; سنڌي شخصيتون: رجب آزاد،

28 November, 2021

رجب آزاد،

رجب آزاد

رجب علي سولنگي

ميرچند اوڏ



رجب علي سولنگي مان رجب آزاد ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۶۱ع ۾ ڳوٺ سيتا ننڍي، ﺗﻌﻠﻘﻪ ضلع دادو ۾ ڄائو. جڏهن ته اسڪﻮل رڪارڊ ﻣﻮﺟﺐ ڳوٺ باد ڪلھوڙا، ﺗﻌﻠﻘﻪ نصيرﺑاد، موجوده ضلعو قمبر ﺷﻬﺪاد ڪﻮٽ ۾ محمد بچل سولنگي جي گهر ۾ جنم ورتو.


مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد مان پاس ڪيائين. تعيلم ايم اي اڪانامڪس ۽ بي ايڊ آهي. هن وقت طالب المولىٰ ھائي اسڪول دادو ۾ درس و تدريس جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪجھ دوستن پاران سنڌ جي ڪھنه مشق شاعر حافظ احسن سان پهريون ڀيرو ملاقات ڪرائي. سندس نوجواني وارا ڏهاڙا دادو جي معزز استاد سائين شفيع محمد سولنگي جيڪو سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جو وڏي ڄاڻ رکندڙ هيو جنهن جو نثر تمام جاندار ۽ ڄاڻ ڀريو رهيو. سائين شفيع محمد سولنگي جي زير اثر رهندي مطالعي جو تمام گهڻو شوق جاڳيو. مطالعي سان گڏوگڏ شعر و شاعري جو شوق جاڳيو ۽ شاعريءَ سان گڏوگڏ مضمون، خاڪا ۽ پڻ باقاعده لکڻ لڳو جيڪي هفتيوار اخبار آواز سنڌ دادو ۾ ڌڙاڌڙ ڇپجڻ لڳا. سندس پهرين تخليق حافظ احسن چنه جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار “آواز سنڌ” ۾ ۱۹۷۸ع ۾ ڇپي. ايئن ڏسندي ۽ ڏسندي سنڌ جي ڪيترين ئي اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجندو رهيو جيڪو عمل هن وقت تائين به جاري و ساري آهي. شاعريءَ ۽ علم و عروض جي سکيا استاد احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي جڏهن ته نثر ۾ سائين شفيع محمد سولنگي سندن استاد رهيا آهن. دادو ۾ ۱۹۸۹ع ۾ وجود رکندڙ ادبي تنظيم بزم غالب ملڪاڻي، نيو انجمن آفتاب ادب ۾ عهديدار جي حيثيت سان ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت دادو سيڪريٽري ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري رهڻ دوران ادب جي واڌ ويجھ لاءِ هڪ متحرڪ ڪردار جيان پاڻ پتوڙيندو رهيو.

رجب آزاد جي ادبي سڃاڻپ ﺷاﻋري، ﻃنﺰو ﻣﺰا، ڪﻬاﮢيڪار، ﻣﻘاﻻ نويس، ﻣﻀﻤﻮ نگار، ڊراﻣﻪ نگار رهي آهي. سندس هن وقت تائين ٽي ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ پڌري ٿي چڪا آهن جنهن ۾ “رانﭝﻮٽا” ۱۹۹۸ ۽ ڌﻣﭽر ۱۹۹۹ (ﺷاﻋري)، “ڪارو ﭼﺸﻤﻮ” ڪﻬاﮢيﻮ ۱۹۹۹ ۾ شامل آهن.  ان کان علاوه اسٽيﺞ، ٽﻲ وي جي ڪيترن ئي مقبول ڊرامن “پھاڄ”، “اعتبار”، “ماني” ۽ “ويساھ” ۾ اداڪاري ۽ ﻫﺪاﻳتڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاريندو رهيو آهي ۽ اناﺋﻮنسر ﺑﻪ رهندو ﭘﺌﻲ رﻫيﻮ هي. رجب آزاد،  ڪي ٽي اين تي مزاحيه ڊرامي ماما لالوءَ جون  ڪجھ قسطون، رنگ ڀوميءَ  سلسلي ۾ “ پهاڄ”، “ ماني ۽ ويساھ” جڏهن ته سنڌ ٽي ويءَ لاءِ “نتيجو” ۽ “اعتبار” ڊرامه لکيا جيڪي ٽيليڪاسٽ ٿي خوب مقبول ٿيا. ان کان علاوه پي ٽي وي تي سنڌي توڙي اردو ٻولين جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. ڊراﻣا رٽﺴٽ ﮐﻲ گيٽ اپ ﺑﻪ ڪرڻ جي ڪمال جي مهارت پڻ حاصل اٿس. مزاح نگاري جي حوالي سان هڪ اهم سڃاڻپ رکندڙ پڻ آهي. رجب آزاد سرڪاري توڙي خانگي پروگرامن ۾ ٽيبلوز پيش ڪرڻ تان کوڙ سارا ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي.

