شهيد حسن ناصر
تنهنجو جهنڊو جهوليندو
رهندو
سجاد ظهير
پاڪستان ۾ جمهوري ۽ ترقي پسند
سياست جي پهرين شهيد ڪامريڊ حسن ناصر، ڀارتي حيدرآباد جي تمام وڏي آزادي پسند
گهراڻي ۾ ۲ آگسٽ ۱۹۲۸ع ڌاري جنم ورتو. هو هندستاني نواب محسن الملڪ جو پڙ ڏوهٽو. سندس والد جو
نالو علمدار حسين ۽ امڙ جو نانءُ زهرا هئو. پاڻ ان وقت جي تعليمي نظام مطابق
سينيئر ڪيمبرج اسڪولي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ هند جي وڏن تعليمي درسگاهن نظام
ڪاليج ۽ عليگڙهه مان اعلي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ حيدرآباد (ڏکڻ) اسٽوڊينٽ فيڊريشن
کان سياست ۾ پير پاتائين.
هيءُ هندستان جي سياسي اُٿل
پُٿل جو دور هيو جنهن ۾ هڪ طرف ڪانگريس جي انگريزن سان ڳٺ جوڙ واري پاليسي جي
سياست جاري هئي ته ٻئي طرف مسلم ليگ مسلمانن کي هروڀرو قوم جي قطار ۾ بيهاريو بيٺي
هئي. ٽئين طرف اهڙا محاذ هئا جيڪي انگريزن جي تڏا ويڙهه کان سواءِ ٻئي ڪنهن به
فارمولي جي حق ۾ ڪين هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا اهڙي ڌڙي جي سرواڻي ڪري رهي هئي
جنهن ۾ مزاحمت ڪندڙ جٿا به سندن ڪردار ۽ عمل کان متاثر ٿي جدوجهد ۾ اڳ ڀرا هئا.
۱۹۴۶ع جو
انقلابي دور جنهن ۾ هند جي هڪ علائقي تلنگانا رياست، جتي سموري هندستان ۾ برطانوي
سرڪار، موقعا پرست ڪانگريسي ۽ ليگي قيادت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون تلنگانا
۾هارين پاران جنگ جو اعلان ڪري جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي پريشان ڪري ڇڏيو هيو.
مخدوم محي الدين جهڙو انقلابي شاعر به جهنڊو کڻي اڏوهي کاڌل سماج کي ڊاهڻ ۽ هڪ
نئين پورهيت ديس ٺاهڻ جي ڪڍ اچي تلنگانا هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو.
ان تحريڪ تي رياست پنهنجي ڏاڍ
جو سمورو سامان استعمال پئي ڪيو، هڪ هاري ليڊر شهيد ڪيو ويو. ان دور جي سامراجي
جبر حسن ناصر تي تمام وڏو اثر ڇڏيو جيڪو بغير ڪنهن پرواهه جي ڳاڙهو جهنڊو کڻي
ميدان ۾ اچي پڳو. هوءُ هڪ دانشور خاندان جو پٽ جنهن جي بغاوت هندستان سان محبتن ۽
انگريزن سان نفرت جو نتيجو هيو. تلنگانا تحريڪ جنهن جي هڪ هڪ انچ ۾ مارڪسزم ۽
ليننزم جي پرچار شامل هئي تنهن ڪري ناصر پاران سوشلزم کي پنهنجو آدرش بڻائڻ ۾ ويرم
ئي نه لڳي. هندستان ۾ شاگردن پاران هلندڙ تحريڪون هاڻي ڄڻ ناصر لاءِ پنهنجي گهر
جون تحريڪون هيون پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هو هتي هليو آيو هتي ڪميونسٽ پارٽي جي اهم
اڳواڻن سان گڏ ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو.
هو لنڊن منجهان اعليٰ تعليم
حاصل ڪرڻ چاهي پيو. پر ڪميونسٽ پارٽي سان لڳاءُ ۽ سجاد ظهير جي چوڻ تي هن تعليمي
مستقبل کي آدرشي اصولن مٿان قربان ڪري ڇڏيو. ائين ئي هو پاڪستان ۾ اچي ويو. هتي
ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۱۹۴۸ع جي
آخر ۽ ۱۹۴۹ع جي شروعات ۾ پورٽ ٽرسٽ ۽ ٽرام
وي جي هڙتال جي جدوجهد دوران پارٽي قيادت کي گرفتا ڪيو ويو. نتيجي طور کوٽ پيدا ٿي
ان خال کي پورو ڪرڻ لاءِ حسن ناصر کي سمورا فرض نڀائڻا پيا. هن جي ڪلهن تي پارٽي
جو بار اچي ويو جيڪو هن لاءِ هڪ امتحان هئو. پارٽي خلاف جاري وٺ-پڪڙ کي نظر ۾
رکندي هو پنهنجون سرگرميون روپوش ٿي ڪندورهيو.کيس ان دوران صوبي سنڌ جي صوبائي
ڪميٽي جو سيڪريٽري ۽ سينٽرل سيڪريٽيريٽ جو اڳواڻ بڻايو ويو.
پاڪستان ۾ جڏهن مختلف ڪامريڊن
کي پنڊي سازش ۾ گرفتار ڪيو ويو ته ان جي ڪڙي طور کوڙ اهڙن ڪميونسٽ ليڊرن کي به نه
بخشو ويو جن جو تعلق انهي ساڳي قافلي سان هئو. حسن ناصر کي به گرفتار ڪيو ويو، سال
شاهي قلعي ۾ رکڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. هوءُ هڪ دفعو ٻيهر پارٽي سان وفا ڪندي
سرگرمين ۾ جنبي ويو.
۱۹۵۴ع ڌاري
ملڪ جڏهن ڪميونسٽ پارٽي مٿان سامراجي ٽولن جي ملي ڀڳت سان پابندي لڳائي وئي ته کيس
ٻيهر جيل ڀيڙو ڪيو ويو. ۱۹۵۵ع ۾کيس
هڪ سال لاءِ ملڪ بدر ڪري هندستان موڪليو ويو. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سمجهي ورتو
ته ناصر کي پاڪستان جي آفيسر شاهي سامراجيت برداشت نه ڪندي ان لاءِ قيادت کيس
پاڪستان واپس موٽڻ لاءِ منع ڪيو پر ناصر ڪيئن مڙي ها هن کي اها بيوفائي قبول نه
هئي جيڪا هوپاڪستان جي پورهيتن سان وفا جي صورت ڪري چڪو هئو. هوجلاوطني جومدو ختم
ٿيندي ئي هتي اچي ويو.
هاڻي پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي
تي پابندي هئي، ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۽ ملڪي ترقي پسند قوتن پاران گڏيل طور تي
نيشنل عوامي پارٽي NAP جو بنياد
رکيو ويو. ناصر کي آفيس جو سيڪريٽري بڻايو ويو. ظاهر آ ته سرخ انقلاب جا سپاهي ڀلي
ڪٿي به هجن، اهو هن رياست کي اهو برداشت ڪيئن ٿيندو؟ نتيجو اهو نڪتو جو اڳتي هلي ۱۹۵۸ع ڌاري سرڪار پاران ملڪ ۾ مارشلا لڳايو ويو. ڪميونسٽن کي چونڊي گرفتار ڪري
ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هوءُ هڪ دفعو ٻيهر روپوش ٿي ويو پر سامراجي ڇاڙتن ۱۹۶۰ع ۾ کيس ڪراچي مان پڪڙي ورتو. هڪ مهيني جي مسلسل تشدد کان پوءِ حسن ناصر جو
بي داد قتل ڪري سندس لاش کي غائب ڪيو ويو. رياست پاران روايتي بيان جاري ڪيو ويو
ته ناصر پاران خودڪشي ڪئي وئي آهي. دنيا جي پورهيتن جو ليڊر ۽ خود ڪشي! سڀ ڪوڙ هو
حسن ناصر جي لاش ۽ هن جي قتل کي دٻائڻ لاءِ ڊارمو رچايو ويو. جنهن کي سماجي سائنس
جي پائنديڙن ناڪام بڻايو اڄ حسن ناصر جو قتل بي داد عدالت کان مٿاهون بڻيل آهي نه
ڪيس هليو، نه ئي ڪو فيصلو ٿيو ته کيس ڪيئن ماريو ويو رياست خاموش آهي!
ناصر کي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ
مختلف طريقن سان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پرهو هڪ ڪميونسٽ هيو هن کي خبر هئي ته ڪميونسٽ
کي ڪچلي سگهجي ٿو پر جهڪائي نٿو سگهجي. ناصر ڪراچي ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ڪامريڊ سوڀي
سان گڏ جدجهد ڪئي. حسن ناصر جي امان شروع ۾ پاڪستان آئي ان ڪميونسٽ پارٽي جي قيد
ڪامريڊن کي مانيون به پهچايون. هو سنڌ ۾ هارين لاءِ وڙهندو رهيو هو چاهي پيو ته
سنڌ ۾ تلنگانا جهڙي تحريڪ اڀري جيڪا هتان جي هارين کي منظم ڪري سندن لٽيل حق وٺڻ ۾
مددگار ثابت ٿئي. ناصر کي سندس امڙ تمام گهڻي عزيز هئي پر پورهيت راڄ لاءِ ويڙهه
سندس وڏو مقصد هئو هن پنهنجي امڙ کي هڪ خط ۾ پڻ لکيو”
اوهان کي منهنجي باري ۾ فڪر مند
ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، مون ماسي امير کي چيو هئو ته مون جيڪو به رستو ورتو
آهي اهو پنهنجي مرضي سان چونڊيو آهي، مونکي هڪ ٻي به زندگي ملي تڏهن به آئون ان
رستي تي هلندو رهندس، سٺي نيت ۽ خلوص سان عرض ڪيان ٿو ته مون جيڪو ڪجهه چيو ان تي
نه مون کي ڪا به شرمندگي آهي نه ئي اوهان کي شرمندو هجڻ گهرجي، مون کي ته اڪثر ان
ڳالهه جي پريشاني رهي ٿي ته اوهان منهنجي موقف کي سٺي ريت ڇو نٿا سمجهو؟ آئون جڏهن
کان ڪميونسٽ بڻيو آهيان، ان کان پوءِ مٽن مائٽن جي رشتن کي وڌيڪ احترام سان ڏسڻ
لڳو آهيان.“ (نيا آدم حيدرآباد انڊيا)
اها ئي ڳالهه آهي جو ناصر جي
امڙ چيو هئو ته هن کي جيڪو گهربو هئو اهو کيس ملي ويو مون کي ڪو به ڏک نه آهي.
پاڪستاني رياست جنهن جي منهن تي حسن ناصر جو خون داغ آهي، جنهن جي مذمت جيتري ڪجي
گهٽ آهي. ڪميونسٽ هر دو ۾ سامراجي نظام خلاف ويڙهه ڪندا رهندا. اڄ سامراج لاءِ اهو
ممڪن ناهي ته پهرين وانگي کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي. حسن ناصر هن
ملڪ کي هڪ ڊيموڪريٽڪ مزدور ديس بڻائڻ پئي چاهيو پر رياست کي اهو منظور نه هئو. اڄ
ناصر سرخ پرچم جو نشان بڻجي چڪو آهي پر وقت جي آمر کي ڪو ياد ڪرڻ وارو به مشڪل هجي.
