ڊاڪٽر محبوب شيخ
سنڌ جو تعليمدان ۽ برک اديب
الطاف شيخ
ڪراچي سيپٽمبر ۲۰۱۹ع
هيءُ ڪتاب پنهنجي پياري
دوست، ميهڙ جي محبوب علي شيخ نالي ڪريان ٿو، جنهن محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کي
سچي دل ۽ devotion
سان ٻين تائين پهچايو. ڪير نٿو ڄاڻي ته اها
تعليم ئي آهي، جنهن جي کوٽ ڪري، اسان جي صوبي جا ماڻهو- خاص ڪري سنڌي مسلمان، ايڏو
پٺتي رهجي ويا آهيون. اسان جي صوبي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قدرت سياستدان، وزير، وڏيرا،
رئيس، اثر رسوخ وارا پير مير ويندي تعليمي ادارن جا وائيس چانسلر ۽ پرنسپال بڻايو پر
سواءِ چند ماڻهن جي ٻين ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو. هنن پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ تعليمي توڙي
ادبي ادارا هڪ طرف تباهه ڪري ڇڏيا، ته ٻئي طرف سنڌ جي نوجوان نسل سان ناانصافيون ڪري
انهن جو تعليم تان روح کٽو ڪري ڇڏيو. اهڙي تناظر ۾ سائين محبوب شيخ پنهنجي وت ۽ وس
آهر گهڻو ڪي ڪري ڏيکاريو. منهنجي هن سان سڃاڻپ به هن جي تعليمي خذمتن ڪري ٿي.
اسان جو جهاز سعودي
عرب جي بندرگاهن ۾ ايندو هو ته اتي رهندڙ اسان جي پاڪستاني فئملين جي واتان اهائي
شڪايت ٻڌبي هئي ته هو سندن ٻارن جي تعليم جو بهتر بندوبست نه هجڻ ڪري سخت پريشان آهن.
جدي ۾ جيڪو پاڪستاني اسڪول هو ان جي سربراهن جي سفارش تي پوسٽنگ ٿيڻ ڪري انهن شاگردن
جي تعليمي معيار ۾ ڪابه دلچسپي نٿي ورتي. ان ڪري والدين کي پنهنجي ملڪ جي اسڪول جي
انتظاميا سان هر وقت شڪايت رهي ٿي جنهن جو اظهار هنن اسان جهاز وارن سان ڪيو ٿي.
اهڙي طرح هڪ دفعي ٻن
سالن بعد جڏهن جهاز دمام ۽ جدي آيو ته مون کي حيرت ٿي ته سعودي عرب ۾ رهندڙ اسان
جا پاڪستاني پنهنجي اسڪول عزيزه جدي واري (انٽرنيشنل اسڪول) جي تعريف ڪرڻ لڳا. هنن
ان بهتريءَ جو ڪارڻ “ڊاڪٽر محبوب علي شيخ” نالي ٻڌايو جيڪو نئون پرنسپال ٿي آيو هو.
سڀني هن جي واکاڻ ڪئي ته هو بيحد محنتي آهي ۽ اسڪول جو نمونو ئي بدلائي ڇڏيو اٿس.
مونکي اها به خوشي ٿي ته هن جو سنڌ سان تعلق آهي. ڏٺو وڃي ته اسڪول جي پنجاهه سالن
جي تاريخ ۾ هي پهريون سنڌي آهي جنهن کي هن اسڪول جو پرنسپال بڻايو ويو.
سعودي عرب ۾ رهي آيلن
جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جدي جي هن اسڪول ۾ اڄ جيڪو سنڌي سيڪشن ڏسو ٿا،
اهو محبوب شيخ شروع ڪرايو ۽ پهرئين سال ۾ ئي ۳۰۰ شاگردن داخلا ورتي هئي. ان ڳالهه کان ته ڪو
انڪار ڪري نٿو سگهي ته سعودي عرب ۽ سنڌ جي ويجهڙائي ۽ ساڳي موسم هجڻ ڪري اڄ به سعودي
عرب ۾ سنڌ جا گهڻا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻيا پورهيت نوڪريون ڪن ٿا. جدي جو اهو پاڪستاني
انٽرنيشنل اسڪول چار ماڙ آهي، جنهن ۾ نرسري کان ڊگري ليول تائين شاگردن لاءِ هڪ سؤ
جي لڳ ڀڳ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا آهن ۽ سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي سيڪشن ۾ جملي ۱۵۰۰۰ کن ٻار آهن.
ڊاڪٽر محبوب شيخ هڪ
سٺو اديب به آهي، هن جا مخلتف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ايندا رهن ٿا. سندس ٻه سفرناما
“ميهڙ کان ماسڪو” ۽ “ترڪيءَ ۾ چار مسافر” ڇپجي چڪا آهن جيڪي پڙهندڙن ايڏو پسند ڪيا
جو هيستائين اِنهن مان هر هڪ جا ٻه ٻه ٽي ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اڄ ڪلهه هو فنلئنڊ
۾ پنهنجي پٽ وٽ ٻن ٽن مهينن کان رهيل آهي. جتي هو فنلئنڊ جو سفرنامو لکي رهيو آهي.
ڊاڪٽر محبوب جهڙن
پنهنجي هم عمر دوستن کي آئون هميشه پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ چوندو آهيان، خاص ڪري
انهن کي جن جو واسطو ڳوٺن، شهرن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ عام ۽ خاص ماڻهن سان رهيو
آهي. جيئن اڄ جي دور جي نوجوان کي اسان جي ملڪ ۽ ڳوٺ جي اڌ صدي اڳ جي حالتن جي ڄاڻ
ملي سگهي. جيئن اسان جو محبوب ننڍي هوندي جنهن ڳوٺ ۾ رهيو ٿي، اتان اسڪول پري هجڻ ڪري
هو ڏاچي تي چڙهي ويندو هو. هو لاڙڪاڻي جهڙي شهر جي ڪاليج ۾ به پڙهيو ته ڄامشورو سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ به، ته ماسڪو جهڙي دنيا جي وڏي شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ به. مختلف تعليمي
ادارن جو سربراهه رهڻ دوران هن جون ملڪ جي عام ماڻهن: شاگردن، آفيسرن، ڳوٺاڻن، وڏيرن
۽ پيرن ميرن سان هڪ طرف ملاقاتون ٿيون ته ذوالفقار علي ڀٽو، نواز شريف، بينظير ڀٽو
۽ پير پاڳارو جهڙن اهم ماڻهن سان ون ٽُو ون ميٽنگون به ٿيون. سندس سڄي زندگي ويندي
رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به تعليم ۽ تدريس سان ڳانڍاپيل رهيو. هو هڪ نيڪ، ايماندار،
خدا جو خوف رکندڙ ۽ سنڌ جي نوجوانن جو ڀلو چاهيندڙ ۽ پنهنجي فيلڊ جو قابل استاد ٿي
رهيو اهوئي سبب آهي جو سندس شاگرد توڙي ڪُليگ ساٿي سندس دل جي گهراين سان عزت ڪن ٿا.
