رفيق عيساڻي
کاهوڙي اداڪار
مريم مجيدي
سنڌ جي بهترين اداڪار رفيق عيساڻي ميمڻ جو جنم ۷، اپريل ۱۹۶۶ع تي دڙي شهر ۾ ٿيو. پنهنجي
تعليم جي تڪميل، يعني ايم اي سوشالاجي، سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن سنئون
سنواٽو اداڪاري جي واٽ ورتي. هن ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڳولڻ بدران، ننڍپڻ جي شوق ۽ پنهنجي
ذهني لاڙي کي ترجيح ڏيندي فن جي دنيا ۾ پير پاتو. سال ۱۹۸۶ع ڌاري ”واسينگ جو وير“ اسٽيج ڊرامي ذريعي، هن پنهنجي اداڪاري جي ابتدا
ڪئي. ان ريت پنهنجي شوق جي سڦلتا جو سفر، اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري رکندو اچي. هن
فنڪار جي اندر جي اُڻ تڻ اتي بس نه ڪئي. ان ڪري هن اڳتي هلي پنهنجي جنم ڏينهن ۷، اپريل ۱۹۹۳ع تي ”ڀٽائي آرٽس ڪائونسل“
جو بنياد رکي، هن ڌرتي جي سماجي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي اُجاگر ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي.
مطلب ته هي هڪ اهڙو حساس فنڪار آهي جنهن کي ڄاڻ آهي ته محنت ۽ اَورچائيءَ جو اُجورو،
فقط محبت سان ڏنل مڃتا ئي ٿي سگهي ٿو.