حسن ناصر جو خواب ڪميونزم هن وقت سموري دنيا جي مظلوم قومن جي نجات جو نظريو بڻجي
چڪو آهي اهو ڏهاڙو پري ناهي جنهن ڏينهن حسن ناصر جو خواب پورو ٿيندو ريٽو جهنڊو
اسان سمورن جو ممستقبل هوندو. حسن ناصر تنهنجي پرچم کي جهڪڻ ڪين ڏينداسين.
ڪامريڊ حسن ناصر
جنهن ساھه ڏئي ويساھه
ڏنو
گلزار چنا
۱۳ نومبر پاڪستان جي تاريخ جو اهو بدنصيب ڏينهن آهي، جنهن ۾ شاگردن، مزدورن، هارين
۽ ترقي پسندن جي حقن لاءِ جهيڙيندڙ ۽ جمهوري قدرن جي واڌ ويجهه لاءِ جان جو نذرانو
پيش ڪندڙ ڪامريڊ حسن ناصر کي ۵۸ سال اڳ شاهي قلعي لاهور جي ٽارچر سيل ۾ ملڪ جي پهرين
فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان جي ڇاڙتن تشدد ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو.
اڄ جو نئون نسل حسن
ناصر جهڙي انقلابي شخصيت کان اوپرو آهي، ان جو هڪ سبب هي آهي ته حسن ناصر جنهن
نظريي، فڪر سان وابسته هو. ان نظريي کي ۱۹۹۱ع ۾سوشلسٽ بلاڪ جي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ ڌڪ لڳو، نتيجي ۾ هر
پاسي مايوسيءَ گهر ڪيو، حسن ناصر جا ساٿي ميدان عمل مان پاسيرا ٿي ويا ۽ ٻيو الميو
هي ته سنڌ ۾ ڪجهه قومپرست لاڙو رکندڙ ماڻهن هن معصوم صفت انقلابيءَ کي اردو
ڳالهائيندڙ پناهگير سمجهيو ۽ مناسب مڃتا نه ڏني.دراصل هُو ته هر ظلم جي شڪل خلاف
عملي جدوجهد جو قائل هو، عالمي انقلابن جي پنڌ جو پانڌيئڙو هو. ان ڪري ضروري بڻجي
ٿو ته اسين ڪامريڊ ناصر جي حياتيءَ ۽ جدوجهد جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪريون.
حسن ناصر ننڍي کنڊ
جي سڀ کان وڏي جاگيردار نواب محسن الملڪ جو پوٽو هئو.علمدار حسين جي گهر ۾۲ آگسٽ ۱۹۲۸ع تي هندستان جي حيدرآباد دکن ۾ وڏي شان
شوڪت سان پيدا ٿيو. سندس والد مسلم ليگ جو اڳواڻ هو. جڏهن ته امڙ زهره علمدار حسين
جو تعلق ڪانگريس سان هو. حسن ناصر ابتدائي تعيلم حيدرآباد دکن گرامر اسڪول مان
حاصل ڪئي ۽ پوءِ سينئر ڪيمبريج جو امتحان اعلي امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين، جڏهن
ته علي ڳڙه مسلم ڪاليج مان انٽرميڊيٽ جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ
نظام ڪاليج حيدرآباد دکن مان بي اي ڪيائين، کيس ننڍپڻ کان مطالعي سان ڏاڍو چاه هو. هي انقلابي سورمو
هڪ سنجيده، بردبار، ٻارهو. حسن ناصر کي سياست والدين کان وراثت ۾ ملي هئي. هُن ۱۹۴۶ع ۾ شاگرد سياست جي سرگرمين سان گڏوگڏ سياسي
تحريڪن ۾ حصووٺڻ شروع ڪيو.سڀ کان پهرين جنهن احتجاجي تحريڪ ۾ حصو ورتائين اها آزاد
هند فوج جي اڳواڻن جي آزادي لاءِ شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ هئي. تڏهن هُن جي ڪُل عمر
۱۷ سال ۽ ۷ مهينا هئي. ۳۱ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي حسن ناصر هڪ اهڙي احتجاجي مظاهري جي
اڳواڻي ڪئي جنهن ۾ شاگردن جو تعداد ۲۵ هزار هو ۽ اُهي شاگرد ننڍي کنڊ جي آزادي ۽ خودمختاريءَ
جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري رهيا هئا، ان وقت حسن ناصر جي عمر ۱۸ سال ۽ ۱۱ مهينا هئي. حسن ناصر جڏهن سترهن سالن جو
هوته حيدرآباد اسٽوڊنٽس ليگ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. پنهنجي ابتدائي
زندگي ۾ هُن حيدرآباد دکن ۾ معروف انقلابي اڳواڻ ۽ شاعر مخدوم محي الدين سان ملي
ڪري تيلانگنا بغاوت ۾ هارين جي تحريڪ ۾ حصو ورتو جيڪا ۱۹۴۶ع کان ۱۹۵۱ع جي عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي
اڳواڻي ۾ عمل ۾ آئي هئي.
سال ۱۹۴۸ع جي آخر ۾ حسن ناصر اعلي تعليم لاءِ حيدرآباد
دکن مان لنڊن لاءِ روانو ٿيو پر ڪجھه ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ ۾ پنهنجن مائٽن وٽ ترسي
پيو، مقصد ته هئو مائٽن سان ملاقات ڪرڻ جو. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ڪراچي ۾ هُن جي
ملاقات تڏهوڪي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ سجاد ظهير سان ٿي
جيڪو حسن ناصر جي ويجهن مائٽن مان هئو. سجاد ظهير جي خواهش تي هُن لنڊن مان تعليم
حاصل ڪرڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو باقاعده ميمبر بڻيو ۽
پارٽي جا معامرا نبيرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. تڏهن حسن ناصر ڦوه جوانيءَ ۾ پيرپاتو هو
سندس عمر ويهه سال هئي. حسن ناصر جڏهن ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ميمبر بڻيو
تڏهن ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ ۾ سڀ کان ننڍي عمر هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين.ان عمر ۾
ئي ضلعي تنظيمي ڪميٽي ڪراچيءَ جو سيڪريٽري، صوبائي تنظيمي ڪميٽي حيدرآباد جو ميمبر
۽ علائقائي تنظيمي ڪمٽي جو ميمبر رهيو. پاڪستان اچڻ کان اڳ ڪامريڊ حسن ناصر دکن ۾
موجود پنهنجي سموري ملڪيت بي زمين هارين ۾ تقسيم ڪري آيو.
ڪامريڊ حسن ناصر کي
ماڪسزم تي پورو يقين هئو. هُوانقلاب جي انجڻ مزدور طبقي کي سمجهندو هئو ان ڪري
پيڙهيل طبقي سان پنهنجو رشتو جوڙيائين. هُو پورهيت طبقي کي انقلاب جو هر اول دستو
سمجهندو هئو. هُو پيشه ور انقلابي هئو جنهن جي لينن ڳاله ڪئي هئي. هُن صنعتي
وسندين کي پنهنجوٺڪاڻو بڻائي ڇڏيو هو.لانڍي، ڪورنگي، سائٽ، ماچيس فيڪٽرين، گنيش
کوپرا مل لياري، ڊالميا سيمنٽ فيڪٽري ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي مزدورن يونين سان مستقل
رابطي ۾ رهندو ۽ ميربحرن جي جهوپڙين ۾ وڃي رهندو هو. ميهڙ لڳ ڳوٺ سوڀي مگسيءَ ۾ غريب هاري حسن
مگسيءَ جي غريب گهراڻي ۾ رهي هن جي سياسي تربيت ڪندو هو.هُن ڪميونسٽ پارٽي جي اهم
اڳواڻن سيد جمال الدين بخاري، ڪامريڊ شانتا، شرف علي، سائين عزيزالله، سوڀو
گيانچنداڻي، طفيل عباس، منهاج برنا، امام علي نازش، ڊاڪٽر اعزازنذير، عزيز سلام
بخاري، دادا فيروز منصور ۽ اميرحيدر وغيره جهڙن اعلي پائي جي اڳواڻن سان گڏجي
شاگردن، مزدورن ۽ هارين ۾ ڪم ڪيو.
سال ۱۹۵۱ع ۾ جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ عالمي سامراج
جي مفادن جي ترجماني ڪندڙ حڪمرانن ترقي پسندن جي سرگرمين کان خوفزده ٿي جڏهن
انقلابين جي خلاف ظلمن جو سلسلو شروع ڪيو.ان سلسلي ۾ ڪيترن ترقي پسند اڳواڻن، ڪارڪنن
کي “راولپنڊي سازش ڪيس” جي نالي ۾ ڪچليو ويو، سوين ماڻهن کي جيلن ۾ واڙيو ويو.
ڪميونسٽ پارٽي سميت اديبن جي تنظيم، شاگردن، عورتن ۽ مزدورن جي تنظيمن تي پابنديون
مڙهيون ويون.ان دور ۾ حسن ناصر کي ۱۵ جولاءِ تي گرفتار ڪيو ويو کيس هڪ سال تائين لاهور جي
شاهي قلعي ۾ قيد رکيو ۽ سال ۱۹۵۲ع ۾ آزاد ٿيو ته وري ٻيهر پارٽي جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. سال ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن قومي وحدتن کي ٽوڙي ون يونٽ ٺاهيو
ويو. تڏهن ڪامريڊ ناصر عوامي نيشنل پارٽي جي پليٽ فارم تان ان خلاف تحريڪ ۾
ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.۱۹۵۶ع ۾ هارين جي حقن لاءِ ڪسان الاٽي تحريڪ شروع ٿي هئي جنهن کي عوام تمام
گهڻي موٽ ڏني.ان ۾ پڻ حسن ناصر سرگرم ڪردار ادا ڪيو هو.