رجب آزاد مختلف پبليڪيشنز جو حصو رهندو پئي رهيو آهي جنهن ۾ غالب پبليڪيشن دادو، بزم غالب دادو ۽ نيو انجمن آفتاب ادب جو ميمبر، عهديدار ۽ دادوءَ مان نڪرندڙ رسالي ’نئين خوشبوءِ‘ ۽ ’رم جهم‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر رهي چڪو آهي.

رجب آزاد حيثيت آهر هر ڪنهن جي اوکي ويل ڪم ايندڙ آهي، ان ڪري هي اسان کي ڪڏهن سماجي توڙي قومي مسئلن تي به اڳيان پيش ايندي نظر ايندو پوءِ کڻي بک هڙتال هجي يا ريلي کڻي ڇو نه هجي. نوجوان اديبن ۽ ليکڪن کي همٿائيندڙ ۽ تخليقن جي اصلاح ڪرڻ رويو رهيو آهي. سندس مڃتا طور سنڌي ادبي سنگت طرفان بهترين سماجي ورڪر ايوارڊ، ڪلهوڙا سيمينار ايوارڊ، سيوهڻ ادبي ڪانفرنس ۾ شهباز ادبي ايوارڊ، جوڪر آرٽس ڪائونسل پاران ايوارڊ، طرحي ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن.

اڄ سندس زندگيءَ جا ۵۹ سال پورا ڪرڻ تي کيس جس ڏجي ٿو جو بهادري ۽ همت سان هيتري ساري زندگي گذاري آهي. دعا آهي ته مالڪ سائين کيس زندگيءَ ۾ رهيل خواهشون پوريون ڪندو. آمين.

 

(ممبئي-هندستان مان نڪرندڙ مئگزين The Hindvasi جي شماري ۾ ۲۷ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


رجب آزاد

مير حاجن مير

رجب آزاد ھڪ اھڙو شخص آھي جنھن جا ڪيئي حوالا آھن؛ شاعر، ڪھاڻيڪار، نقاد، ڪمپيئر، اداڪار، مزاح. . ڪڏھن ڪڏھن ھن جو مزاج سخت ھوندو آھي. ۽ ڪڏھن ميڻ ٿي پوندو آھي. سندس شعر؛ جڏھن کان ٽنگ ڀڳي آھي تڏھن کان ٽنگ سڄي ٿي ناھي. ٻي پاسي ھن جي ٽنگ ڀڳل ناھي. .  پر ھر مشاعري ۾ چوندو ٽنگ ڀڳل آھي. ھو مونکان عمر ۾ گھڻو وڏو آھي پر مونکي اھا به خبر ناھي ڪيترو وڏو آھي. ۽ جي ملندو، سائين چوندو، مان وڏو ۽ ھو ننڍو ٿي پوندو آ. ڪڏھن ڪلين شيپ ملو ڪڏھن ترقي پسند. ھڪ غريب ٻيو وري ادبي پروگرام ۾ ڀلي مھيني جون پويون تاريخون ھجن جيب خالي ڪريو ڇڏي. شل نه ڪو دادو جو اديب ڪو بيمار ٿئي پوءِ ته ان کان وڌيڪ پاڻ بيمار ٿيو پوي. پوءِ رڙيون پيو ڪندو وارو ثقافت کاتي وارو! ھمراھ ٿو وڃي! ڄڻ ھن جي گھر جو ڀاتي بيمار ھجي ۽ واقعي اديب ھن جي گھر جا ڀاتي آھن. اڄ سندس جنم تاريخ آھي سو پيارا جنم جون واڌايون.


