; سنڌي شخصيتون: اداڪاره شهزادي، سيد يار محمد شاهه، ممتاز علي شيخ، وزير فرھاد سولنگي،
Showing posts with label اداڪاره شهزادي، سيد يار محمد شاهه، ممتاز علي شيخ، وزير فرھاد سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label اداڪاره شهزادي، سيد يار محمد شاهه، ممتاز علي شيخ، وزير فرھاد سولنگي،. Show all posts

13 December, 2013

اداڪاره شهزادي


فن جي تاريخ جي شهزادي
سيد يار محمد شاهه
اسان جي شوبز ۾، اداڪاره مرحومه شهزادي، واقعي هڪ شهزادي هئي. جوانيءَ کان وٺي مرڻ تائين خوبصورت زيور، خوبصورت ڪپڙا ۽ خوبصورت ميڪ اپ ۾ هوءَ هميشه خوبصورت ترين لڳندي هئي. بليڪ اينڊ وائيٽ جي زماني ۾ هوءَ هڪ ڊاڪٽرياڻي مثل، ماڻهن جو علاج به ڪندي هئي، ته گڏو گڏ ريڊيو جي صداڪاري به ڪندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسٽيج تي اداڪاري به ڪندي هئي. سنڌيءَ ۾ ٺهندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ”پنو عاقل“ جنهنجي پاڻ شهزادي هيروئن به هئي ۽ شايد ان ۾ سندس اسي فيصد پيسو به لڳل هو، ڇو ته جڏهن آئون بحيثيت ڊسٽري بيوٽر جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي فلمن جي ڊسٽريبيوشن ڪندو هوس ته هوءَ پنهنجي فلم ”پنو عاقل“ هلائڻ لاءِ ڏاڍي منٿ به ڪندي هئي.