حسن ناصر ڪنهن به
حالت ۾ پنهنجن آدرشن تان هٿ نه کنيو، ڏکين حالتن ۾ ثابت قدم رهيو. جنرل ايوب خان
سال ۱۹۵۸ع ۾ اقتدار تي راتاهو هڻي، مارشل لا لڳائي تڏهن ان بربريت جي خلاف هن
پنهنجن ساٿين کي منظم ڪري جدوجهد ڪيائين.ان جدوجهد جي ڪري اونداهيءَ جا پوڄاري حسن
ناصر جي جان جا دشمن بڻجي کيس ڳوليندا رهيا. هُن کي ۶ آگسٽ ۱۹۶۰ع ۾ ڪراچي جي نمائش واري علائقي مان روپوشي
جي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.گرفتاري جي دوران خفيه ادارن جا ماڻهو حسن ناصر تي
روزانو بدترين تشدد ڪندا رهيا اهو سلسلو ۳۸ ڏينهن تائين لاڳاتار جاري رهيو ۽ آخرڪار ۱۳ سيپٽمبر ۱۹۶۰ع تي حسن ناصر کي لاهور جي مغليه شاهي قلعي
۾ منتقل ڪيوويو جتي حڪومت مخالف ماڻهن سان جيڪا ذلت جوڳو ورتاءَ ڪيو ويندو هو تنهن
کي ٻُڌي وار ڪانڊرجي ويندا آهن، ان انسانيت سوز ظلمن جي باوجود حسن ناصر جي ارادن
۾ ڪا ڪمزوري نه آئي هُو جبل جيان مضبوط رهيو.بدترين تشدد جو اهو سلسلو ۲ مهينا لاڳيتو جاري رهيو. نيٺ ۱۳ نومبر ۱۹۶۰ع تي وحشياڻي طريقي سان حسن ناصر کي شهيد
ڪيو ويو.حسن ناصرکي شهيد ڪرڻ کان پوءِ به هن جي لاش تي تشدد ڪري سندس چهري کي به
بگاڙيو ويو.ان ڪري ايوب شاهي پوليس رات جي اونداهيءَ ۾ هن جي لاش کي گم ڪري ڇڏيو، ڇو
جو لاش وارثن حوالي ڪرڻ جي صورت ۾ ملڪ جي پورهيت عوام جي طرفان شديد ترين ردعمل جو
امڪان هئو.ٻي طرف حڪومت حسن ناصر جي اذيتناڪ موت کي خودڪشي ثابت ڪرڻ جي لاءِ جيڪي
غلط بيان ڏنا، تنهن کان پوِءِ سي.آئي.ڊي پوليس آفيسرجو بيان حڪومتي ڪوڙ جو پول
پڌرو ڪيو.
انقلابي ڪامريڊ حسن
ناصر پنهنجي شهزادن واري زندگي، جواني، پنهنجو حُسن سڀ ڪجهه استحصالي قوتن خلاف
جدوجهد ڪندي پورهيت طبقي جي معاشي، سماجي ۽ سياسي آزادي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو
هو.پاڪستان جي تاريخ حسن ناصر جي خون سان سرخرو آهي. حسن ناصر اهڃاڻ آهي جدوجهد
عزم ۽ سچائي جو هو هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ تاريخ جو تسلسل آهي. پاڪستان جي جمهوري ۽
انقلابي تحريڪ هن عظيم سپوت کي نه ٿي وساري سگهي. حسن ناصر جي ۳۲ سالا مختصر زندگي مسلسل جدوجهد ۾ گذري. اڄ
جي آرامده زندگي چاهيندڙ نام نهاد”انقلابي” اڳواڻن جي ابتڙ ڪير سوچي سگهي ٿو ته
حيدرآباد دکن جي نواب گهراڻي ۾ ناز ۽ نخرن سان پليل هيءُ شخص ڪيئن زندگي ۾ سختيون
سهندي ۽ قربانيون ڏيندي هميشه لاءِ تاريخ ۾ امر ٿي ويندو.
ڪامريڊ حسن ناصر جي
شهادت کان پوءِ والده زهره علمبردار حسين هڪ تعزيتي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو هئو
ته “هر انسان جي زندگي جو پنهنجي ذات کانسواءِ به مقصد هوندو آهي نه ته اهو انسان
ناهي. ڪجه مقصد اهڙا هوندا آهن جو ان ۾ جان جي بازي لڳائڻي پوندي آهي، منهنجي پٽ
جو حال به ڪجھه اهڙو ئي هئو. مان گهڻن ڏينهن کان ڄاڻان پئي، ڪيترن سالن کان کٽڪو
ٿيو پئي آخرڪار اها گهڙي اچي وئي جنهن کي ٽاري نه پيو سگهجي. منهنجي ڳاله کي ڇڏيو
البته حسن ناصر خوش قسمت هئو، هو پنهنجا مقصد ته حاصل ڪري نه سگهيو پر ان مقصد
لاءِ جان ڏيڻ جي سعادت ته حاصل ڪئي.
اڄ جي حالتن ۾
پورهيت عوام تمام گهڻو معاشي ابتري ۽ مسئلن ۾ جڪڙيل آهي. اسان جو معاشرو
شديد ڀڃ ڊاه جو شڪار آهي. انقلابي ماحول پيدا لاءِ پورهيتن جي جدوجهد کي منظم ڪرڻ
جي ضرورت آهي. باشعور ماڻهن کي سجاڳي جي علامت بڻجي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ ترقي
پسندن جي ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ هئڻ جي ڪري ملڪ انارڪئي جي ور چڙهڻ وارو آهي. مفاد پرست
سياستدانن ملڪ کي تين وال ڪر ڇڏيو آهي. ڪامريڊ حسن ناصر هڪ انقلابيءَ جي حيثيت ۾
سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. هُو پورهيتن ۾ ڪم ڪندو هو. جاگيردارن، سرمائيدارن ۽
انهن جي ساٿاري نوڪرشاهي جي بي رحم پرماريت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پورهيتن جي
طبقاتي جدوجهد تيز ڪرڻ ان جو اعلى مقصد رهيو. اسان حسن ناصر سان ان وفاداريءَ کي
ورجائڻ جو وچن ڪيون جنهن لاءِ هن جان ڏني.
شهيد حسن ناصر
سندس شهادت جو ڏينهن -
تاريخ ڳالهائي ٿي
حميده گهانگهرو
تاريخ ڳالهائي ٿي، تاريخ
سمجهائي ٿي، تاريخ سيکاري ٿي، ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ استحصال جي خلاف ڳالهائيندڙ تاريخ، هميشه
امر بڻجي ويل تاريخ، ڪئلينڊر جي تاريخ ۱۳ نومبر ۱۹۶۰، امر ڪردار طور لکيل تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي جيڪا
ڪيئي نسلن جي جدوجهد، سوچ ۽ فڪر جي رهنمائي ڪندڙ آهي.
حسن ناصر جي شهادت،
تاريخ جي ورق تي نه مٽجندڙ چٽ ڇڏيندڙ، ورقن ۾ ويڙهيل گواهي طور سڃاڻپ رکندڙ آهي. ۱۳ نومبر ۱۹۶۰ ڪنهن به سچ ۽ حق جي جدوجهد ۾ يقين رکندڙ
ديواني لاءِ اتساهه ۽ ويساهه ڏيندڙ، شهيد جو اکين ۽ سوچ ۾ گواهي طور اڀري اچڻ جي
تاريخ آهي. اڄ حسن ناصر کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ڇو ڪونه ياد ڪجي. ڇا اسين زنده
ماڻهو سياسي، سماجي ظلم، استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف وڙهندڙ قافلي جا سپاهي
ناهيون؟
حيدرآباد دکن ۾
سونهري خوابن جهڙي زندگي گذارڻ وارو نوجوان شهزادو سفر ڪندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽
سندس نظر ڪراچي جي پٺتي پيل مزدورن ۽ پورهيتن جي وسندين ۾ بکايل، ڏکايل ۽ سهولتن
کان محروم انسانن تي پوي ٿي، توڻي جو کڻي سڄي ڏينهن جي جاکوڙ کانپوءِ به شام جو
گهر ايندي رڳو ڪجهه دال ماني کائڻ جو ثمر هٿن ۾ ڏسي وري مٿان پوڙهي ماءُ پيءُ جي
بيماريءَ جي تڪليف ۽ نوجوان ڀينرن جي عمر وڌي وڃڻ ڪري مٿي ۾ وارن ۾ چاندي جي چمڪ
ڏسي کيس پنهنجا ذاتي ارادا، لنڊن ۾ اعليٰ
تعليم ماڻڻ جا خواب تبديل ڪرڻا ٿا پون. انقلاب لاءِ ماڻهن جي خوشحالي ۽ هر ماڻهوءَ
جي چهري تي مسڪراهٽن جا ميڙا ڏسڻ لاءِ سندس سوچ بدلجي وڃي ٿي ۽ هيءُ حيدرآباد دکن
جو امير ترين نواب خاندان جو اڪيلو فرزند سرحد جي خاردار ديوارن ۽ تارن کي پنهنجي
تصور ۾ آجو ڪري دنيا جي پورهيتن سان نئون رشتو جوڙي ٿو.
هن لاءِ پنهنجي رت
جي رشتي امڙ ۽ ابي کان وڌيڪ ڪارل مارڪس جي جملي ته ”دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو“ جو
ڪردار بڻجي اهڙي برادري جو حصو ٿو بڻجي جيڪا رنگ نسل، مذهب، ٻولي، فرقا پرستي ۽
سرحدن جي ورهاست کان تمام مٿانهين هوندي آهي جنهن کي ڪميونسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو.
پورهيتن جي جڳهين نما گهرن ۾ رهڻ، ڪراچي شو مارڪيٽ جي فٽ پاٿن تي بک ۽ اڃ جي
پرواهه نه ڪندي پنهنجي سکي ستابي زندگي ڇڏي پورهيتن کي منسوب ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهڙي
زندگي کي آئيڊيل سمجهي ٿو.
ڏسجي ته پنهنجي جسم
جي پوري سگهه سان ساهه جي آخري گهڙي تائين ٻليدان تي رهيو. سرمائيداري جي عروج
واري استحصالي نظام خلاف ۽ آزاد ٿيل ملڪ جي ٻالڪپڻي واري عمر يعني آزاديءَ کانپوءِ
۱۳ سالن اندر مارشل لا جو طوق پاتل ڏسي ان ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ حسن ناصر
ڪيترن لاءِ اتساهه بڻجي فرض نڀائيندي شاهي قلعي جي اذيت جوڳي تشدد کي مات ڏيندو
رهيو. کيس سرنگ نما ڏاڪڻ ۾ وٺي وڃي ساهه ٻوساٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن نوجوان
پنهنجو ”ساهه“ ٻين لاءِ ”ويساهه“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سندس هٿن ۽ پيرن جي ننهن کي
لاٿو ويو. جسم تي سوين سورن جا زخم ظاهر آهي ته ڪنهن حد تائين برداشت ٿيندا. پر
سندس سوچ کي شاهي قلعي جي اذيت گاهه به قتل نه ڪري سگهي. زندگي ته جيئڻ لاءِ هوندي
آهي هن خوبصورت دنيا کي ڇڏڻ جو ڪنهن کي شوق هوندو ؟.
ها رڳو هڪ سچو
انقلابي ئي پنهنجي ذاتي خواهشن ۽ خوبصورت زندگيءَ کان الڳ ٿي سڄي دنيا جي پورهيتن
جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جو خواب ڏسي سگهي ٿو. هن لاءِ گڏجي خوشيون ملهائي سڀ ويڇا
وساري ڳلي ملڻ وارو تصور پنهنجي جاءِ تي پر طبقاتي نظام جي اونچ نيچ ۾ ڪڏهن گهرن
جو چلهو ٻري ته ڪڏهن اُجهامي. احساس محرومي، مجبوري ۽ پريشاني واري گهاريل گهڙين
کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. تعليم، صحت، بنيادي ضرورتن ۽ بنيادي حقن
واري حاصل ڪيل زندگي جنهن ۾ مفادن جي بنياد تي ڪير به ڪنهن کان نفرت نه ڪري تنهن
نظام خاطر پنهنجي ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. شهيد ناصر
ايئن ئي ڪيو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ضرور انقلاب جي نعري سان الوداع ڪيو هوندو.