محبوب علي شيخ ۲۱ جولاءِ ۱۹۴۶ع تي ميهڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ٻٽ سرائي” ۾ هڪ
ديندار ۽ تعليم يافته فئمليءَ ۾ جنم ورتو. ننڍڙي ڳوٺ جو ٿي ڪري، محبوب شيخ جو ڏاڏو
نه فقط پڙهيل ڳڙهيل هو پر انگريزن جي ڏينهن ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ “ٿرڙي محبت” جي اسڪول
جو هيڊماستر به هو. هن محبوب شيخ جي والد صاحب حاجي شمس الدين ۽ ٻين پٽن غلام سرور،
حاجي نظام الدين، حاجي ظفر الدين، حاجي محمد خان ۽ حاجي علي خان کي نه فقط بهتر اڪيڊمڪ
تعليم ڏئي سٺين نوڪرين لاءِ قابل ڪيو، پر ديني تعليم ڏئي هنن کي نيڪ انسان ۽ سٺو
شهري پڻ بڻايو. ان جو اندازو توهان ڊاڪٽر محبوب علي شيخ جي اخلاق ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ
مان لڳائي سگهو ٿا. هو سيڪريٽري سنڌ حڪومت، رجسٽرار بينظير يونيورسٽي ۽ سکر بورڊ
جو چيئرمئن ٿي ويو، تڏهن به هو اهڙو ئي نهٺو ۽ سادي طبيعت جو رهيو، جهڙو هو پهرين
پوسٽنگ تي هو- يعني تعليم مڪمل ڪرڻ بعد شڪارپور جي “چيلا سنگهه سيتل داس (C&S) ڪاليج” ۾ ۱۹۶۹ع ۾ ليڪچرر ٿيو هو. سندس والد صاحب حاجي شمس
الدين، اريگيشن کاتي ۾ SDO کان ٻين عهدن تي رهيو، ان لاءِ مشهور آهي ته
هن ٻارهن تيرهن سالن جي ڄمار کان روزا رکڻ ۽ نماز پڙهڻ شروع ڪئي ته ۶۹ سالن جي عمر ۾ وفات ڪرڻ تائين، قائم رکيائون.
محبوب پنهنجي پرائمري
تعليم جو پهريون سال بدين ضلعي جي ٽنڊوباگو ڳوٺ جي اسڪول کان شروع ڪيو. انهن ڏينهن
۾ هن جي والد صاحب جي ٽنڊوباگو ۾ نوڪري هئي، ان ڪري هو پنهنجي ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ کان ٽنڊو
باگو اچي رهيا هئا. ان بعد هن پرائمريءَ جا ڪجهه سال پنهنجي ڳوٺ به اچي پڙهيا.
۱۹۵۶ع ۾ هن ڳوٺ کي الوداع چئي لاڙڪاڻي ضلعي جي گورنمينٽ (پائلٽ) هاءِ اسڪول ۾
داخلا ورتي. ننڍن ڳوٺن جي ننڍن اسڪولن مان پڙهي ضلعي جي هڪ وڏي عمارت واري اسڪول ۾
داخلا وٺڻ جو تجربو محبوب لاءِ هڪ حيرت جي ڳالهه هو. محبوب ٻڌائيندو آهي ته هو لاڙڪاڻي
جو هيڏو وڏو اسڪول ڏسي وائڙو ٿي ويو ته هن ۾ ته هو گم ٿي ويندو. ان ڊپ کان هو ٻه ٽي
ڏينهن اسڪول ئي نه ويو. انهن ڏينهن ۾ هِن اسڪول جو هيڊماستر واحد بخش شيخ هو، جنهن
جي ۽ هڪ استاد لڇمڻ داس جي محبوب اڄ به تعريف ڪري ٿو ته هو بيحد محنتي استاد هئا ۽
ٻارن جو خيال ڪندا هئا. اڄ ان کي ۶۰ سالن کان مٿي ٿي ويا آهن، اهڙا نيڪ ۽ Devoted استاد اڄ به
محبوب جهڙن شاگردن کي ياد آهن. ان ڪري ته آئون هر هر اهو چوندو رهان ٿو ته ٽيچنگ هڪ
نيڪ ڪم آهي، بشرطيڪه توهان محنت، دل جي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ٻارن کي پڙهايو ۽
هنن جو خيال رکو. توهان ڪنهن کان به پڇي ڏسو، وڏو عرصو گذرڻ بعد به هو توهان کي
پنهنجن سٺن استادن بابت ٻڌائيندو ۽ هو هنن جو احسان مند نظر ايندو.
والد صاحب جي سکر بدلي
ٿيڻ تي محبوب عليءَ کي لاڙڪاڻي جو اسڪول، ان جا ٽيچر ۽ ڪلاس ميٽ دوست ڇڏي سکر جي اسڪول
۾ سال کن پڙهڻو پيو ۽ سال بعد سندس والد کي جڏهن گڊو بيراج تي رکيو ويو ته محبوب
کي سکر جو اسڪول ڇڏي ڪشمور جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي. مون ڏٺو آهي ته جن ٻارن
جي والدين جي بدليءَ ڪري جتي تعليم ڊسٽرب ٿئي ٿي، اتي هنن کي مختلف شهرن ۾ رهڻ ۽ مختلف
اسڪولن جي تعليمي نظام جو به تجربو ٿئي ٿو ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن جي شاگردن سان
دوستي ٿئي ٿي. بس اهو آهي ته والدين پنهنجن ٻارن کي مانيٽر ضرور ڪن ته نون اسڪولن
۾ هنن جا نوان دوست ڪهڙي اخلاق جا آهن ۽ هنن کي هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ اچڻ تي جيڪا
تعليم ۾ کوٽ ٿئي ٿي. ان جو ضرور پورائو ڪن ته پوءِ ٻار لاءِ اهي “اسڪول بدليون”
فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ هن جو زندگي ڀر سٺن دوستن سان ساٿ رهي ٿو. جيئن الله
رکيو ٻٽ، نثار ٻٽ، غلام حسين بلوچ، غلام قادر سومرو، ديدار سومرو، غلام حسين شيخ، اڪبر
حيدر سومرو، شاه مسعود، اڪبر چانڊيو، علي محمد شيخ، رحمت حسين جعفري، عبدالرزاق بگٽي،
صدر الدين پيچوهو ۽ ٻيا محبوب علي جا مختلف شهرن جا انيڪ دوست هن جا مئٽرڪ کان اڳ ٿيا.
انهن مان ڪيترن ئي سان محبوب علي جي دعوتن ۾ منهنجي به ملاقات ٿي چڪي آهي ۽ هو
پنهنجي ننڍپڻ جا ٻٽ سرائي، ڪشمور، ٽنڊو باگو، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا ڏينهن ياد ڪري ڏاڍو
Enjoy
ڪندا آهن. محبوب شيخ جي ذوالفقار قادري ۽ عبدالقادر
منگيءَ سان به انهن ڏينهن ۾ ملاقات ۽ دوستي ٿي. ان وقت ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته اهي
توڙي محبوب علي شيخ هڪ ڏينهن سنڌ جا اعلى ليکڪ ٿيندا ۽ پڙهندڙن جي دلين تي راڄ ڪندا.