 

رجب آزاد

سنڌي ٻوليءَ جو يگانو تخليقڪار

مير چند اوڏ

جيستائين هڪ اديب سماج کي ڳوڙهي نظر سان نه ٿو ڏسي ۽ سندس پرک نه ٿو ڪري ته پوءِ اهو اديب تخليقي ادب تخليق نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهو اديب تخليقڪار نه ٿو چورائي سگهي. اديب سماج کي شعور ڏيندڙ هوندو آهي سندس  لفظن، خيالن ۽ سوچن سان گڏ ادب سان ڪميٽيڊ هئڻ انتهائي لازمي آهي، تڏهن هو پنهنجي قول ۽ عمل وسيلي سچائي جو ثبوت ڏئي سگهي ٿو. ٿلهي ليکي ايئن کڻي چئجي ته اديب کي پنهنجي لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم سان پڪو ۽ پختو رهڻ گهرجي. تڏهن ئي هو بهترين  ادب تخليق ڪري سگهندو ۽ پنهنجو نالو پيدا ڪري سگهندو. اهڙن ئي سچن  تخليقڪارن ۽ اديبن ۾ رجب آزاد به پنهنجي قول و فعل ۾ اسان کي ثابت قدم نظر ٿو اچي.

رجب آزاد جو  اصل نالو رجب علي ولد مولانا محمد بچل سولنگي آهي. رجب علي سولنگي کي تخليقي ۽ ادبي سفر  رجب آزاد جي سڃاڻپ ڏني. رجب آزاد ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۶۱ع ۾ ڳوٺ ﺳﻴﺘﺎ ﻧﻨﮃ، ﺗﻌﻠﻘﻪ ﺿﻠﻊ اﺩﻭ ۾ ڄائو. جڏهن ته اﺳڪﻮ رڪﺎرڊ ﻣﻮﺟﺐ سندس جنم جو هنڌ ڳوٺ ﺑﺎ ڪﻠﻬﻮڙا، ﺗﻌﻠﻘﻪ نصير آباد ضلع قنبر شهداد ڪوٽ آهي. هن ڪجه تعليم سيتا ۾ به حاصل ڪئي ليڪن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد مان پاس ڪيائين. سندس ڪل تعيلم ايم. اي اڪانامڪس ۽ بي. ايڊ آهي. هن وقت طالب الۡمولىٰ ھاءِ اسڪول دادو ۾ درس و تدريس جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪجھ دوستن جي معرفت سنڌ جي ڪھنه مشق شاعر حافظ احسن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي جنهن پڻ سندس رهنمائي ڪئي. رجب آزاد  سائين شفيع محمد سولنگي جي شفقت ۽ ڇانءُ هيٺ به رهيو  جيڪو سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جو وڏي ڄاڻ رکندڙ هو. هو ٻوليءَ  جو ماهر هو سندس نثر جاندار  هو. سائين شفيع محمد سولنگي جي زير اثر رهندي مطالعي جو تمام گهڻو شوق جاڳيس. مطالعي سان گڏوگڏ شعر و  شاعريءَ سان گڏوگڏ مضمون، خاڪا ۽ ڪهاڻيون پڻ باقاعده لکڻ لڳو. سندس مواد هفتيوار اخبار آواز سنڌ دادو ۾ ڌڙا ڌڙ ڇپجڻ لڳو. سندس پهرين تخليق حافظ احسن چنه جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار “آواز سنڌ “ ۾ ۱۹۷۸ع ۾ ڇپي. ايئن ڏسندي ڏسندي سنڌ جي ڪيترين ئي اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو، جيڪو عمل هن وقت تائين به جاري و ساري آهي. شاعريءَ ۽ علم و عروض جي سکيا استاد احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي جڏهن ته نثر ۾ سائين شفيع محمد سولنگي سندن استاد رهيا. دادو ۾ ۱۹۸۹ع ۾ برپا ٿيندڙ ادبي تنظيم بزم غالب، نيو انجمن آفتاب ادب ۾ عهديدار جي حيثيت سان ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جو خزانچي، سيڪريٽري ۽  ڪائونسلر به رهيو. سال۲۰۱۷ع ۾ دادو ضلعي لاءِ رابطا سيڪريٽري چونڊجي آيو. رابطا سيڪريٽري رهڻ دوران ادب جي واڌ ويجھ لاءِ هڪ متحرڪ ڪردار جيان پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي.