سندس امڙ کي اطلاع
ٿئي ٿو ته اچي پٽ جو لاش وصول ڪر، ڀلا امڙ جا قدم ڪيئن رڪندا. هوءَ نواب خاندان جي
رئيسياڻي اڪيلو جهاز ڪري لاهور جي زمين تي هڪ اڏامندڙ پکيءَ وانگر جهٽڪو کائي قدم
کوڙي ٿي. ان وقت ان امڙ جي دل جي حالت ڪهڙي هوندي ته جنهن پهريون ڀيرو هڪ آزاد
خودمختيار اسلامي مملڪت ۾ پير رکيا هجن. هن مينار پاڪستان ڏسڻ جي خواهش بجاءِ شاهي
قلعي ڏانهن ٿڙندڙ قدمن ۽ دل جهوريندڙ لهجي ۾ پڇيو ته منهنجي ٻچڙي جو آخري ديدار
ڪرايو پوءِ کيس هڪ چچريل لاش ڏيکاريو ٿو وڃي. امڙ چوي ٿي جنهن کي مون ۹ مهينا ڪُک ۾ سانڍي هن دنيا جي خوبصورتي ۽ روشني ڏيکاري، مان هن جي پيدا ٿيڻ
تي سڀ سور سهي جڏهن سندس چهري کي ڏٺو ته دنيا جي ڪا به اهڙي تحقيق ۽ ڪيمرا ايجاد
ناهي ٿي جيڪا ان پل جي تصوير ٺاهي سگهي۽ اها تصوير صرف ۽ صرف منهنجي اکين ۽ دل ۾
سانڍيل آهي ۽ منهنجون اکيون ۽ دل دوکو نٿي کائي سگهي. سندس گهنگهرايل ڪارن وارن ۾
ڦڻي ڏيندڙ منهنجي هٿن جون آڱريون اُهو ڇهاءُ هاڻي به محسوس ڪن ٿيون. جڏهن هن جي
ماءُ سندس پهرين ڏند ڀڳا هئا جنهن لاءِ چوڻي آهي کير وارا ڏند ڀڄڻ ۽ پوءِ ۷ سالن ۾ سڄي حياتي لاءِ پيدا ٿيندڙ ڏندن کي
مان روز ڏسي آجيان ڪندي هئس ۽ جن کي صبح سان پنهنجي آڱر سان صاف ڪري گرڙي ڪرائيندي
هئس هي ڏند اهي ته ناهن، هي ڏند منهنجي پٽ جا ناهن، هي لاش منهنجي پٽ جو ناهي.هڪ
ماءُ پنهنجي پٽ جي لاش جو پنهنجن احساسن ۽ جذبن سان پوسٽ مارٽم ڪري لاش وٺڻ کان
انڪاري ٿئي ٿي اهو چئي ته مون پٽ کي جنم ڏنو هو پر هن هوش سنڀاليندي سڄي دنيا جي
مظلوم پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي.
دراصل هو ڌرتيءَ جو
پٽ آهي ۽ مان ڌرتيءَ جي ورهاست نه ڪنديس ڌرتي ماءُ آهي جتي به آهي ماءُ جي جهول ۾
آهي ۽ خاموش چپن سان لڙڪ لاڙيندي. خالي جهاز ۾ واپس حيدرآباد دکن رواني ٿئي ٿي.
حيدرآباد دکن ۾ هزارن جي انگ ۾ گڏ ٿيل پنهنجي ڌرتيءَ ڄائي دوستن، ساٿين ۽ مائٽن کي
عظيم امڙ اهو نياپو ٿي ڏئي ته هو ڌرتي ڄائو هو، هو دنيا جي پورهيتن جي برادري جو
سرواڻ هو. هن ڀڳت سنگهه جي ڦاهي گهاٽ کان ٿورو پرڀرو شاهي قلعي ۾ آخري ساهه جي
گهڙي ۾ ساهه نڀائڻ جو وچن ڪيو ۽ اُتي ئي پنهنجي بي ساخته جسم کي انهن جي حوالي ڪيو.
حسن ناصر کي جسماني
طور وڇڙئي ۶۱ سال ٿيا آهن، پر هو تاريخ ۾ ڪيترن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ جدوجهد ڪندڙن جي
گونجار ۾ زنده ۽ امر آهي. اڄ به حسن ناصر شهيد کي سرخ سلام پيش ڪيو ٿو وڃي جيئن
انقلابي تاريخ جي شهيدن کي، پهرين مئي جي شهيدن، چي گويرا کي ياد ڪيو ٿو وڃي. حسن
ناصر شهيد جي جدوجهد ختم نه ٿي ڀلا سندس جدوجهد جي سرواڻي ڪندڙ، انهيءَ تسلسل جو ۲۰ سالن کانپوءِ شهيد نذير عباسي ڪنهن کان
وسريو آهي.
جيڪڏهن ڏسجي ته
شهيد جي خاموش جسمن کان به ظالم ايڏو خوفزده هوندو آهي جو رات جي اونداهي ۾ دفنائي
پوءِ ٻڌايو ويندو آهي ته انقلابي تاريخ جا بي باڪ جرئتمند شهيد ٿي ويا آهن، انهيءَ
ڪري انهن جو آخري ديدار به غير روايتي جبر تحت ناهي ڪرايو ويندو پر پر اهي شهيد
هميشه زنده رهي، اونداهي سماج ۾ روشنيءَ جي لاٽ ٿي اڀرندا آهن.
جيستائين ظلم، جبر،
بربريت ۽ ڏاڍ سان استحصال ٿيندڙ معاشري مٿان ڪڪر ڇانيل رهندا تيسين انهن ئي
انقلابي هيرن جي گونجار جي ڇانو ۾ تحريڪون جنم وٺنديون ۽ ٽئين نسل جا انقلابي سوچ
رکندڙ انقلابي تاريخ جي روايت کي ٽٽڻ نه ڏيندا.
سرمائيدارن، جاگيردارن،
وڏيرن پيرن، ميرن، سردارن جي خلاف اٿندڙ آواز جا پڙاڏا ڪڏهن به ختم نه ٿيندا. بلڪه
جتي ظلم جي انتها آهي اتي انصاف لاءِ پڪار به آهي. ۽ جنهن تحريڪ جون سرواڻ عورتون
هجن. جڏهن مائرن ڌيئرن ڀينرن پنهنجن پيارن جي رت مان رنگي پوتيون لاهي پرچم ٺاهيا
ته ان وقت مدي خارج سماج جي ريتن ۽ رسمن ۾ جڪڙيل آخر جاڳي پوندا آهن ڀلا ڪيستائين
ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندا رهندا.
هڪ مائي بختاور، ملڪ
جاگيردارن سان وڙهندي هاريءَ جي بٽيءَ کان اڳ شهيد ٿيڻ قبول ڪيو پر استحصال نه، اڄ
ڪيتريون مائرون ڀينرون پنهنجن وڃايل وڇڙي ويلن کي ڳولهڻ لاءِ گهرن جون ديوارون
ٽوڙي کليل ميدان تي ظلم خلاف للڪارين ٿيون.
شيرين جوکيو، سرداري
نظام جي خلاف پنهنجي ور جي، خون کي ناانصافي ۾ لوڙهيندي نٿي ڏسي سگهي ۽ هوءَ هزار
ڌمڪين، پريشانين، بک مفلسي جو شڪار ٿيندي به ظلم خلاف للڪار بڻيل آهي. اهو دنيا جي
تاريخ جو دستور آهي ته انقلاب، رد انقلاب به ٿيا آهن پر ڪنهن وٽ اهو ثبوت آهي ته
ظلم جبر بربريت جي خلاف آواز نه اٿاريو ويو هجي بلڪه ٻرندڙ آوي جيئن ڪچي مٽيءَ کي
پچائي مٽيءَ مان پڪو گهڙو ٺاهي ٿي ايئن ظلم جي آوي اڄ جي دور ۾ نوجوانن ۽ باشعورن
۾ للڪار پچائي ٿي.
اعجاز منگيءَ جو
گيت لکيل ته نذير عباسيءَ جي شهادت تي آهي پر تاريخ ۾ انصاف جو آواز بلند ڪندڙ لاءِ
ٺهڪي اچي ٿو.
ترسو لانڍيءَ اوٽ
الاڙي
گهر ۾ آيو گهوٽ
الاڙي
آزاديءَ جي ونڙيءَ
کي
سينگاريو سينگاريو
سرتيون
ڳاڙهن جهنڊن سان ڄڃ
آئي
نعرن جي گونجي
شهنائي
پوتيون لاهي پرچم
ٺاهيو
لهرايو لهرايو
سرتيون
ترسو لانڍيءَ اوٽ
الاڙي
گهر ۾ آيو گهوٽ
الاڙي
چنڊ جيان چهرو مهتابي
رت ۾ وهنتل گل
گلابي
سوريءَ سيج چڙهي
آيو آ
پنهنجا نيڻ وڇايو
سرتيون
ترسو لانڍيءَ اوٽ
الاڙي
گهر ۾ آيو گهوٽ
الاڙي
اگهو اکين مان نير
اوڀينر
اڱڻ تي آيو نذير او
ڀينر
دودي دولهه خان جو
اجرڪ
نذير کي پهرايو
سرتيون
ترسو لانڍيءَ اوٽ
الاڙي
گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي
آزاديءَ جي ونڙيءَ
کي
سينگاريو سينگاريو
سرتيون... ... ... .!!
ظلم خلاف آواز
اٿاريندڙ اڄ جي هر باشعور عورت جي عظمت کي سلام.
ماضيءَ جي شهيدن
جڏهن ظلم خلاف جدوجهد جو جهنڊو کنيو ته ان ۾ مدي خارج نظام جي تحت عورت کي گهٽ نه
پر اڳڀرو ڪيو هو. هوچي منهه پنهنجي شاهڪار لکڻين ۾چيو آهي ته عورت ۽ مرد هڪ گاڏي
جا به ڦيٿا آهن جدوجهد ۾عورت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه هلندي ته اها تحريڪ ڦڪي ڦڪي
هوندي. اها هڪ بهترين نظرياتي سوچ ڪميونسٽن کي ورثي ۾ ملي ٿي ۽ اهو ورثو، حسن ناصر
شهيد ۽ نذير عباسي شهيد جو آواز اڄ به سرخ جهنڊي جو سرواڻ آهي. حسن ناصر کي سرخ
سلام.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۱۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شهيد حسن ناصر
حسن پٺاڻ
مشهور ڪميونسٽ
اڳواڻ شهيد حسن ناصر، ۱۹۲۸ع ڌاري سيد علمبردار جي گهر، حيدرآباد دکن ۾ ڄائو. سندس والد مهاراجا سر
ڪشن پرشاد بهادر جو پرائيويٽ سيڪريٽري هو. سندس ماءُ جو نالو زهره بيگم هو. هن جو
سمورو خاندان اعليٰ تعليم يافته هو. حسن ناصر ابتدائي تعليم گرامر اسڪول مان ورتي.
