽ تجربي ۾ وڌيڪ وسعت ۽ پختگي جو ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو رهيو آهي، عبدالحميد هاليپوٽو
جي مشهور سنڌي ڊراما سيريل (گُل ڇِنو گرنار جو) ۾ ”رتنو ڪنڀار“ ۽ ۲۰۰ قسطن واري ڊرامي ”فاصلا“
۾ سندن ڪيل رٽائرڊ ڊي آءِ جي جا اهم ڪردار هن جي کاتي ۾ ڳڻجندڙ يادگار ڪردار ليکيا
وڃن ٿا. جن ۾ سندس فن جو عروج ڏسندڙن کان ڪڏهن به وسري نه سگهندو. اهڙا ڪيئي مثالي
ڪردار آهن جن ۾ هن جي حيقيقت نگاري جا ڳوڙها عڪس ماڻهن جي ذهنن تي سدا لاءِ سار بنجي
چٽجي ويل آهن. ائين جيڪڏهن هن جي ڪيل ڊرامن جا ويهي نالا ڳڻائبا ته هڪ وڏو وستار ٿي
پوندو.
سندس مِڙني ڪمن ۾ ”محبتن جي موٽ“ ۾ سندس اداڪاري ڏسڻ وارن کين ڀرپور انداز
۾ ساراهيو آهي، اُتي ڪيترن ليکڪن ۽ دوستن مٿس مضمون لکي کيس همٿايو ۽ جس ڏني آهي، اسان
جي دعا آهي هلندڙ سفر ۾ پاڻ وڌ کان وڌ سڦلتا ماڻي ۽ وقت سان گڏ ڊرامن ۾ ايندڙ جدت
۽ تبديلي سان هي پاڻ به پنهنجو مثال پاڻ بنجي وڃي.
No comments:
راءِ ڏيندا