رجب آزاد جي ادبي سڃاڻپ ﻃﻨﺰ ﻣﺰاحيه شاعر، ڪﻬﺎﮢﻴڪار، ﻣﻘﺎﻻ نويس، ﻣﻀﻤﻮ نگار، ڊراﻣﻪ نگار طور  آهي. سندس هن وقت تائين ٽي ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ پڌرا ٿي چڪا آهن جن ۾ “راﻧﭝﻮٽا “ ۱۹۹۸ ۽ ڌﻣﭽﺮ ۱۹۹۹ (ﺷﺎﻋﺮ “ڪﺎر ﭼﺸﻤﻮ ڪﻬﺎﮢﻴﻮ ۱۹۹۹ ۾ شامل آهن. 

رجب آزاد جو ادبي لحاظ کان کان سواءِ اداڪاري ڏانهن به لاڙو رهيو اٿس. جنهن جو شوق فلمون ڏسڻ سان ٿيو. هن اداڪاري جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. هن وقت تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. اداڪاري جي سلسلي ۾ جوڪر آرٽس ڪائونسل پاران  ۽ سونهن پبليڪيشن پاران ايوارڊ ملي چڪا آهن. ان کان علاوه اﺳٽيج، ٽي ﻭﻱ جي ڪيترن ئي مقبول ڊرامن ”سام“، “اڪيلو ماڻهو“، “انگاري” ۽ ”ستارن جي دوري” ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. هو ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن جون ﻫﺪاﻳتون پڻ ڏئي چڪو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسٽيج توڙي ٽي وي تي اﻧﺎﺋﻮﻧسمينٽ ﺑﻪ ڪئي اٿائين. کيس پي ٽي وي تي پروڊيوسر محمد بخش سميجي متعارف ڪرايو. شفيع محمد شاھ، قيصرخان نظاماڻي، منصور بلوچ، انور سولنگي، سڪينه سمون، فريد نواز بلوچ کان علاوه ٻين ڪيترن ئي نالي وارن اداڪارن سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي. هن اداڪاري جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. رجب آزاد کي فريد نواز بلوچ، انور سولنگي ۽ قيصر نظاماڻي سان گڏ ڪم ڪندي مزو آيو.  ان کان علاوه اردو ڊرامي ”انگاري” ۾ به ڪم ڪيو جيڪو آغا رفيق جو لکيل هو ۽ اردو ڊرامي ”انگاري“ جي سنڌي ورزن ”سام“ ۾ به ڪم ڪيائين. پي ٽي وي کان علاوه ڪي ٽي اين تي به ڪم ڪيو اٿس. رجب آزاد،  ڪي ٽي اين تي مزاحيه ڊرامي ماما لالوءَ جون  ڪجھ قسطون، رنگ ڀوميءَ  سلسلي ۾ “پهاڄ”، “ماني ۽ ويساھ” جڏهن ته سنڌ ٽي ويءَ لاءِ ”نتيجو“ ۽ “ اعتبار“ ڊرامه لکيا جيڪي ٽيليڪاسٽ ٿي خوب مقبول ٿيا. رجب آزاد هڪ سٺو ميڪ اپ آرٽسٽ به آهي ڊراﻣﺎ آرٽسٽ ﮐﻲ ﮔﻴٽ اپ ڪرڻ جي پڻ مهارت حاصل اٿس. رجب آزاد سرڪاري توڙي خانگي پروگرامن ۾ ٽيبلوز پيش ڪرڻ جي ڪري کوڙ سارا ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي. حيدرآباد ڊويزن جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر رسول بخش شاھ پاران نياڻين جي تعليم ۽ ڇوڪرن جي تعليمي سلسلي ۾ ٽيبلوز پيش ڪرڻ تي مڃتا عيوض ايوارڊ ماڻي چڪو آهي.  ڪوٽ ڏجي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير تعليم نثار کهڙو پاران منعقد ڪيل تعليمي سيمينار ۾ به ٽيبلو پيش ڪرڻ تان انعام و اڪرام پڻ حاصل ڪري چڪو آهي.  ان کان علاوه سنڌ جي مختلف شهرن ۾  مختلف اين جي اوز پاران پڻ ٽيبلوز پيش ڪري چڪو آهي.