سينيئر ڪيمبرج جو امتحان اعليٰ امتيازي حيـثيـت ۾ پـاس ڪيـائيـن. هـي بهترين مقرر
هو. کيس انگريزي زبان تي عبور حاصل هو. ان لاءِ هن چاهيو پئي ته هو آڪسفرڊ يونيورسٽي،
لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي، پر ننڍيءَ عمر هئڻ سبب سندس والد کيس ٻاهر وڃڻ نه
ڏنو. ان تي هي ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ عليڳڙهه ڪاليج ۾ انٽرميڊئيٽ لاءِ داخلا ورتائين.
اتان انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ نظام ڪاليج مان بي اي ڪيائين. نظام ڪاليج ۾ ئي سندس
تعلق پنهنجي ماسات ذريعي ڪميونسٽ نظرين جي حامي نوجوانن سان ٿيو ۽ ڪميونزم جو
ڀرپور مطالعو ڪيائين. حسن ناصر مٿئين طبقي مان هوندي به ڏاڍو حساس طبع انسان هو، جنهنڪري
ڪميونسٽ نظريي مٿس شديد اثر ڪيو ۽ هن مارڪسي فلسفي جي پوئلڳي اختيار ڪندي پڙهائي ۽
گهر ڇڏي مزدورن ۽ پيڙيل طبقي جي ماڻهن جي خدمت لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪميونسٽ
پارٽيءَ جو باقاعدي ميمبر بڻيو. جڏهن حڪومتي ايوانن ۾ اها چؤپچو ٿي ته حسن ناصر
انڊر گرائونڊ ٿي ويو. ڪجهه عرصو حيدرآباد ۾ رهڻ کان پوءِ بمبئيءَ هليو ويو ۽ اتي
سرمائيداري نظام خلاف ڪم کي لڳي ويو.
ورهاڱي کان پوءِ
مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ سجاد ظهير پاڪستان اچي، هتي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي فعال ڪرڻ جو
ارادو ڏيکاريو ته ڪيترا نوجوان ساڻس هم خيال ٿيا، جن ۾ حسن ناصر به هو ۽ هُو سجاد
ظهير سان گڏ پاڪستان هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ مٿان پهرين
ڪا اهڙي سختي ڪا نه هئي، پر پوءِ جڏهن سختي وڌي وئي ته سجاد ظهير واپس هندستان
هليو ويو، پر پاڪستان ۾ حسن ناصر ڪم ڪندو رهيو. اڳتي هلي کيس قيد ۾ رکي اذيتون
ڏنيون ويون. سندس ماءُ زهره بيگم ڪوشش ڪئي ته حسن ناصر کي پاڪستان حڪومت کان ان
شرط تي آزاد ڪرائجي ته هو هڪ سال تائين پاڪستان کان ٻاهر رهندو، جيئن ته زهره بيگم
جو آپريشن ٿيڻو هو، ان ڪري حڪومت کيس آزاد ڪيو، پر اها ڳالهه حسن ناصر کي پسند نه
هئي، ليڪن ماءُ جي محبت کيس مجبور ڪيو ته هو آپريشن وقت ساڻس گڏ هجي. سندس والد
ڪافي عرصي کان دماغي فالج جي ڪري معذور هو. حسن ناصر جو هڪ سال جي آزاديءَ جو مدو
پورو ٿي رهيو هو، هن نه پئي چاهيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجن ڪميونسٽ ساٿين کي اڪيلو
ڇڏي، سجاد ظهير وانگر هندستان ۾ رهي پوي. ان ڪري هو واپس پاڪستان وريو ۽ اچي
ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.
هن مارڪسي نظريي کي
پکيڙڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي. حڪومت پاڪستان کيس گرفتار ڪرڻ جون گهڻيون
ڪوششون ڪيون، پر هو ويس مٽائي شهر شهر ڏتڙيل طبقن جو مضبوط آواز ٿي گونجندو رهيو.
هو پاڪستان ۾ هڪ مقصد سان آيو هو، هن هتي انقلابي ڪميونسٽ پارٽيءَ جون پاڙون
پختيون ڪرڻ پئي چاهيون. حسن ناصر ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مرڪزي سيڪريٽري هو.
نيٺ کيس گرفتار ڪري چار سال قيد جي سزا ڏئي، لاهور جي قلعي ۾ رکيو ويو. ۱۹۵۵ع ۾ کيس آزاد ڪري ٻن سالن لاءِ ملڪ بدر ڪيو
ويو. ۱۹۵۷ع ۾ هو وري پاڪستان آيو، ۱۹۶۰ع ۾ ايوب خان جي فوجي حڪومت کيس هڪ دفعو وري گرفتار ڪيو
ويو ۽ هن سخت تشدد سبب ۱۳ نومبر ۱۹۶۰ع تي لاهور فورٽ جيل ۾ وفات ڪئي. کيس رات جي اونداهيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
احمد رضا قصوري
(وڪيل) جي معرفت سندس امڙ زهريٰ بيگم لاهور ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته مون کي منهنجو
پٽ ڏيکاريو وڃي، ڇو ته کيس معلوم ٿي چڪو هو ته حسن ناصر کي شهيد ڪيو ويو آهي، ته
پوليس ڪورٽ کي ٻُڌايو ته هو بيمار آهي. ڪورٽ حڪم ڪيو ته کيس اسٽريچر تي کڻي آندو
وڃي ته پوليس اطلاع ڏنو ته حسن ناصر خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ڪورٽ جي حڪم تي حسن
ناصر جي قبر کوٽي، لاش ماءُ کي ڏيکاريو ويو ته هن ٻڌايو ته اهو لاش حسن ناصر جو
ناهي. هن وقت سندس قبر بابت ڪنهن کي به خبر ڪانهي ته ڪٿي آهي.
(حسن پٺاڻ جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
ڪامريڊ حسن ناصر
جنهن رياستي جبر جي خلاف
پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي
حميده گهانگهرو
انقلابي تاريخ جي اڻاٺ
هئڻ باوجود ڪجهه ڪردارن، ڌرتي ۽ قومن سان استحصال خلاف مظلوم طبقي جي رهنمائي ڪندي
پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. شهيد مرندا ناهن. شهيدن جا تسلسل تاريخ جي سونهري باب ۾
پنهنجي ريٽي رت سان لکيل قرباني جي داستان سان اتساهه پيدا ڪندا آهن، ڏکئي کان ڏکئي
دور ۾ آڻ نه مڃڻ وارن ۽ جدوجهد جي جذبي سان سلهاڙيلن کي قربانيءَ جي قطار ۾بيهاريو
ويو.
مقتل گاهه جي تخت
دار کي مات ڏئي ڳاڙهي ريٽي سيج تي رکيل سندن لاشن جي خوشبو ڳاڙهي گلاب کي به
شرمائي ڇڏيو. هلو ڏسون مقتل گاهه جي ان سيج کي جتي پورهيتن، مزدورن، هارين، شاگردن،
مظلوم عورتن، بي وس، حقن کان محروم ابهم ٻارن جو اُڀ ڏاريندڙ آواز اچي ٿو ته ”اي
ضمير جا قيدي انسانو هيءُ لاش ته حسن ناصر جو آهي، هيءُ ته هن ڌرتيءَ جو شهيد آهي.“
سندس جنم ڀلي ننڍي کنڊ جي مشهور شهر حيدرآباد دکن ۾ ٿيو، توڻي جو کڻي ننڍي کنڊ کي
پهريون ڳڀا ڳڀا ڪري جنوني مذهبي ريتن رسمن جا ويڇا ڏيکاري علحيدگيون ڪيون پر هڪ
انقلابي سوچ جو مالڪ چوي ٿوته منهنجو نظريو ڪميونزم آهي ۽ مان دنيا جي گول دائري
تي رهندڙ هر مظلوم طبقي جي آواز ۾ آواز شامل ڪريان ٿو. هي ديوارون ۽ خاردار تارون
منهنجي سوچ کان تمام هيٺ پاتال ۾ دفن آهن. سندس خانداني رتبو ڀلي نواب خاندان سان
جڙيل هو پر سڃاڻپ دنيا جي پورهيت طبقي سان ڪرائيندي فخر محسوس ڪيو. هن جو ڳاڙهو رت
پهرين مئي جي شهيدن سان به ملي پيو ته ڀڳت سنگهه، شاهه عنايت، مخدوم بلاول سان به
ملي پيو.
۶۲ سالن جي تاريخ حسن ناصر شهيد جي قرباني ۽ ڪارنامن سان ڀريل شاهي قلعي جي
اذيت گاهن جي ڀتين کي ڀور ڀور ڪري سڃاڻپ ختم ڪري ڇڏي آهي پر حسن ناصر جنهن نموني
سان ظلم ۽ ڏاڍ کي شڪست ڏني انهيءَ ڀرندڙ ڀتين مان به هڪ فاتح جي گونجار ملي ٿي.
آزاد ۽ خودمختيار ٺهيل
پاڪستان جي ٻالڪپڻي ۾ ئي مظلوم ۽ محڪوم قوم ٺاهڻ جا سانباها ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي
آف پاڪستان جو اهم رول هئو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان مان آيل ڪامريڊ سجاد ظهير، حسن
ناصر، سبط حسن جا سنڌ ۾ ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي ۽ ٻين گهڻن ڪامريڊن سان واسطا هئڻ ڪري
پاڪستان ۾ ڏاڍو تيزيءَ سان نظرياتي ڪامريڊن جو قافلو ٺهندو ويو جنهن جي ڪري
سامراجي، جاگيرداري، استحصالي قوتن کي پنهنجا ناپاڪ ارادا دٻجندي نظر آيا، تنهن ڪري
هنن عوام جي قوت کي مضبوط ڪرڻ وارن انهن رهنمائن کي ڪچلڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان ۾
فوري مارشل لا لاڳو ڪري پهريون نشانو حسن ناصر کي بڻايو ويو. پر تاريخ ان سازش کي
ناڪام ڪيو.
۱۹۶۰ع کان ۲۰۲۲ع جي ۶۲ ورهين جي تاريخ ۾ شهيد نذير عباسي ۽ ڪيترن نظرياتي ساٿين جون جيل ڀوڳنائون،
ڪوڙن جون سزائون، مفلسي جي باوجود سندن حوصلن کي ڪمزور نه ڪري سگهيون. ۱۳ نومبر تاريخ جو سچ بڻجي سال ۲۰۲۲ ۾ به حسن ناصر کي شهيد جو رتبو ڏئي ياد ڪيو
ٿو وڃي اها سچائي انقلابي تاريخ جو سونهري مثال آهي. سوال رڳو اهو آهي ته ڇا
ماضيءَ جي تاريخ کي اڄ جي جديد دور جي جدوجهد سان جوڙي سگهجي ٿو. اڄ به حالتون
مفلسي، بي وسي جي اوڙاهه ۾ گهمندي ڦرندي نظر اچن ٿيون. حڪمراني سياست جا دائرا
پنهنجي تقاضا ڪيئن پوري ڪري رهيا آهن. پر سچي نظرياتي ساٿيءَ جو سڌوسنئون تعلق سوچ،
فڪر، حقيقت پسندي تي ٻڌل ۽ حالتن سان مقابلو ڪندي انصاف جي گهرج پوري ٿيڻ تائين
پوئتي نه هٽندو.