۱۹۶۴ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد محبوب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. ان وقت صوبي جي اڪيلي
يونيورسٽي هجڻ ڪري محبوب جي ملاقات نه فقط صوبي جي هر ضلعي جي شاگردن سان پر ملڪ
جي هر صوبي ۽ ٻين ملڪن جي شاگردن سان ٿي، جيڪي اتي رهيل هئا ۽ مختلف سبجيڪٽن ۾
تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. يونيورسٽيءَ جا هي چار سال ٻين ڪيترن ئي شاگردن وانگر اسان
جو محبوب به انهن کي زندگيءَ جا Best Years ساري ٿو. انهن
ڏينهن ۾ جتي هن کي خوشيون حاصل ٿيون اتي ۴ مارچ ۱۹۶۷ع تي، يوسف لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هلايل تحريڪ دوران
گرفتاري به ٿي. هو ۲۹۷ شاگردن سان گڏ سينٽرل جيل پهتو. محبوب ٿو ٻڌائي
ته گرفتاريءَ کان اڳ رينجرز ٻين سان گڏ هن کي به لوهي ڳنن واريون لٺيون اهڙيون
هنيون جو اڄ ۵۰ سالن بعد به انهن جا پٺن تي نشان چٽا آهن، جن کي ڏسي سندس گهر واري چوندي
آهي ته “شل مار پوين، ڏاڍا ڪي بي رحم هئا.”
محبوب هميشه چوندو
آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڏينهن اک ڇنڀ ۾ گذري ويا. يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي پسنديده
شخصيت هجڻ ڪري سنگت کيس آخري سال ۾ يونين جي صدارت لاءِ اليڪشن ۾ بيهاريو. سندس
مقابلي ۾ حيدرآباد جي زينت منشي بيٺي. محبوب ٻن ووٽن تان اليڪشن هارائي ويو. بهرحال
محبوب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڏينهن ۾ تمام سٺا دوست نصيب ٿيا جيئن: سڪندر شيخ، مجيد
عباسي، اعجاز قريشي، رياض شيخ، کيمچند لالواڻي، عبدالرزاق ابڙو، ظفر نظاماڻي، شيام
لعل، ماجد ڀرڳڙي، شريف ميمڻ، ڄام ساقي، شڪور دائود پوٽو، قمر فاروقي، روشن شيخ،
تاج ميمڻ، لياقت جتوئي وغيره. انهن جون اڄ به محبوب ڳالهيون ڪري پاڻ به کلندو آهي
ته ٻين کي به کلائيندو آهي.
هتي اهو به لکندو
هلان ته محبوب جي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن کي اهڙن ماڻهن جو به ديدار ۽ ملاقات
نصيب ٿي، جن جي فقط هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ اڄ جا شاگرد ۽ سنڌ جا ماڻهو آتا آهن. جيئن
ته: وي سي حسن علي عبدالرحمان، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر خان، متين صاحب، شاهنواز
عارباڻي، ڊاڪٽر ممتاز قاضي وغيره. محبوب شيخ سنڌ يونيورسٽيءَ مان باٽنيءَ ۾ ڊگري
حاصل ڪئي، ان بعد هن جي پهرين پوسٽنگ “ليڪچرار” طور شڪارپور ۾ ٿي. محبوب ايم ايس
سي (آنرز) ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن کنئي، جنهن لاءِ هن ظاهر آهي تمام گهڻي محنت ڪئي.
منهنجي ان بابت پڇڻ تي هن جيڪو جواب ڏنو، ان سان آئون پاڻ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ سهمت
آهيان ۽ سندس اهو جواب هر ان ٽيچر لاءِ اهم سمجهان ٿو جيڪو سٺو استاد ٿيڻ چاهي ٿو.
محبوب چوي ٿو ته: “شڪارپور ۾ جڏهن ليڪچرار ٿيس ته مون پنهنجي سبجيڪٽ باٽنيءَ ۾
تعليم وارن ڏينهن کان به گهڻي محنت ڪئي. ڇاڪاڻ جو شاگردن کي ڪلاس ۾ مطمئن ڪرڻ ۽
سندن دلچسپي برقرار رکڻ ڪو آسان ڪم ناهي. استاد ٿيڻ ته سولو آهي، پر هڪ سٺي استاد ٿيڻ
لاءِ ڏاڍي محنت ۽ علمي پورهيو ڪرڻو ٿو پوي.”
شڪارپور جي ڪاليج
(چيلا سنگهه سيتل داس) ۾ چار سال پڙهائڻ بعد محبوب علي شيخ ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۹ع تائين لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ پڙهايو. هتي اهو به
لکندو هلان ته جتي شاگرد پنهنجن سٺن استادن کي ياد رکن ٿا، اتي هر استاد پنهنجن
ذهين، محنتي ۽ سٺي اخلاق وارن شاگردن کي به ياد ڪري ٿو. محبوب شيخ هميشه لاڙڪاڻي ڪاليج
جي تعريف ڪندو آهي ته هن کي اتي سڀ کان وڌيڪ ذهين ۽ محنتي شاگرد مليا. انهن مان ڪجهه
جا نالا هن کي اڄ به ياد آهن ۽ سٺو نالو پئدا ڪرڻ ڪري اڄ به سنڌ جا ماڻهو هنن کان
واقف آهن، جيئن: اياز سومرو، خالد محمود سومرو، ڪريم راڄپر، نندلال، روشن شيخ، اڪبر
سولنگي، احمد علي شيخ، سلطان شيخ، محبوب شاهه، امان جوکيو، مجيد شيخ، حافظ سليمان،
ايوب شيخ، صفي جوکيو، عبدالخالق شيخ، ڊاڪٽر اسلم سنديلو، آفتاب شيخ، محمد علي ٿلهو،
حنيف شيخ، عبيد شيخ وغيره.
مارچ ۱۹۷۹ع تي محبوب شيخ جي حڪومت طرفان پي ايڇ ڊي ڪرڻ
لاءِ اسڪالرشپ منظور ٿي ۽ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن روس جي شهر ماسڪو ۾ چار سال
گذاريا. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا ڪجهه ٻيا شاگرد به پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا. جيئن:
اسان جي ڳوٺ جو عبدالرزاق ابڙو، سيف الله ميمڻ، عبدالقادر قريشي، منير جوڻيجو،
شريف ڦلڻ، غلام حيدر ڄامڙو، اميد علي ٻرڙو ۽ گل محمد بلوچ. روس مان واپسي تي ۱۹۸۳ع ۾ محبوب شيخ کي سال اڌ لاءِ لاڙڪاڻي ڪاليج
۾ رکيو ويو، ان بعد ۱۹۸۴ع ۾ هن کي ڏوڪري ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. هي اهي ڏينهن هئا جن ۾
محبوب شيخ پنهنجو پهريون سفرنامو “ميهڙ کان ماسڪو” مڪمل ڪيو.
ڏوڪري جي ڪاليج ۾
به محبوب کي ڪي اهڙا ته سٺا استاد مليا جن جو هو اڄ ۳۵ سال گذرڻ بعد به ذڪر ڪندو رهي ٿو جيئن: حمزه
علي شيخ، ليکراج، رمضان چانڊيو، شعبان شيخ، جيوڻ ۽ سليم ڪورائي. ان ڪاليج جي شاگردن
مان حق نواز سمون ۽ هاشم ابڙو وڌيڪ ياد اٿس. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ست ڪاليج
هئا جن جا پرنسپال هئا: پروفيسر رحيم بخش ميمڻ، عبدالمنان چانڊيو، عبدالمجيد ميمڻ،
گوپال داس، مشتاق سومرو ۽ محمد پناهه ابڙو. انهن سان، محبوب شيخ ٻڌائي ٿو ته، “روزانو
شام جو پروفيسر فضل ڀٽيءَ جي ميڊيڪل اسٽور تي ڪچهري ٿيندي هئي.” اڄ اهي ۽ محبوب
شيخ جا ڪيترا استاد ۽ ڪليگ حيات نه آهن پر منهنجي دل چوندي آهي ته لاڙڪاڻي، ڏوڪري،
سکر، قمبر، شڪارپور پاسي وڃي انهن جي اولاد سان ملان، جن مونکي پڪ آهي ته پنهنجن وڏن
وانگر محنت ڪري تعليم ۾ نالو ڪڍيو هوندو ۽ پنهنجي ميرٽ تي سٺين پوسٽن تي پهچي ساڳي
محنت ۽ ايمانداريءَ سان ملڪ ۽ قوم جي خذمت ڪري رهيا هوندا.”