رجب آزاد مختلف پبليڪيشنز جو حصو پڻ رهيو آهي جن ۾ غالب پبليڪيشن دادو، رم جهم پبليڪشن دادو ۽ الشفيع پبليڪيشن دادو شامل آهن. دادوءَ مان نڪرندڙ رسالي ’ خوشبوءِ‘ ۽ ’رم جهم‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ۽ سيڪريٽري پبليڪيشن رهي چڪو آهي.

رجب آزاد اﺑﻲ تقريبن کي سٺو سنوڻ سمجهي ٿو. ادبي تقريبن ﺳﻴﻠﻲ ﺩﻭﺳﺘﻴﻮ ﻭﮄڻ ۽ ﻟﮑﮡ ۽ ﭘڙﻫﮡ ﻻِ ﭼﺎھ ﻭﮄڻ کي اهم سبب سمجهي ٿو، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎ اﺩﺏ ۽ ﭔﻮﻟﻲَ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺑﻴﺎر ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ. ﺳﻤﺎﺟﻲ ڪﻢ ۽ ﺗﻘﺮيبون سندس  نظر ۾ اﭴڪﻠﻬﻪ ﻧﻤﺎءُ ﺟﻮ اﻫﻢ ﺣﺼﻮ ڄاڻي ٿو. ﺧﺪﻣﺖ ڪﻨﺪڙ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺸﻬﻴﺮ ﻧﻪ ڪﺮ کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ ﻫﺮ ڪﻨﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮءَ جي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﻣﻄﺎﺑﻖ، ﺑﻨﺎ ڪﻨﻬﻦ ﻏﺮ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ڪﺮ کي اوليت ڏئي ٿو. هيءَ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺗﻘريبن کي ﻫڪ ڏﻳﮑﺎءُ ڄاڻي ٿو ڇو ته ﻣﺬﻫﺐ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ڏﻳﮏ ﮐﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻧﭥﻮ ڪﺮ. سندس جي نظر ۾ اﻫﻲ ﺳﭛ ﻓﻀﻮ ﻫﻦ. جنهن کي ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ جي تمنا رکي ٿو. سندس عام ماڻهو بابت ويچار آهن ته ﻋﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭴڪﻠﻬﻪ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﭼﺎﻟﺒﺎﻳﻦ ۾ اﭼﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻧﺎ ۽ ﺧﻮﺩﺩار ﭸﺎﺋﻲ ﻳﭡﺎ ﻫﻦ. ﻫﻮ ﻫﺮ ڪﻨﻬﻦ ۾ ﻻﻟﭻ رﮐﮡ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺲ ڪﻦ ﭤﺎ. اڳ ايئن ﻧﻪ ﻫﻮ. ڪﺎ! ﻣﺤﻨﺖ، اﻳﻤﺎﻧﺪار، ﻫﻤﺪرﺩﻱ ۽ ﺳﭽﺎﺋﻲءَ ﺟﻬڙا ﮔﮡ ٻيهر موٽي اچن.

