ريشمان
بلبل صحرا
مصطفٰي ملاح
راجسٿان جي صحرا ۾ جتي هر هنڌ اُٺَ هلندا رهندا آهن ۽ صحرا جي خاموش هوائن
۾ هڪ سُريلي آواز ’بلبلِ صحرا‘ ريشمان اک کولي. قدرت راجسٿان جي مٽيءَ مان هن کي ٺاهيو
پر پاڪستان اچي هن پنهنجي آواز ذريعي سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي. گلوڪارا ريشمان گذريل
ڏينهن ۶۶ ورهين جي ڄمار ۾ وڏو عرصو ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهڻ کان پوءِ لاهور جي
هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. هن جي آواز ۾ انفراديت هوندي هئي ۽ سندس آواز خودبخود
دلين ۾ لهي وڃڻ جي صلاحيت رکندو هو. ريشمان جو اندازِ گفتگو به دلڪش ۽ مزاحيه هوندو
هو. اهڙا به خوبصورت جملا محفل ۾ اڇلائيندي هئي، جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. بُلبلِ
صحرا، لوڪ گلوڪاره، ريشمان کي اهو گمان ڪڏهن به ڪو نه رهيو هو ته مان هڪ ڏينهن ريڊيو
۽ ٽي وي تي به سُرن جي ورکا ڪري، عوامي داد ماڻينديس. ڇو ته هن جي خاندان وارن ريڊيو
۽ ٽي وي کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪو نه هو. هي اڪثر خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندي، شادين
مرادين ۾ سهرا ۽ لاڏا ڳائي گذر سفر ڪندا هئا.