لاڙڪاڻي بعد ۱۹۸۸ع ۾ ڊاڪٽر محبوب شيخ ڪجهه عرصي لاءِ ڪراچي جي
“ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) سائنس ڪاليج” جو وائيس پرنسپال ٿي رهيو، جنهن بعد سال ۱۹۸۹ع ۾ هو جدي (سعودي عرب) ۾ پاڪستان ايمبسي جي
انٽرنيشنل اسڪول جو پرنسپال چونڊيو ويو، جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته محنت ۽
ايمانداري سان ڪم ڪري ڊاڪٽر محبوب پنهنجو نالو به پيدا ڪيو ۽ اسان سنڌين جو پڻ ڳاٽ
اوچو ڪيو، جو جڏهن کان (۱۹۵۹ع ۾) هي اسڪول ٺهيو، اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽر محبوب شيخ پهريون سنڌي پرنسپال ٿي
رهيو. سعودي عرب کان موٽڻ بعد ڊاڪٽر محبوب شيخ کي ڪراچيءَ جي “آدم جي سائنس ڪاليج”
۾ پروفيسر طور رکيو ويو. ۱۹۹۳ع ۾ ڊاڪٽر محبوب کي ضلع سانگهڙ جي “ڄام نواز علي” ڳوٺ جي
ڪئڊٽ ڪاليج جو پرنسپال ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. هو هن ڪاليج ۾ ساڍا چار
سال کن رهيو، ان بعد هن ڪراچيءَ جي عائشه باواني ڪاليج لاءِ پروفيسري گهري ورتي.
ڪراچي پهچڻ تي ڊاڪٽر
محبوب کي ان وقت جي سنڌ جي گورنر جنرل معين حيدر، لاڙڪاڻي جي تعليمي بورڊ جو چيئرمين
بنايو. اها هڪ Challenging جاب هئي، جو بورڊ گندي سياست جي ور چڙهي تباهه
ٿي چڪو هو، جنهن کي سنئين راهه تي آڻڻ ڪو سولو ڪم نه هو. بقول محبوب علي شيخ جي، جنهن
هن بورڊ جي ۲۸ آڪٽوبر ۱۹۹۸ع تي چارج ورتي، “بورڊ جو حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو جو اهو هڪ وڏيرڪي اوطاق ٿي لڳو.
سرڪاري آفيس ته ڪنهن به ڪنڊ کان نٿي لڳو، جنهن جو اظهار گورنر صاحب به ڪري چڪو هو.”
ڊاڪٽر محبوب لاڙڪاڻي
بورڊ ۾ سوا ٽي سال رهيو. مئٽرڪ ۽ انٽر جا صاف ۽ شفاف نموني امتحان ڪرائي اداري جي
ساک بحال ڪيائين. اتان پوءِ هن کي بيورو آف ڪريڪيوليم ڄامشورو ۾ ڊائريڪٽر طور رکيو
ويو. محبوب اتي جي ساٿين کي به ڏاڍو ياد ڪري ٿو، جيئن: محبوب هاليپوٽو، مسرت رضوي،
سعدالله، شريف ڪلهوڙو، روشن پنهور، راڌو خان، مجيد ڀرٽ، ادريس جتوئي، عنايت شيخ وغيره.
بيورو ۾ ڪم دوران ڊاڪٽر محبوب کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي اضافي چارج به ڏني وئي. سال
۲۰۰۴ع ۾ ڊاڪٽر محبوب کي ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم مقرر ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ جي “تغلق
هائوس” ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر محبوب روٽري ڪلب ڪراچي (سنڌ ويلي) جو صدر. سنڌ ويزن جو
سيڪريٽري جنرل آھي. هو آرٽس ڪائونسل ۽ سگا جو لائيف ميمبر پڻ آھي.
منهنجي خيال ۾ سال۲۰۰۸ع هو جو مونکي لياري ڪراچي جي بينظير يونيورسٽيءَ
۾ ليڪچر لاءِ گهرايو ويو. ڊاڪٽر محبوب شيخ سان اتي ملي مونکي خوشي ٿي. هو پنجن
سالن کان سکر ۾ بورڊ جو چيئرمئن هو. وي سيءَ ٻڌايو ته محبوب کي هاڻ رجسٽرار طور
هتي وٺي آيا آهيون. ڊاڪٽر صاحب جي اها آخري پوسٽنگ هئي، جو ان بعد آئون کيس هر وقت
گهمڻ ۾ مشغول ڏسان ٿو. هي رائيٽ اپ لکڻ شروع ڪرڻ مهل هو فنلئنڊ هو ۽ هينئر فون ڪيم
ته خبر پيئي ته هو آمريڪا ۾ آهي. پڪ اٿم ته واپسي تي هو نه فقط اتي جا سفرناما لکندو
پر اسان جي شاگردن لاءِ اتي جي تعليمي ادارن بابت گائيڊ لائين به ڏيندو.
ڊاڪٽر محبوب سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ دوران ۱۴ مارچ ۱۹۶۸ع تي شادي ڪئي. کيس ٽي پٽ عبدالقادر، اعجاز ۽ يوسف ۽ ٻه ڌيئون:
ثريا ۽ شائسته آهن. ڊاڪٽر محبوب جا به ٽئي پٽ هن وانگر، بلڪ آئون ته اهو چوندس پنهنجي
پڙڏاڏي حاجي عزيز الله شيخ وانگر درس تدريس جي ڪمن ۾ لڳل آهن. هتي اهو لکڻ بي محل
نه ٿيندو، ته عبدالقادر شيخ ڪراچي جي NED يونيورسٽيءَ
مان اليڪٽريڪل انجيئرنگ ۾ B.E ڪئي، ان بعد ڪراچيءَ
مان ئي MBA
ڪئي. ان بعد هن ڪئناڊا مان PMP (پروجيڪٽ مئنيجمينٽ پروفيشنل) ڪئي. هاڻ هو ان ئي سبجيڪٽ
۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. اعجاز شيخ اڄ ڪلهه فنلئنڊ ۾ آهي. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان
ايم اي ايڪانامڪس ڪرڻ بعد اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ نوڪري ڪئي. جتان هن کي ايم فل ڪرڻ
لاءِ فنلئنڊ وارن کان اسڪالر ملي. M.Phil ڪرڻ بعد هو وري واپس اسٽيٽ بئنڪ ۾ آيو. جتان پوءِ هو سکر جي IBA تعليمي اداري
۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. هاڻ فنلئنڊ جي هن يونيورسٽي “يوواسڪيلا” مان Ph.D. ڪري چڪو آهي.