رجب آزاد حيثيت آهر هر ڪنهن جي اوکي ويل ڪم ايندو رهيو آهي، ان ڪري هيءَ اسان کي ڪڏهن سماجي توڙي قومي مسئلن تي به پيش پيش ايندي نظر ايندو آهي پوءِ کڻي بک هڙتال هجي يا ريلي کڻي ڇو نه هجي. ڪو به دوست، مٽ مائٽ توڙي پاڙي وارن کي هن جي مدد جي ضرورت هوندي آهي ته هي آڌي ڏسي نه مانڌي يڪدم وڃي رسندو پوءِ کڻي ڪنهن کي رت جي ضرورت هوندي ته به ڪوشش ڪري ڪٿان نه ڪٿان هٿ ڪرڻ لاء پريشان هلندو وتندو، دوستن کي ڊاڪٽرن وٽ دوا درمل جي  سلسلي ۾ مدد لاءِ ھڪل ۾ حاضر رهڻ کي اولين فرض سمجهي ٿو. جڏهن به ڪو اديب بيمار هجي توڙي ٻوڏ جي صورتحال ۾ يا ڪو ٻيو ڪم حڪومت ۽ وس وارن کي مدد جي اپيل ڪندو توڙي ڪنهن کي سڃاڻي به نه، پر ان جو آواز بڻجي پوندو آهي.

ڪنهن به ادبي پروگرام جي دعوت ملڻ تي شرڪت کي اهم فرض سمجهي ٿو پوءِ کڻي مهيني جون آخري تاريخون ئي ڇو نه هجن.  نوجوان اديبن ۽ ليکڪن کي همٿائيندڙ ۽ تخليقن جي اصلاحي رويو رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن يگاني تخليقڪار سندس مڃتا طور سنڌي ادبي سنگت طرفان بهترين سماجي ورڪر ايوارڊ، ڪلهوڙا سيمينار ايوارڊ، شهباز ادبي ڪانفرنس ۲۰۱۹ ۾ شهباز ادبي ايوارڊ، نشتر ناٿن شاهي ادبي ايوارڊ، ڊاڪٽرقربان جهتيال يادگار ايوارڊ، ۽ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن.

 

(هندستان جي شهر ممبئي مان نڪرندڙ مئگزين The Hindvasi جي شماري ۾ ۲۷-۰۹-۲۰۲۰ تي ڇپيل)



رجب آزاد

مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

رجب آزاد سان فيس بوڪ وسيلي ملاقات هئي، ويجهڙائي ۾، مٽياري ۾ ٿيل مشاعري دوران روبرو ملاقات ٿي. ان کان پوءِ... عجيب غريب گهڻ پاسائين شخصيت آهي. سندس محبتن جو انداز به آزاد آهي. آئون مٿس لکان، ان کان بهتر آهي ته سندس ئي لکيل، سندس تعارف ۽ سندس ويچار عرض آهن. اوهان جي مثبت راءِ جو انتظار رهندو.

۱. اوھان جو نالو؟

رجب علي سولنگي، رجب آزاد.

۲. ولديت ذات سميت؟

محمد بچل سولنگي.

۳. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ، هنڌ سميت)؟

جنم ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۶۱ع ڳوٺ، سيتا ننڍي، تعلقه ضلع دادو. اسڪول رڪارڊ موجب ڳوٺ آباد ڪلهوڙا، تعلقه نصيرآباد، ضلع قنبر شهداد ڪوٽ. مستقل رهائش دادو شهر.

۴. تعليم؟

ايوين اڪنامڪس، بي. ايڊ.

۵. ڪرت (پيشو)؟

استاد (pst) ورڪنگ، گورنمينٽ طالب المولا هاءِ اسڪول، دادو.

۶. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟

سماجي خدمت ڪرڻ. مطالعو ڪرڻ.

۷. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟

ٽي عدد ڪتاب ڇپيل آهن ”رانڀوٽا“ ۱۹۹۸ع ۽ ڌمچر ۱۹۹۹ع (شاعري)، ”ڪارو چشمو“ ڪهاڻيون ۱۹۹۹ع ۾. مطلب ته... الله پاڪ سڀ ڪاريون عطا ڪيون آهن. سواءِ جهيڙي ڪاريءَ جي، پر ان کان به ڀلي ڀت واقفيت آهي. شاعري، طنزو مزاح، وقت و حالات تي ڪهاڻيون، مقالا، مضمون، ڊرامه به لکيا اٿم... اسٽيج، ٽي وي تي اداڪاري، هدايتڪاري ۽ انائونسمينٽ به ڪندو پئي رهيو آهيان. ڊراما آرٽسٽ کي گيٽ اپ به ڪرڻ ايندو آهي.

