خان بهادر غلام محمد اسراڻ
ماڻهو مڻيادار
عبدالواحد وڌو
هن ڌرتي جي گولي تي ڪيترن ئي هستين جنم ورتو ۽ هر ماڻهو پنهنجو منفرد
ڪردار ادا ڪري هليو ويو۔ جن ماڻهن هن ڌرتي تي عظيم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيا ۽ جيڪي پنهنجي
علائقي ۽ ديس واسين جي حقن جو آواز بڻيا انهن جو نانء تاريخ جي سونهري اکرن ۾ سرفهرست
آهي۔ انهن ئي ماڻهن ۾ غلام محمد خان اسراڻ به هڪ بي مثال ڪردار آهي۔ خان بهادر غلام
محمد خان اسراڻ ۷
نومبر ۱۸۶۳ع ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ خير پور جوسو ڀرسان ڳوٺ غلام
محمد اسراڻ ۾ ڄائو، سندس والد عبدالله خان اسراڻ زميندار ۽ هلندي پڇندي وارو انسان
هو، غلام محمد خان اسراڻ پنهنجي تعليم لاڙڪاڻو مان ڀرائي ۽ اتي ئي فارسي به سکيو، هو
ننڍي هوندي کان ئي ذهين، سلڇڻو ۽ همت وارو هو، پنهنجي وقت جو ڏهيسر هو، هو هڪ اعليٰ
سياستدان هئڻ ڪري سنڌ تي ڇانيل رهيو، علائقي جي غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا
حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، هن علائقي ۾ سڙڪون ٺهرائڻ سان گڏ مٺي پاڻي جا کوهه کوٽايا، پاڻ ماٺيڻي طبعيت جا مالڪ
هئا، جهيڻي لهجي ۾ ڳالهائڻ وارا ۽ مظلوم طبقي جي ماڻهن ۽ دوستن سان پيار ۽ پاٻوهه پيش
اچڻ ته سندس فطرت ۾ شامل هو۔ هونءَ تا نرم مزاج
ماڻهو هو پر غريبن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيءَ تي صفا جذباتي ٿي ويندو هو. خانبهادر
غلام محمد اسراڻ ۾ ننڍي هوندي کان ئي هڪ اعليٰ خيالن واري انسان جون خصلتون موجود هيون.
جنهن ڪري وٽس غريب شاگرد، هاري، ناري هر وقت ايندا هئا ۽ کائنس امداد حاصل ڪري ويندا
هئا ۽ سنڌ جو هي هڏڏوکي انسان انهن جي مالي
مدد ڪندو هو. هو سخي انسان هو، انصاف ڀريا فيصلا ڪندو هو، ٻن ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ کي
هو افضل عبادت سمجهندو هو، هڪ ڀيري ڳوٺ جي هڪ فقير سيدل نالي سندس ننڍي ڀاءُ احمد علي
خان لاءِ دانهن ڏني ته ”احمد علي خان سندس عزت ۾ هٿ وڌا آهن“ جنهن تي غلام محمد اسراڻ
فورن ڀاءُ احمد علي کي گهرائي ڳالهيون ٻڌي ڀاءُ کي ڏوهي قرار ڏيندي چيو ته ”عزت جو
عيوض عزت، تو فقير جي عزت ۾ هٿ وڌا هاڻي فقير تنهنجي عزت ۾ هٿ وجهندو“ اهڙي فتويٰ بعد
ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ان وقت کان هاڻي تائين اها چوڻي مشهور آهي ته ”عزت
سان رهڻو اَٿوَ ته اسراڻ جي پاڙي ۾ رهو“ هن جا فيصلا عدل ۽ انصاف تي ٻڌل هوندا هئا،
ان ڪري ان وقت جي حڪومت کيس فرسٽ ڪلاس آنرري اسپيشل مئجسٽريٽ جي عهدي سان نوازيو.