ڊاڪٽر محبوب علي
شيخ جي ننڍي پٽ ڊاڪٽر يوسف شيخ ڪراچي جي ڊو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان سال ۲۰۰۰ع ۾ MBBS ڪئي ۽ سال ۲۰۰۱ع ۾FCPS جو پارٽ ون ڪيو. ان بعد ۲۰۰۳ع ۾ USMLE (يونائٽيڊ اسٽيٽس
ميڊيڪل لائسننگ ايگزَمينئشن) جا امتحان پاس ڪيا. آمريڪا ۾ اسان جي ڊاڪٽرن کي پڙهڻ
يا نوڪري ڪرڻ لاءِ هي امتحان، جنهن جا ٽي پارٽ ٿين ٿا، پاس ڪرڻ ضروري هوندا آهن.
ان کان پوءِ، ڊاڪٽر يوسف سال ۲۰۰۸ع ۾ الينوائي (Illinois) يونيورسٽي،
شڪاگو مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ اڄ ڪلهه يونيورسٽي آف ميساچوسٽس ۾ ميڊيسن جو پروفيسر
آهي يعني هو به پنهنجن وڏن ڀائرن، والد محبوب شيخ، ڏاڏي جي ڀاءُ پروفيسر نظام
الدين شيخ (جيڪو پڻ محبوب وانگر ڊي جي سائنس
ڪاليج ۾ پروفيسر هو، فزڪس سبجيڪٽ جو) ۽ پڙ ڏاڏي وانگر، درس تدريس جو ڪم ڪري، انسان
ذات کي تعليم جهڙي زيور سان مالا مال ڪري رهيو آهي، بقول سندس شڪاگو يونيورسٽي جي Motto (نعري، مقصد)
جي:
“Let Knowledge grow from more
to more; and so be human life enriched.”
(روزانو ڏاچيءَ تي چڙهي پرائمري اسڪول اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ ويندڙ، ٻُٽ سرائي (لاڙڪاڻي) جو نينگر لاءِ، الطاف شيخ صاحب جو منسوب ٿيل نئون ڪتاب “دنيا رنگ رنگيلي”، منجھ ڇپيل)
ڊاڪٽر محبوب علي شيخ
سنڌ جو ڏاهو، معلم، اديب
۽ ھڪ مضبوط آفيسر
آصف رضا موريو
تمام سهڻي ڏيک ويک سان خوبصورت
بتائتي وصفن، ٻهڪندڙ چهري وارو ڊاڪٽر محبوب شيخ سنڌ جو گهڻو پڙهيل، اڪابر، دانشور،
سماجي مصلح طور سڃاتو ويندڙ روشن خيال، مضبود قوت ارادي وارو آفيسر جيڪو پنهنجي
معتبر استادي پيشي جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ب ڏيهي پرڏيهي سماجي، ادبي ۽ تعليمي
معاملن ۾ تمام متحرڪ ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو آهي.
ڊاڪٽر محبوب شيخ جو جنم ۲۱
جولاءِ ۱۹۴۶ع، رمضان شريف جي پھرين روضي رکڻ (سحري) مھل ضلع دادو جي تعلقي ميهڙ جي
هڪ گمنام پر تاريخي وستي “ٻٽ سرائي” ۾ هڪ ديندار ۽ پڙهيل ڳڙهيل گهراڻي ۾ ٿيو. سنڌ
جي ڪلهوڙا حڪمرانن جي دور ۾ آباد ٿيل سندس ڳوٺ راڌڻ شهر کان قريبن سٺ ستر ڪلوميٽر
۽ ٿرڙي محبت کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هتي رهندڙ سرائڪي ڳالهائيندڙ
لوڪن کي ڪلهوڙن سرائي جو لقب ڏنو هيو. هن ۾ شيخ، راشدي شاهه، اسراڻ، ٻٽ، خاصخيلي،
پنهور، پتافي، سانڌ، ڊکڻ، ڪنڀر، ميراسي، لورا، ڌوٻي، حجم ۽ سومرا ذاتين جا ماڻهو
رهن ٿا. پهريون هتي هندو پڻ رهندا هيا جن مان گهڻا تڻا ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي
ويا ته باقي ڌاڙيلن جي خوف کان شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا.
ڊاڪٽر محبوب شيخ جو ڏاڏو حاجي
عزيزاللہ شيخ ٿرڙي محبت جي پرائمري اسڪول ۾ ماستر هوندو هيو، جنهن پوءِ هيڊ ماستر ٿي
رٽائر ڪيو. کيس ۶ پٽ ھيا، جيڪي سٺن عھدن تان رٽائر
ٿيا. ڊاڪٽر صاحب جو والد حاجي شمس الدين ڪراچي جي اين اي ڊي يونيورسٽي مان سول
انجنيرنگ جو امتحان پاس ڪري آبپاشي کاتي سنڌ ۾ ايس ڊي او مقرر ٿيو هيو.
محبوب شيخ شروعاتي تعليم جو
پهريون سال ۱۹۵۵ع ڌاري بدين ضلعي جي شهر ٽنڊوباگو
جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو، جتي سندس والد جي نوڪري هوندي هئي. جڏهن ته باقي درجا
هن پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا. سندس ميٽرڪ کان انٽر وارو تعليمي سفر،
پنهنجي والد جي سرڪاري نوڪري ۾ ٿيندڙ بدلين سبب، لاڏائن وارو رهيو.
سيڪنڊري تعليم لاءِ کيس لاڙڪاڻو
جي پائلٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. جنهن کي ان دور ۾ سنڌ جي ڪجهه شاندار تعليمي
ادارن منجهان سمجهيو ويندو هيو. ۱۹۶۴ع ۾ ڊاڪٽر
محبوب شيخ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ باٽني
واري شعبي ۾ داخلا ورتي، جتان چئن سالن ۾ ايم ايس سي (آنرز) ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ
پوزيشن کنئي.
سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردي دوران ڊاڪٽر
محبوب شيخ پڙهڻ سان گڏ شاگردن واري سياسي، سماجي ۽ ادبي معاملن ۾ متحرڪ رھيو جتي
آخري سال ۾ باٽني ڊپارٽمينٽل يونين جي صدارت لاءِ به اليڪشن ۾ بيٺو هيو پر زينت
منشي کان ٻن ووٽن تان هارائي ويو. يونيورسٽي جي ٽئين سال ۾ پڙهڻ دوران ۴ مارچ ۱۹۶۷ع تي يونيورسٽي جي ۲۶۷
ٻين شاگردن سان گڏ ڪمشنر مسرور خلاف جلوس ڪڍڻ جي ڏوهه ۾
نه رڳو لوهي ڳنن واري لٺين جون مارون کائڻيون پيون پر کيس گرفتار ڪري پنجن ڏينهن
لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو.
۱۴ مارچ ۱۹۶۸ع تي پنھنجي ويجھي مائٽن ۾ سندس شادي ٿي ۽ کين پنج ٻار ٿيا: عبدالقادر (پي
ايڇ ڊي ڪئناڊا) اعجازاحمد (پي ايڇ ڊي فنلينڊ) يوسف علي (فيلوشپ امريڪا) ثريا عزيز (گريجوئيٽ
لاڙڪاڻو) ۽ شائستہ عديل (ايم بي اي ڪراچي).