۸. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيوٿا؟

جيڪو ڪتاب آسانيءَ سان ملي وڃي، پر هر موضوع جا ڪتاب پڙهندو آهيان.

۹. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟

سير سفر ته ڪن پئسي وارا ماڻهو. اسين وسيلا نه هجڻ ڪري صرف خوابن تي گذر ڪندا آهيون. مون سچ پچ ته ٿر ۽ ٿاڻو بولا خان به نه ڏٺو آ، باقي سير سفر ڪرڻ جي هڪ اهميت آهي، جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

۱۰. ڪچھريون، اوھان جي نظر۾؟

اڄڪلهه قرب واريون ڪچهريون ناهن رهيون... هاڻي ڪچهري ناهي ڪرڻي، هڪٻئي جي گلا ڪرڻي آ، يا وري ”من ترا قاضی بگويم.. تو مرا حاجی بہ گو“... اڄڪلهه جي ڪچهريءَ ۾ هرڪو پنهنجي رام ليلا ٻڌائي ٿو، ٻئي کي ٻڌڻ وقت ٻوڙو هجڻ جي ايڪٽنگ، باقي سنجيده اديب دوست يا بزرگ، انهن کي ٻڌڻ ۾ مزو ايندو آهي.

۱۱. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

ادبي تقريبات جو ڪارج تمام ڀلو آهي. هنن وسيلي دوستيون وڌن ٿيون. لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ چاه وڌي ٿو، جنهن سان ادب ۽ ٻوليءَ جي بهترين آبياري ٿي سگهي ٿي.

۱۲. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

سماجي ڪم ۽ تقريبات اڄڪلهه نماءَ جو اهم حصو آهن. خدمت ڪندڙ کي پنهنجي تشهير نه ڪرڻ کپي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي حيثيت مطابق، بنا ڪنهن غرض جي خدمت ڪرڻ گهرجي. سماجي تقريبات به هڪ ڏيکاءَ آهن. مذهب ڪنهن به ڏيک کي پسند نٿو ڪري. اهي سڀ فضول آهن. جيڪي ختم ٿيڻ گهرجن.

۱۳. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

عزيزن سان رويا گهڻو ڪري تلخ رهندا پيا اچن. ايئين ڄڻ جنڊ جي ٻن پڙن وچ ۾، داڻن جيان پيسجندا رهن ٿا...

۱۴. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

سنگت سان لاڳاپا، جن قرض وٺي واپس نه ڪيو هوندو، انهن سان رويو خراب، جيڪي ڏيتي ليتيءَ جا ڀلا، تن سان رويا بهترين. مذاق کان هٽي، دوستن سان سٺو هلڻ جي ڪوشس ڪندو آهيان.

۱۵. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبوءِ؟

لائيٽ بليو... بوسڪي. خوشبوءِ ٽي روز. گل... سرينهن جو گل.

۱۶. اوھان جي پسند جي سواري؟

اها سواري، جيڪا حفاظت سان منزل تي رسائي.

۱۷. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟

مالڪ سائين جيڪو به ڏنو آهي، ڪافي آهي. شڪر آ.

۱۸. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟

جيڪو جتي هجي، اتي ئي خوش هجي..

۱۹. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟

الله پاڪ انهن کي سدا سلامت رکي.

۲۰. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟

عام ماڻهو اڄڪلهه سياسي چالبازين ۾ اچي پنهنجي انا ۽ خودداري وڃائي ويٺا آهن. هو هر ڪنهن ۾ لالچ رکڻ جي ڪوشس ڪن ٿا... اڳ ايئين نه هو... ڪاش! محنت، ايمانداري، همدردي ۽ سچائيءَ جهڙا گڻ وٽس واپس اچن.

۲۱. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرورڏيو؟

جيڪو ڪجهه آهي، سو محنت ۽ ايمانداريءَ ۾ آهي. پنهنجن ٻارن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيو.

 

فيس بوڪ انٽرويو (ٽيتاليهين ڪڙي)


No comments:

راءِ ڏيندا