ڪامريڊ حسن ناصر
رياستي جبر جي خلاف پنهنجي زندگيءَ کي ارپي ڇڏيو. محلاتن ۾ ننڊون ماڻيندڙ شهيد حسن
ناصر ڪراچي جي شو مارڪيٽ ۾ مزدورن جي گهرن مان ماني کائي اچي فٽ پاٿ تي رات جي
اونداهيءَ کي سجاڳ ذهن جي روشني سمجهي وقت گذارڻ، کيس مڇرن، ڪوئن، ڪِوِلين، ماڪوڙن
جي پرواهه ان ڪري نه هئي جو سماج جا وڏا وڏا استحصالي انساني شڪل جا جانور غريبن
جو رت چوسي محلاتن ۾ آرامي هئا. حسن ناصر ڏاڍ ۽ ظلم جي خاتمي کي پنهنجو وچن ڏئي
روشنين واري ملڪ ۾ اونداهو طبقاتي نظام ڏسي آخري گهڙيءَ تائين وڙهندي ساهه ڏئي
ويساهه ڏنو.
حبيب جالب چواڻي، ايسي
دستور ڪو، صبح بي نور ڪو، مين نهين مانتا
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۳ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
شھيد حسن ناصر
ساه ڏئي ويساه ڏيندڙ اڳواڻ
۽ ملڪي سياست
ايڊيٽوريل
ڪامريڊ حسن ناصر کي
پاڪستان ۾ انقلابي ۽ ترقي پسند سياست جو پهريون شهيد قرار ڏنو وڃي ٿو. سماجي علم
سان لاڳاپيل ماھرن جو چوڻ آھي ته دنيا ۾ شعور جي اوسر ۽ارتقا ۾ وچولي طبقي جو اھم
حصو رھيو آھي، جنھن جا ھنن وٽ ڪيرائي سبب آھن، پر ان ھوندي به ڪي ماڻھون پنھنجي
سوچ، علم، عمل ۽ جدوجھد سان ھن دنيا کي بدلائڻ جي ڪيل جدوجھد ۾ پنھنجو نالو ڳڻائي
ويا آھن، جيڪي مٿين طبقي سان تعلق رکندڙ رھيا آھن، انھن مان حسن ناصر به ھڪ ھو. ڪامريڊ
حسن ناصر گڏيل ھندستان جي حيدرآباد دکن ھڪ وڏي آزادي پسند گهراڻي ۾ جنم ورتو.
پاڻ ان وقت جي
تعليمي نظام مطابق سينيئر ڪيمبرج اسڪولي مان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هندستان جي وڏن
تعليمي درسگاهن نظام ڪاليج ۽ عليگڙهه مان اعلي تعليم حاصل ڪئي.جتان ئي ھن سياست جي
پرخار وادي ۾ پير پاتو ھو.ھن حيدرآباد (ڏکڻ) اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شموليت ڪئي.
ھي اھو دور ھو جڏھن
ھندوستان ۾ روشن خيالي وڌي ويجھي رھي ھئي، سياسي اُٿل پُٿل جاري ھئي.انگريزن خلاف
عوام جي جدوجھد پختي ٿي رھي ھئي.ان وقت جي رواجي سياست ۾ ھندوستان جون وڏيون
جماعتون انگريزن سان ڳٺ جوڙ واري پاليسي تي عمل ڪري رھيون ھيون.ان وچ ۾ ڪي اھڙيون ڌريون
پڻ ھيون جيڪي عوام جي حقيقي ترجماني ڪندي انگريزن جي تڏا ويڙهه کان سواءِ ٻئي ڪنهن
به فارمولي جي حق ۾ نه ھيون ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا اهڙي سياسي فڪر جي سرواڻي ڪري
رهي هئي.جنهن ۾ مزاحمت ڪندڙ جٿا به سندن ڪردار ۽ عمل کان متاثر ٿي جدوجهد ۾ اڳڀرا
هئا.
حسن ناصر جي خاندان
جو سياست سان پراڻو تعلق ھو پر ھن خاندان جي روايتي سياست کان بغاوت ڪندي انقلابي
سوچ اختيار ڪئي، ھو انھن ڏينھن ۾هند جي هڪ علائقي تلنگانا رياست ۾ ھارين جي
برطانوي سرڪار۽ موقعا پرست ڪانگريسي ۽ ليگي قيادت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون.جنھن
کان متاثر ٿي ڪري حسن ناصر انقلاب جو جهنڊو ھٿ ۾ کنيو ھو. تلنگانا تحريڪ ۾ مارڪس ۽
لينن جو فڪر شامل ھو، جنهن ڪري حسن ناصر سوشلزم جي ان نظرئي کي پنهنجو آدرش بڻايو،
جنھن ۾ ھو ان وقت جي سمورن انقلابين کان اڳ نڪري ويو.
ورھاڱي بعد حسن
ناصر پاڪستان اچي هتي ڪميونسٽ پارٽي جي اهم اڳواڻن سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو.
پاڪستان جي قائم ٿيڻ
جي فورن بعد ۱۹۴۸ع جي آخر ۽ ۱۹۴۹ع جي شروعات ۾ پورٽ ٽرسٽ ۽ ٽرام وي جي هڙتال جي جدوجهد دوران پارٽي قيادت
کي گرفتار ڪيو ويو.جنھن بعد حسن ناصر پارٽي جي ڪمن کي خوش اسلوبي سان نڀايو.
قيام پاڪستان بعد ھڪ
وڏو ڪيس قائم ڪيو ويو جيڪو تاريخ ۾پنڊي سازش جي نالي سان مشھور آھي، جنھن سان
اشرافيه ھڪ ئي ڌڪ سان ڪميونسٽ فڪر ۽ عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪندڙ مظلوم ۽ محڪوم طبقي
جي سياست کي روڪڻ جي لاءِ وڏو وار ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي لڳائي وئي.جنھن
دوران وقت جي حڪومت ھنن کي وڌيڪ سوڙھيو ڪرڻ ۽ چٿڻ جو پورو پورو پھه ڪري ڇڏيو ھو.اھو
سلسلو جاري رھيو.۱۹۵۸ع ۾ مارشل لا لڳايو جي دور ۾ ڪميونسٽ اڳواڻن ۽ انھن جي ھمدردن کي چونڊي چونڊي
ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
۱۹۶۰ع ۾ حسن ناصر ڪراچي مان گرفتار ٿيو، هڪ مهيني تائين تشدد سان ھن کي شھيد ڪيوويو.جنھن
جو وري لاش به غائب ڪيو ويو.سرڪار ان جا ڪيترائي بھانا ۽ جواز ڏيڻ لڳي پر اھو سماج
۾ تبديلي جا خواب ڏسندڙ عوام جي حقيقي سياست ڪندڙ اڳواڻ کي سرڪار تحويل ۾ بي موت
مارڻ جو ھڪ وڏو واقعو ٿي ويو.
حسن ناصر جي شھادت
جو ڏينھن۱۳ نومبر آھي ۽ ان نسبت سان ھر سال پاڪستان ۾ روشن خيال فڪر سان سلھاڙيل
تنظيمون ۽ پورھيتن جي حقن جي جدوجھد ڪندڙ جماعتون اھو ڏينھن ملهائينديون آهن،
جيڪڏھن ٿوري غور
سان موجوده سياست جو جائزو ورتو وڃي ته ملڪ ۾ ڪي ٿورين ئي اھڙيون جماعتون ھونديون
جيڪي حقيقي عوامي انقلابي جدوجھد ڪري رھيون ھونديون آهن نه ته اڪثريث انھن ڌرين جي
آھي جيڪا ھن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي ھلي رھيون آھن.ان ڪري عوامي حق ۾ ڪا به
تبديلي نه اچي رھي آھي.
ھن وقت ان ڳالھه جي
ضرورت آھي ته شاگردن، مزدورن، هارين ۽ ترقي پسند فڪر جي کي اڳتي وڌائڻ جي جدوجھد ڪندڙ
تنظيمن کي گڏيل طور جاکوڙ جي لاءِ پاڻ ۾ وڌيڪ ويجھو اچڻ گھرجي.اڄ جي حالتن ۾
پورهيت ۽ عوام گهڻن ئي معاشي مسئلن ۾ جڪڙيل آهي. سماج وڌيڪ ڀڃ ڊاه جو شڪار آهي.اڄ
جي حالتن ۾ روشن خيال، عوامي جدوجھد ۽ چٿيل طبقي جي جدوجھد جي لاءِ ڪم ڪرڻ جا وڌيڪ
موقعا ۽ گھڻي ضرورت پڻ آھي. باشعور ماڻهن کي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ ترقي
پسندن جي ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ هئڻ جي ڪري ملڪي سياست ۾ وڏو خال آهي.
اڄ سامراج لاءِ اهو
ممڪن ناهي ته پهرين وانگي کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي. حسن ناصر هن
ملڪ کي هڪ ڊيموڪريٽڪ مزدور ديس بڻائڻ پئي چاهيو پر رياست کي اهو منظور نه هئو. اڄ
ناصر عوامي جدوجھد جي ھڪ علامت بڻجي چڪو آهي پر وقت جي آمر کي ڪو ياد ڪرڻ وارو به شايد
ڪو مشڪل هجي. حسن ناصر جو خواب ڪميونزم هن وقت سموري دنيا جي مظلوم قومن جي نجات
جو نظريو بڻجي چڪو آهي اهو ڏهاڙو پري ناهي جنهن ڏينهن حسن ناصر جو خواب پورو ٿيندو
ريٽو جهنڊو عوام جو مستقبل هوندو.
ڪي ماڻھون پنھجي
شعور، جدوجھد ۽ عمل سان عام ماڻھن جي جدوجھد جي لاءِ ھڪ علامت بڻجي ويندا آھن، اھي
نئين سج جو ھڪ ڪرڻو بڻجي ويندا آھن، جيڪي مستقبل جي عوام جي لاءِ اميد ۽ سھارو ٿي
ويندا آھن ڪامريڊ حسن ناصر پڻ انھن ھزارين شھيدن مان ھڪ جن عوامي راڄ جي لاءِ اڻٿڪ
جدوجھد جو جھنڊو ھٿ ۾ کينو ھو، جيڪا بھرحال جاري رھڻي آھي، ڪي ماڻھون پنھجو ساه ڏئي
به عوام جو ويساه قائم رکندا آھن، جنھن جي لاءِ ئي اياز دودي شھيد کي علامت ڪري
چيو ھو ته ”دودا تنھنجو ساه ته ويندو ماڻھن جو ويساه نه ويندو“ ڪي اھڙا ليڊر به ھوندا
آھن جيڪي ساه ڏئي ويساه برقرار رکندا آھن.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۳ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
حسن ناصر
اڃا آئين ڪالهه، اجهو ٿو
سفر سنبهين!