ڊاڪٽر محبوب شيخ پنهنجي تعليمي
۽ تدريسي زندگي جي شروعات ۲ اپريل
۱۹۶۹ کان شڪارپور جي تاريخي سي اينڊ
ايس (چيلا سنگهہ ۽ سيتل داس) ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيڻ سان ڪئي جتان بدلي ٿي ۱۹۷۳ع ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پنج سال پڙهايو. ۱۹۷۹ع جي مارچ مهيني ۾ کيس پاڪستان حڪومت طرفان ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام تحت اسڪالرشپ
تي ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ روس جي ڪوبان اسٽيٽ يونيورسٽي ڪراس نادار ويو. جيئن ته روس ۾
کيس پنھنجي ٿيسس روسي ٻوليءَ ۾ لکڻي ھئي، ان ڪري پهرين ڇهن مهينن لاءِ ايرينا
اگاريونا نالي عورت استاد جي تربيت هيٺ روسي زبان سيکاري وئي.
ڊاڪٽرصاحب جي ڊاڪٽريٽ واري ٿيسس
جو عنوان ”سنڌ جا دوائون پيدا ڪندڙ ٻوٽا“ ( Medicinal
plants of Sindh) جنهن ۾ سندس سپروائيزر هڪ
روسي پروفيسر ڊاڪٽر سيريڊين هيو. ڊاڪٽر صاحب پنجن سالن ۾ ڪرڻ واري تحقيق چار سالن
۾ پوري ڪئي، جنهن جو ڪريڊٽ روسي ڇوڪري واليا سرگيوا ڏي وڃي ٿو، جيڪا پڻ ساڳي گائيڊ
جي ماتحت پي ايڇ ڊي ڪري رھي ھئي. اھا واليا ئي ھئي، جنھن محبوب صاحب جي ڊرافٽ کي ڪئين
ڀيرا درست ڪري، ان جي ٻولي کي پي ايڇ ڊي جي معيار تي آندو. جڏھن ريسرچ وارو ڪم
پورو ٿيو ته فائينل ڊفينس لاء گائيڊ طرفان روس جي مختلف يونيورسٽين سان رابطو ڪيو
ويو، آخرڪار آذربائيجان جي شھر باڪو جي انسٽيٽيوٽ آف باٽني وارن سيڪريٽري لطيفان
خانم جي مھرباني سان ۳۰ ڊسمبر ۱۹۸۲ جي تاريخ ڏني وئي. اتي ڪاميابي سان سڀ مرحلا پورا ٿي ويا ته ڊاڪٽر صاحب
شھر جي اڪيلي مسجد ۽ درگاھ تازه پير تي آذان ڏئي شڪراني جي نماز پڙھي واپس پنھنجي
شھر ڪراس نادار آيو. روس مان خير سان واپس اچي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ نوڪري شروع ڪيائين.
جتان ۱۹۸۴ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي گورنمينٽ ڪاليج
ڏوڪري ۾ پرنسپال مقرر ڪيو ويو. جتي هن پنهنجي پهرئين سفرنامي “ميهڙ کان ماسڪو” کي
مڪمل ڪندي، حتمي شڪل ڏني هئي. ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ
پبلڪ سروس ڪميشن طرفان پروفيسر جي اڪيلي پوسٽ تي ڪاميابي ماڻي، ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي
۾ پروفيسر ۽ وائيس پرنسپال ٿيو.
جولاءِ ۱۹۸۹ ۾ کيس سعودي عرب جي شهر جده جي پاڪستان ايمبيسي اسڪول جي ۲۵ سالن جي تاريخ ۾ پھريون سنڌي پرنسپال ٿيڻ جو اعزاز مليو. اهو اسڪول
انگريزي ميڊيم هوندو هيو، جتي جنرل محمد ضياءُ الحق واري حڪومت ۾ اردو سيڪشن جو
اضافو ڪيو هيو. جدي ۾ کوڙ سارن سنڌي خاندانن جا سوين ٻار رهندا ھيا جن لاء اسڪول
جا در بند ھيا جو ھو انٽري ٽيسٽ جيڪا انگريزي ۽ اڙدو ۾ پاس نه پئي ڪري سگهيا. ڊاڪٽر
محبوب شيخ وٽ اتي ڪم ڪندڙ والدين، (جن جي اڪثريت جو تعلق سنڌ جي مختلف شھرن سان
ھيو) جا نمائندا سنڌي ميڊيم جو سيڪشن کولڻ جي درخواست کڻي آيا ته جنهن منسٽري آف
ايجوڪيشن اسلام آباد کان اجازت وٺي اسڪول ۾ سنڌي سيڪشن کولرايو.
ان اسڪول ۾ بطور پرنسيپال توڙي
جو سندس مدو ٽي سال هيو پر وزير اعظم نوازشريف جڏهن سعودي عرب ويو ته اتي سندس
ويجهي سياسي حلقن سنڌي سيڪشن واري شڪايت ڪندي ٻڌايو ته ”اسڪول جو پرنسيپال نه رڳو
لاڙڪاڻو جو آهي پر بينظير ڀٽو جي ويجهڙي ساٿين منجهان سمجهيو وڃي ٿو“. جنهن تي هن
بنا ڪنھن سوچڻ جي ۽ جانچ جي ٽن سالن جي ڪنٽريڪٽ کي اڌ ۾ ختم ڪرائيندي کيس واپس پاڪستان
موڪليو ويو. سعودي عرب ۾ نوڪري دوران کيس ٽن وزيرِ اعظمن بينظير ڀٽو، غلام مصطفيٰ
جتوئي ۽ نواز شريف سان گڏ عمرو ڪرڻ ۽ ۱۹۸۹ ۾
فيملي سان حج ڪرڻ جي سعادت پڻ نصيب ٿي.
وطن واپس اچي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊيوٽي
رپورٽ ڪيائين، پر جيئن ته سنڌ ۾ ان وقت تعليم جو وزير ايم ڪيو ايم جو ايم اي جليل
هيو جنهن ڪري کيس ٽي مهينا بنا پگهار جي گهر ويهڻو پيو. آخرڪار کيس آدمجي سائنس ڪاليج
ڪراچي ۾ بطور پروفيسر مقرر ڪيو ويو. جتان ٻن سالن کان پوءِ کيس ڄام نواز علي ڳوٺ ۾
ٺهندڙ نئين ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ جو فائونڊر پرنسپال ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو
ويو. ڄام نواز علي جو ڳوٺ ڄامن جو آھي، جن جي مھمان نوازي ۽ ڀلي ڀاڳن جو ذڪر ڊاڪٽر
صاحب اڪثر ڪندو رھندو آھي. ان ڪاليج جا سروس رولز، انتظامي پاليسي وغيره به ڊاڪٽر محبوب
پاڻ ٺاھيا هيا جن ۾ ھڪ اھي شقون پڻ ھيون ته ڪاليج ۾ سڀ ڀرتيون سنڌ جي ڊوميسائل
رکندڙن کي ئي ملنديون. ساڍن چئن سالن جي عرصي ۾ اھو نئون ڪاليج جڏھن پنھنجن پيرن
تي بيھجي ويو ته ڊاڪٽر صاحب بدلي ڪرائي ڪراچي جي عائشا باواني ڪاليج ۾ پروفيسر
مقرر ٿيو.