بخشل ٿلهو
سومر ۱۲ ڊسمبر ۱۹۶۰ع
جو ڏينهن هو. لاهور جي مياڻي صاحب قبرستان ۾ ماڻهن جو چڱو خاصو انگ صبح کان جمع ٿيڻ
شروع ٿي چڪو هو. ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ، سي آئي ڊي جا آفيسر ۽ سرڪاري ڊاڪٽر به اچي چڪا
هئا. ماڻهن جي انبوهه ۾ هڪ بزرگ عمر جي عورت اڳيان اڳيان بيٺل هئي. قبر جي کوٽائي
شروع ٿي ۽ جلد ئي هڪ تازي تابوت کي ٻاهر ڪڍيو ويو. تابوت کوليو ويو. اندران هڪ سڙيل
ڳريل لاش ظاهر ٿيو. پوڙهي عورت لاش مٿان جهڪي. هن لاش جي وارن تي پنهنجون هٿ ڦيرڻ
جي ڪوشش ڪئي. لاش جي ڏندن جو غور سان جائزو ورتو. لاش جي پيرن ۾ تِرن جا نيشان ڳولهڻ
جي ڪوشش کانپوءِ، عورت سڌي ٿي بيٺي. “يه ميري بيٽي کي لاش نهين” عورت دانهيو. ماڻهن
منجهه ڦڙڦوٽ پئجي وئي. “ظالمون ني بيٽَي کو مارا تها، لاش تو دي ديتي”. ناصر به
بمبئي کان ٿيندو ۱۹۴۸ع ڌاري ڪراچي اچي نڪتو. شايد سندس ارادو انگلينڊ وڃي اعلي
تعليم حاصل ڪرڻ جو هو پر ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ٿي، ڪراچي جو ئي ٿي پيوهن هن پاڻ
کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. ان عورت جو نانءَ بيگم علمبردار حسين هو. هو هندستان کان
پنهنجي پٽ جو لاش وصول ڪرڻ آئي هئي ۽ ناڪام موٽي وئي. سندس پٽ جو نالو حسن ناصر
هو. سيد حسن ناصر جي پيدائش ۱۹۲۸ع ڌاري ٿي. هو ڏکڻ حيدرآباد جي هڪ رٽائرڊ گهرو سيڪريٽري
جو فرزند ۽ نواب محسن الملڪ جو پوٽو هو.
ڪامريڊ حسن ناصر ڪراچي
جي مزدور بستيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. سندس رهائش هڪ ڪچي ۽ ٽٽل ڦٽل گهر ۾ هئي. هڪ
تختي کي سرن جو سهارو ڏئي ميز بڻايو ويو هيو ۽ هڪ لالٽين هئي جنهن جي مدد سان حسن
ناصر مطالعو ۽ لکپڙهه ڪندو هو. هو عمر ۾ کوڙ سارن هم عصر ڪامريڊن کان ننڍو هو پر سنڌ
پارٽيءَ کي سگهارو ڪرڻ ۾ سندس ڪردار ڪنهن کان گهٽ ڪين هو. هو نيم روپوشي جي حالت ۾
ٻن ٻن ڏينهن تائين بک تي هلندي پيو ڪم ڪندو هو. ڪامريڊ حسن ناصر شهيد جي هڪ مزدور
ساٿي محمد علي جي بقول ته “حسن ناصر انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن منجهان هو
جنهن ڪراچي ۾ پارٽي جو ڍانچو مستقل محفوظ رکيو“
۱۹۵۴ع ۾ پاڪستان
جي حڪومت سامراجي معاهدن جهڙوڪ بغداد ٺاهه ۽ سيٽو جو حصو بڻي ۽ آميريڪا جي خوشنودي
لاءَ ڪميونسٽ پارٽي ۽ انهي جي عوامي فرنٽن تي پابندي مڙهي. پارٽي جي وفاقي ڍانچي
کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. پارٽي جا فرنٽ آزاداڻي انداز ۾ هڪٻئي کان ڪٽيل صورت ۾ ڪم ڪندا
رهيا.پارٽي جا اهم ماڻهو يا ته گرفتار ٿي ويا انڊر گرائونڊ ٿي ويا. ڪراچي ۾ اچڻ
کانپوءِ حسن ناصر کي ٻيون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو.
۱۹۵۵ع ۾”ون
يونٽ“ لاڳو ڪيو ويو. ڪامريڊ حسن ناصر کي جلاوطن ڪيو ويو۽ هو ڀارت پنهنجي خاندان وٽ
ويو. بعد ۾ پارٽي جي ٻي اهم قيادت کي به ملڪ بدر ڪيو ويو. ۱۹۵۶ع جي پڇاڙي ۾ سجاد
ظهير انڊيا، محمد افضل انگلينڊ، ۽ اشفاق بيگ ماسڪو لاءِ اڏاڻا. پويان بچيل قيادت ۾
فيروز الدين منصور جهونو ٿي چڪو هو ۽ مرزا ابراهيم، اريڪ سائپرين، سبط حسن ۽ سي آر
اسلم مختلف ڪارڻن جي ڪري محدود ٿي چڪا هئا. 1957 ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جو
وجود عمل ۾ آيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي انهيءَ جو حصو بڻي. هندستان ۾ ڪامريڊ حسن ناصر تي
پنهنجي عزيزن طرفان اهو دٻاءُ وڌندو ويو ته هو هاڻ هندستان ۾ رهي يا تعليم لاءِ
انگلينڊ، آمريڪا هليو وڃي. ايتريقدر جو کيس آنڌرا پرديش جي ڪميونسٽ پارٽيءَ کان به
چوَرايو ويو. سندس امڙ تي زور ڏنو ويو ته هو پنهنجي پُٽ کي روڪي. بيگم علمبردارجي
دل اُن وقت لطيف جي انهن سٽن جهڙن خيالن کي ضرور دل ۾ آندو هوندو ته
وڃيئي وسري شال! جو
تون سودو سکيئن،
اَڃا آئين ڪالهه، پڻ
ٿو سفر سنبهين!
پر شايد سندس امڙ
سمجهي ورتو هو ته جن پنهنجا پڳهه ڇوڙي، ٻيڙا ٻار ۾ وجهي ڇڏيا آهن، سي هلڻ هارا
سامونڊي، روئڻ سان به نه رهندا، تنهن ڪري هُن به نه رڪڻ واري جي من تي وڌيڪ بار نه
پئي وجهڻ چاهيو.
ملڪ بدر ٿي ويندڙن
منجهان گهڻي ڀاڱي ڪامريڊن وري موٽ ڪونه کاڌي. پرڪامريڊ حسن ناصر جلاوطني جا ٻه سال
پورا ڪري واپس پهتو. اهڙي ريت حسن ناصر نعپ جي پليٽ فارم تان سرگرم ٿي، سنڌ اندر
تنظيم ۽ تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو. انهيءَ ڪم دوران سندس ويجهڙائپ نعپ
جي ٻين اهم اڳواڻن، سائين جي ايم سيد ۽ محمود الحق عثماني سان به ٿي. ۱۹۵۸ع ۾
ايوبي مارشل لا لڳي.. وري پارٽي ۽ ترقي پسند قوتن مٿان عذاب ڪڙڪيو. جنهن خلاف عوام
وري منظم ٿي جنگ جوٽي. ۶ آگسٽ ۱۹۶۰ع جو حسن ناصر کي وري گرفتار ڪيو ويو. گرفتاري
کانپوءِ کيس لاهور جي لال قلعي ۾ رکيو ويو ۽ مٿس سخت تشدد ڪيو ويو.
ڪامريڊ حسن ناصر کي
لاهور قلعي جي ۱۳ نمبر ڪوٺي ۾ ۱۳ نومبر جي ڏينهن اذيتون ڏئي ڏئي ماريو ويو. ۱۹
نومبر جي تاريخ تي جڏهن ميجر اسحاق (جيڪو پاڻ اُن قلعي منجهان ڪجهه ڏينهن پهرين
آزاد ٿيو هو). فيض احمد فيض سان مليو ته فيض کيس ٻڌايو قلعي ۾ حسن ناصر مٿان سخت
تشدد پيو ٿئي، سندس جان کي به خطرو آهي ۽ پوءِ پاڪستان ۾ حسن ناصر جي عزيزن جي ڳولها
جو ڪم شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته قانوني طور هڪ عزيز ئي پنهنجي ماڻهوءَ جي خير عافيت جي
جاچ لاءِ قيدي سان ملي ٿي سگهيو. پر حسن ناصر جو پنهنجي ڪامريڊن کانسواءِ ٻيو هتي ڪير
هو. سو قانوني طور حسن ناصر جي جان کي خطرو ڄاڻائي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. پنجاب
پوليس ته شروع ۾ اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي ۽ چيو ته حسن ناصر ڪراچي جو هو سو اتي سندس ڳولها
ڪئي وڃي پر مامرو جيئن جيئن وڌندو ٿي ويو تئين آخرڪار پنجاب پوليس ۽ سي آئي ڊي نيٺ
مجبور ٿي ۲۲ نومبر تي ڪورٽ کي ٻڌايو ته ۱۳ تاريخ تي حسن ناصر پنهنجي اڳٺ سان پاڻ
کي ڦاهي ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻي ڏينهن جي اخبارن منجهه اها خبر پوري ملڪ جي ترقي
پسند تحريڪ تي وڄ وانگر ڪڙڪي.
شهادت وقت حسن ناصر
جي عمر ۳۱ ورهيه هئي ۽ هو سنڌ پارٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري هو. حسن ناصر ته نه رهيو
پر مٿس خودڪشي واري الزام کي صاف ڪرڻ ضروري هو ڇاڪاڻ ته حسن ناصر جي ويجها ڪامريڊ
اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هيا ته حسن ناصر جهڙو بهادر ۽ ڪمٽيڊ ساٿي ڪو اهڙو ڪم به ڪري
سگهي ٿو. نتيجي طور ڪيس جي نوعيت بدلائي وئي ۽ جلد از جلد حسن ناصر جي لاش کي ٻاهر
ڪڍرائڻ ۽ وري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي گُهر تي زور ڏنو ويو ته جيئن لاش جي ڳرڻ کان اڳ
موت جو اصل ڪارڻ عوام تي ظاهر ٿي سگهي. ڪيس جي پيروي ڪندڙن تي رياستي دٻاءُ وڌندو
ويو ۽ مختلف طريقن سان ڪيس کي ڊيگهه ٿي ڏني وئي ۽ هيڏانهن لاش جي ڳرڻ واري تشويش
به وڌندي ٿي وئي. نيٺ ڪورٽ ۱۲ ڊسمبر تي سندس لاش ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. پنهنجي پٽ جو لاش
وصول ڪرڻ لاءِ سندس امڙ ڪجهه ڏينهن پهرين ڀارت منجهان ڪهي آئي. کيس پنهنجي پُٽ جو
جسم گهربل هو جنهن کي هو پنهنجي ديس ۾ پنهنجي رسمن سان پنهنجي اڳيان دفن ڪري سگهي.
پر کيس اهو به نصيب نه ٿيو.