۲۸ آڪٽوبر
۱۹۹۸ع ۾ سنڌ جي گورنر معين الدين
حيدر ڊاڪٽر صاحب کي لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو جتي ساڍي ٽن سالن
تائين بورڊ جو انتظام سنڀاليندي ڪافي انتظامي بهتريون آنديون. بورڊ کي پنھنجي
عمارت ڪونه هوندي ھئي ۽ ھڪ ننڍري مسواڙي جاءِ ۾ ڏکيائي سان ڪم پئي هلايائون، ڊاڪٽر
صاحب ھمٿ ڪري پنھنجي بورڊ جي بجٽ مان ۵۴ لکن ۾
الائيڊ ٽيڪسٽائل ملز جو ۲۴ ايڪڙ
پلاٽ ھاء ڪورٽ جي آفيشل اسائني جي معرفت خريد ڪيو، جنھن جي ھينئر قيمت ويهه
پنجويهه ڪروڙ ٿيندي. هاڻي ان پلاٽ تي بورڊ جي پنھنجي شاندار عمارت ٺھي وئي آھي.
بورڊ ۾ ٽن سالن جو مدو پورو ڪرڻ کانپوء ۲۰۲۱ ۾ کيس بيورو آف ڪريڪيولم ڄامشورو جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتي کيس سنڌ ٽيڪسٽ
بورڊ جي ذميداري پڻ ڏني وئي هئي. ۲۰۰۳ ۾ ڊاڪٽر
صاحب کي پائيٽ نوابشاھ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ ۲۰۰۴ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
ان دوران ڪجھ وقت لاءِ ڊاڪٽر محبوب
شيخ کي تعليم کاتي جي سيڪريٽري جي به چارج رهي. کيس پھرين جنوري ۲۰۰۶ تي سکر ايجوڪيشن بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو جتي ساڍا پنج سال ڪم ڪرڻ
کانپوء پنھنجي درخواست تي چارج ڇڏي ڪراچي موٽي آيو. سکر ۾ چيئرمين هجڻ دوران ۲۰۰۷ ۾ کيس انٽر بورڊ ڪاميٽي آف چيئرمين ( آء بي سي سي) اسلام آباد جو چيئرمين
مقرر ڪيو ويو، اھڙي طرح ھن پاڪستان جي تقريبن ۲۸ بورڊن جي ڪاميٽي جي صدر طور ڪم ڪيو. جولاء ۲۰۱۱ ۾ کيس بينظير ڀٽو شھيد يونيورسٽي لياري جو فائونڊر رجسٽرار بڻايو ويو. ان
کان پوءِ ۲۰۱۴ ۾ هو ميٽروپوليٽن يونيورسٽي ڪراچي
۾ وائس چانسلر مقرر ٿيو.
ڊاڪٽر محبوب شيخ جيئن ته لاڙڪاڻو
جو آهي ۽ لاڙڪاڻو بورڊ ۾ به رهيو آهي ۽ ٻيو ته اخباري دنيائن ۾ رهڻ ڪري مون کي
سندس انتظامي خوبين ۽ وقتائتي انتظامي فيصلن متعلق ڪجهه ڳالهيون ياد آهن، جيڪي هن
پروفائيل ۾ سلهاڙڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن تاريخ جو جز ٿي سگهن.
ڊاڪٽر صاحب کي سندس علمي معيار
جي لحاظ کان ايماندار ۽ محنتي انسان ڀانئيو ويندو رهيو آھي، ان لاءِ کانئس ضروري،
انتظامي ۽ تعليمي نوعيت جا ڪم ورتا ويندا هيا. چيف منسٽر ارباب عبدالرحيم ۽ عرفان
الله مروت جي وزيرِ تعليم هجڻ واري دور ۾ سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچرارن جون اڍائي
سو جايون ڀرڻ لاءِ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو لاءِ ٽي بورڊ ٺاهي انٽرويو ورتا ويا
هيا. انهن مان هر هڪ بورڊ ۾ هڪ ميمبر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ۽ ٻيو ميمبر سنڌ حڪومت
جو ڪو سينيئر آفيسر کنيو ويو هيو. انهن مان هڪ بورڊ ۾ مرحوم سليم ميمڻ کي سنڌ پبلڪ
سروس ڪميشن طرفان ۽ ڊاڪٽر محبوب شيخ کي سينيئر آفيسر طور کنيو ويو هيو.
انٽرويو ٿيڻ کانپوء جون سڀ
قانوني گهرجائون پوريون ڪرڻ ۽ سيڪريٽري کان وٺي چيف منسٽر تائين جي منظوري باوجود
به ليڪچرارن جي نڪتل انهن نتيجن تي آرڊر ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي هئي ۽ پاس ٿيندڙ ويچارا
پنهنجي حق جي حاصلات لاءِ سرڪاري آفيسن ۾ ڌڪا کائيندا وتندا هيا. انهن ڏينهن ۾ سيڪريٽري
تعليم جي اڍائي ٽن هفتن لاءِ ٻاهرئين ٽريننگ لڳي ته سيڪريٽري تعليم ڊاڪٽر محبوب
شيخ جن کي بڻايو ويو جنهن انهن ليڪچرارن جو ڪيترن مھينن کان پينڊنگ ۾ پيل فائيل گهرائي
اپروو ڪندي لکيو ته ”آرڊر ڪڍو“. اهڙي ريت انهن قريبن اڍائي سو ليڪچرارن ۾ منهنجا کوڙ
سارا دوست پڻ سرڪاري نوڪري ۾ کڄي ويا هيا.
ڊاڪٽر محبوب شيخ متعلق هڪ ٻيو
واقعو مون کي ياد آهي ته ۱۹۹۷ ۾ لاڙڪاڻو
ايجوڪيشن بورڊ جي چيئرمن، ڪنٽرولر ۽ ڊپٽي ڪنٽرولر سلهاڙجي امتحانن ۾ لائق شاگردن
جا نتيجا بدلائي ۱۲۲ نالائق شاگردن کان پيسا وٺي
انهن کي اي ون گريڊ ڏنا. اهو اشو اخبارن ۾ پڌرو ٿيو ته وقت جي گورنر سنڌ معين
الدين حيدر معاملي جو نوٽس وٺندي ايڊيشنل سيڪريٽري گورنر ھائوس جي سربراھي ۾ ڪاميٽي
ٺاھي معاملي جي جانچ جو حڪم ڏنو. ڪاميٽي رپورٽ ڏني ته ”بورڊ انتظاميه جعلسازي ڪري
حقيقي شاگردن سان ناانصافي ڪئي آهي“. سندس ڏنل رپورٽ تي گورنر انهن آفيسرن کي ڊسمس
ڪري هٽائي ڇڏيو ۽ انھن ۱۲۲
شاگردن جون وڌايل مارڪون ختم ڪري سندن اصلي مارڪون بحال ڪيون ويون. ان عمل خلاف
پيسا ڀريندڙ شاگردن جا والدين سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ھاء ڪورٽن ۾ بورڊ
۽ رپورٽ خلاف احتجاج ڪندي ڪيس ڪيا. چيف جسٽس ناظم حسين صديقي سڀني ھاء ڪورٽن جي ڪيسن
جا فائل گهرائي گڏي ھڪ ڪري ٻڌڻي رکي. ڌرين جي وڪيلن کي ٻڌڻ کانپوء معاملي جي سنگين
نوعيت کي ڏسندي ھن چيئرمين بورڊ کي ذاتي طور گهرائڻ جو فيصلو ڪيو. مقرر تاريخ تي ڊاڪٽر
محبوب اوريجنل رڪارڊ ۽ مارڪن واري ليجر سان اچي تفصيل سان عدالت کي معاملو
سمجھايو، جنھن تي عدالت سندس تعريف ڪندي سڀ اپيلون خارج ڪيون ۽ فيصلي ۾ ڊاڪٽر محبوب
شيخ جو نالو PLD ۾ به شامل ڪيو.
ڊاڪٽر محبوب شيخ کي دنيا گهمڻ
جو تمام شوق رهيو آهي. ان لاءِ هو الطاف شيخ جيان دنيا جون حسناڪيون نه رڳو پاڻ
گهمندو وتندو آهي پر ڪوشش ڪري ڪتابن ۽ سوشل ميڊيا تي اسان کي پنهنجي تجربن سان
مستفيض ڪندو رهندو آهي. سندس گهميل ملڪن ۾ روس، آمريڪا، برطانيا، جرمني، بيلجيم،
سويڊن، ڪينيڊا، فن لينڊ، اٽلي، پولينڊ، چيڪوسلواڪيا، سعودي عرب، عراق، مصر, بحرين
۽ ترڪي شامل آهن. مانواري سفرنامه نگار اديب الطاف شيخ پنهنجي ڪتاب ”دنيا رنگ
رنگيلي“ کي سائين محبوب شيخ کي انتساب ڪيو آهي جنهن جو سبب محبت سان گڏ شايد داڪٽر
محبوب شيخ جي سيلانيت پڻ هجي.
ڊاڪٽر محبوب شيخ سموري عمر،
تعليم ۽ تدريس جي ڪم سان سلهاڙيل رهندي سماجي، شهري ۽ تهذيبي سرگرمين سان پڻ نڀايو.
جن تنظيمن جو هو ميمبر رهيو انهن مان ڪجهه جو ذڪر ڪندس.
سنڌ گيجوئيٽ ايسوسيئيش (سگا)،
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي، روٽري ڪلب ڪراچي (سنڌ ويلي) جو صدر رهڻ سان گڏ ”سنڌ
ويزن“ نالي هڪ سهڪاري تنظيم جو سيڪريٽري جنرل ۽ صدر پڻ رهيو. ان سان گڏوگڏ پاڪستان
انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز، ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل، ڪراچي سٽيزنس فورم، ساپان
گلوبل پيس مانگرز جو ميمبر پڻ آھي.
محبوب شيخ جا ٻه سفرنامه ڇپجي
منظر عام تي اچي چڪا آهن جن مان ”ميھڙ کان ماسڪو“ پهريون ڪتاب هن روس ۾ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ
دوران ان ملڪ جي سماجي، تعليمي، سياحي ۽ سياسي معاملن تي ٿيندڙ تجربن کي سامهون ڏسندي
لکيو جنهن ۾ هن روس جي مجموعي حالتن، سماج ۽ تهذيب متعلق قلم ڪشائي ڪئي آهي. سندس ٻئي
ڪتاب ”ترڪيءَ ۾ چار مسافر“ جو مهاڳ جناب الطاف شيخ صاحب ۽ پيش لفظ محمد يعقوب مغل
جن لکيو آهي. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب ترڪيءَ جي سماج، تاريخ و تمدن، ثقافت، تعليم،
رهڻي ڪهڻيءَ وغيره کي جيئن ڏٺو تيئن دنيا جي سامهون آندو آهي.
انهن ٻن ڪتابن کان علاوه به فن
لينڊ تي سندس سفرنامو مڪمل آهي ته ڪيترن ٻين ملڪن جا سفرنامه سندس پروفنگ ۽ تدوين
هيٺ آهن. محبوب شيخ پنهنجي تعليمي، تدريسي، سماجي تجربن سان گڏ ملڪن ۽ ماڳن جي
رولاڪين کي پڻ قلمي زبان ڏيندي مختلف اخبارن، جريدن، رسالن ۽ سوشل ميڊيا جي مختلف
پڌرن تان اسان تائين پهچائيندو رهيو آهي. سندس قلمي پورهئي کي سهيڙجي ته ٻيا به ڪافي
ڪتاب جڙي سنڌي ادبي کيتر جي زمين کي زرخيز بڻائيندا.
ڊاڪٽر محبوب شيخ جو هڪ پٽ فن
لينڊ جهڙي اتر يورپي ملڪ ۾ رهي ٿو جنهن جون سرحدون سويڊن، ناروي ۽ روس سان سلهاڙيل
آهن جنهن جي گادي جو هنڌ هيلسنڪي بالٽڪ سمنڊ ۾ هڪ دريا نما ۽ خوابن جهڙو مثالي
خوبصورت شهر آهي. سندس ننڍو پٽ آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ رهي ٿو جنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي
جو آمريڪا ته آهي ئي آمريڪا ۽ جيڪڏهن اهو ملڪ پنهنجون سرحدون کولي ته پاڪستان ۾ هڪ
ماڻهو به نظر ڪونه ايندو جو سڀ نڪري اوڏانهن هليا ويندا. سندس وڏو پٽ ڪئناڊا ۾ رھي
ٿو، پر ٽنھي ڀائرن جا ڪراچي ۾ پنھنجا ذاتي فليٽ آھن، رٽائرمينٽ کانپوء شايد وطن موٽي
اچن!
ڊاڪٽر محبوب شيخ سنڌ جو اھو خوش
نصيب تعليمدان آھي جنھن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ھر پوسٽ تي ڪم ڪندي پنهنجو پاڻ مڃرايو.
سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترا ئي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ملنديون رهيون پر سگا
طرفان مليل بھترين استاد جو گولڊ ميڊل کيس ڏاڍو عزيز آھي. ڊاڪٽر صاحب تقريبن ويهه
پنجويهه ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو آهي جن مان ٻن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جن مان ھڪ
مصر جي گادي واري شھر قاھره ۾ ميڊم زبيده جلال وفاقي وزير تعليم جي سربراھي ۾
تعليم تي ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۽ ٻي ميڊم حميده کھڙو صوبائي وزير تعليم جي
سربراھي هيٺ ترڪي ۾ تعليم بابت ٿيندڙ ڪانفرنس.
ڊاڪٽر محبوب شيخ جهڙا علمي ادبي
معيار جا مڻيادار ماڻهو سماجن جي سونهن هوندا آهن ۽ اهڙا تعليمدان ان دور جي نشاني
آهن جڏهن استادي پيشو اڃان تائين خرابين جو شڪار ڪو نه ٿيو هيو. ان دور جا استاد
پنهنجي شاگردن ۾ اميدون ۽ سکڻ جو شوق پيدا ڪندي سندن اندران سوچڻ سمجهڻ جون
صلاحيتون کوجي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪندا هيا. آئنسٽائن جو قول آهي ته ”شاگردن ۾ تخليقي
اظهار ۽ علم حاصل ڪرڻ ۾ خوشي کي جاڳائڻ استادن جو اعلا ترين فن آهي“. اهو درست آهي
استاد پنهنجي نسلن کي ايندڙ وقت کي ڇُهڻ ۽ دنيا کي سمجهڻ لاءِ اهو ڪجهه سيکاريندا
هيا جيڪو سندن لاءِ بهتر هجي. شايد ان لاءِ ئي ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ”هڪ عظيم
استاد سان هڪ ڏينهن جي محنت شاگردن لاءِ هزار ڏينهن جي مطالعي کان به بهتر هوندي
آهي“.
(ڏھاڙي اپيل ڪراچيءَ ۾ ۲۵ نومبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:
راءِ ڏيندا