بيگم علمبردار حسين
کي سندس پُٽ جي لاش نه ڏيکاريو ويو. هُن شهيد حسن ناصر جي ماءُ جي حيثيت ماڻي. ڪامريڊ
حسن ناصر طبقاتي جدوجهد ۽ مارڪسي تحريڪ کي منظم ڪرڻ جو ڪم نه صرف پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪندو رهيو پر پنهنجي موت کانپوءِ به ڪندو رهيو. ڪامريڊ حسن ناصر پاڪستان اندر
پورهيت تحريڪ جو اهو عظيم شهيد ٿي ظاهر ٿيو جنهن ايندڙ سمورن نسلن کي اتساهيو ٿي.
اهو اتساهه جيڪو ڪامريڊ شهيد نذير عباسي سميت، ٻين ڪيترن ئي گمنام ڪردارن جو قطب
نما بڻيو.
اڄ ڪامريڊ حسن ناصر
شهيد جي ۵۳هين ورسي آهي. اڄ به پاڪستان ۽ سنڌ اندر طبقاتي، قومي جبر پنهنجي عروج
تي آهي. سامراج ۽ انجا ساٿاري ڏيهي پڇ لٽڪائو حڪمران پهرين کان وڌيڪ ننگا ٿي چڪا
آهن. مذهبي انتهاپسندي عروج تي آهي. اڄ وري پورهيت تحريڪ کي ڪامريڊ حسن ناصر ۽ ڪامريڊ
نذير عباسي جهڙين نظرياتي، ڪمٽيڊ ڪردارن جي ضرورت آهي.
حسن ناصر
رات جي رهزنن هٿان ماريل
انقلابي - ۵۳ هين ورسي
سوڀو گيانچنداڻي
مان توکان مور نه
مرڻو هان، ويس مٽائي ورڻو هان ... .
ورهاڱي کان جلد ئي
پوءِ هندستان جا ڪيترا ڪميونسٽ هجرت ڪري پاڪستان پهتا. حسن ناصر به انهن نوجوانن
مان هڪ هو. ۱۹۴۸ع ۾ ڪراچي آيو هو.
ٽن سالن کان پوءِ ۱۹۵۱ع
۾ راولپنڊي سازش ڪيس جي حوالي سان جيڪي گرفتاريون ڪيون ويون ان ۾ حسن ناصر کي به
گرفتار ڪري گهڻو ڪري آڪٽوبر ۱۹۵۱ع جي آخر ۾ ڪراچي جيل ۾ آندو ويو. هڪ سياسي نظر
بند هئڻ جي ڪري هن کي اسان جي وارڊ ۾ رکيو ويو، جتي ان سان ڪيئي رهاڻيون ٿينديون
هيون.
ناصر جي زباني اسان
کي اهو پڻ معلوم ٿيو ته هو حيدرآباد دکن جي رٽائرڊ هوم سيڪريٽري جو پٽ هيو ۽ نظام
حيدرآباد دکن جي خلاف تلنگانا ۾ جيڪا هاري تحريڪ هلي هئي، ان جو ان سان سڌو سنئون
واسطو هيو. تلنگانا هاري تحريڪ هڪ گوريلا تحريڪ هئي، ان ڪري ڪميونسٽ پارٽي کي اها ڳالهه
ڄاڻڻ جي سخت ضرورت هئي ته سرڪار اهڙي گوريلا تحريڪ جي باري ۾ ڪهڙي راءِ رکي ٿي ۽
ان جي خلاف ڪهڙو ايڪشن وٺي سگهن ٿا. پارٽي ان بنياد تي ڪنهن حد تائين پنهنجون
پاليسيون جوڙيندي هئي. پر جڏهن هندستاني فوجون يلغار ڪري حيدرآباد دکن پهچڻ لڳيون
ته ان کان اڳ ئي حسن ناصر بمبئيءَ رستي ڪراچي پهچي ويو. هن جو چوڻ هو ته هو
انگلستان وڃي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ جو خيال ڌاري ويٺو هو، پر ڪراچي پهچڻ کان پوءِ
هن اڳتي وڃڻ جو خيال ختم ڪري ڇڏيو.
۱۷ اپريل ۱۹۴۸ع
تي جڏهن ڪجهه گرفتاريون ٿيون ته ڪراچي جي سمورن ٽريڊ يونين ليڊرن کي به گرفتار ڪري
ڪراچي جيل پهچايو ويو. حالانڪ اسان کي حسن ناصر انهن وڏي پئماني تي ٿيندڙ گرفتارين
جي باري ۾اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. ۷ ۽ ۸ آڪٽوبر تي سڪندر مرزا قومي اسيمبلي کي ڊسمس
ڪيو ۽ ملڪ ۾ پهرين مارشلا جو باقاعده بنياد پئجي ويو، پر ان خبر جي باري ۾ حسن
ناصر اسان کي ۳ آڪٽوبر تي ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ملڪ ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، سندس چواڻي
ته گرفتار ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست وٽ ماني پئي کاڌي ته اسڪندر مرزا ان کان
پڇيو هو ته ”جيڪڏهن هو وزيراعظم فيروز خان نون جي ڪابينا کي روانو ڪندو ته ماڻهن
جو رد عمل ڇا هوندو؟“ تنهن تي سندس دوست کيس چيو هيو ته ”هو ان جي باري ۾ ته نه ٿو
ٻڌائي سگهي پر ان باري ۾ ٻن ٽن ڏينهن ۾ حال احوال وٺي ٻڌائي سگهي ٿو“. پر اها ڳالهه
ڪنهن جي خواب خيال ۾ به نه هئي ته اسڪندر مرزا ايترو جلدي قومي اسيمبلي جا ٽپڙ ويڙهي
مارشلا لا لڳرائي ڇڏيندو.
حسن ناصر شهيد
انتهائي سلجهيل، ايماندار ۽ قرباني جو جذبو رکندڙ نوجوان هو. هن کي ۳۳ ورهين جي
عمر ۾ ۱۹۶۰ع ۾ لاهور جي شاهي قلعي جي باريڪ نمبر ۱۳ ۾ اذيتون ڏئي چيچلائي چيچلائي
ماريو ويو. ان کان پوءِ جڏهن ان ڪيس جي جاچ ڪرائي وئي ته حيدرآباد دکن مان آيل
سندس والده کي ڪنهن ٻي قبر مان لاش ڪڍي ڏيکاريو ويو ۽ سندس والده ان لاش جي سڃاڻپ
کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته اهو حسن ناصر جو جسم ئي نه هيو. سندس والده ڀارت واپس وڃڻ
وقت چيو هو ته اڄ رڳو منهنجو هڪ پٽ ئي نه پر هزارين ٻيا نوجوان اولاد جيلن ۾ بند
آهن.
حسن ناصر ۾ ڪيئي اهڙيون
خوبيون هيون جيڪي کيس منفرد ۽ نرالي قسم جو ڪميونسٽ رهنما ثابت ڪنديون هيون. ۱۹۵۱ع
۾ جڏهن هو ڪراچي جيل ۾ مون سان گڏ قيد هو ته کيس ان معاملي جي سخت ڳڻتي هئي ته ڊائو
ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کان ورتل قرض جي رقم ڪهڙي طرح واپس ڪجي ۽ جڏهن سندس والده
جيل ۾ ملڻ لاءِ پهريون دفعو ڀارت مان ڪراچي پهتي هئي ته هن پنهنجي والده کي چيو هو
ته انهن شاگردن کان ورتل ساڍا ڇهه سئو رپيا بنا دير ادا ڪري. ٻي ملاقات ۾ هن
پنهنجي والده کي اسان جي لاءِ کائڻ پيئڻ جي شين چانهه، کير، مکڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي
شين جي ڊگهي لسٽ ڏني، جنهن تي اٽڪل ۸۰۰ رپيا خرچ آيو هو. حسن ناصر هڪ اهڙو ڪامريڊ
هو جيڪو هر شي پنهنجي ساٿين سان گڏ ويهي کائڻ جو آدي هو ۽ هڪ وڏي گهراڻي سان تعلق
رکڻ جي باوجود هن جي ڪنڌ ۾ ڪا به ڪِلي نه هئي.
ڪراچي ۾ ڪامريڊ
پوهو جي گرفتاري کان پوءِ ڪراچي ڪميٽي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ حسن ناصر پارٽي جي
تنظيم کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو ۽ ان جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي
جي پارٽي تنظيم وڌي ۽ سرگرم ٿي. ان کان پوءِ کيس ٻن سالن لاءِ پاڪستان بدر ڪيو ويو
جڏهن هو ۲ سال ڀارت ۾ رهي واپس پاڪستان آيو ته ان وقت آئون ڪراچي ۾ ”نئين سنڌ“
اخبار جي سلسلي ۾ رهيل هيس. هڪ ڏينهن منهنجي باري ۾ پڇندو پڇندو اخبار جي دفتر ۾
آيو ۽ مون کان پڇيائين ته ”آئون جلاوطنيءَ جا 2 سال پورا ڪري واپس اچي ويو آهيان
هاڻي منهنجي لاءِ ڇا حڪم آهي.“ مون هن کي نعپ جو مرڪزي دفتر سنڀالڻ جو مشورو ڏنو
اتي اسان گهڻو ڪري هر روز ملندا هئاسين.
اسان جا ڪيئي ڪامريڊ
پنهنجي خانداني پسمنظر جي ڪري الاهي خشڪ هوندا آهن ۽ عام ماڻهن سان رلي ملي نه
سگهندا آهن پر حسن ناصر جتي به ويو اتي ان پنهنجي دوستن ۽ ساٿين جو وڏو انگ پيدا ڪيو.
اخلاقي لحاظ کان به حسن ناصر اعليٰ قدرن جو ڌڻي هو ۽ سالن جا سال ڏکي زندگي گذارڻ
جي باوجود اسان هن جي لاءِ ڪو به اسڪينڊل نه ٻڌو پر هو هڪ صاف، باضمير ۽ شريف نوجوان
هو، جنهن جي هر انقلابي ڪٽنب ۾ عزت سان آجيان ڪئي ويندي هئي.
ڪراچي جي پارٽي
تنظيم ڪرڻ واري زماني دوران حسن ناصر اسان کي عزيز اسلام بخاري، ابراهيم ملباري،
زبير ۽ سائين عزيز الله جهڙا بهترين ۽ قابل ساٿي ڏنا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن تي تبصرو ڪندي
کلندي چوندو هو ته مان پنهنجي مٿي جو سور سنڌ وارن جي حوالي پيو ڪريان، توهان ان
کي سنڌ واسطي استعمال ڪريو ۽ ٿيو به ائين اهي سمورا ساٿي سنڌ پارٽي لاءِ زبردست ڪارآمد
۽ سرگرم ڪارڪن ثابت ٿيا ۽ مرڻ تائين پنهنجي پارٽي ۽ ان جي فرضن کي خوش اسلوبي سان
سرانجام ڏيندا رهيا.
۱۹۶۰ع ۾ سندس
”روپوشي“ دوران گرفتار ڪري لاهور جي شاهي قلعي ۾ رکيو ويو ۽ ازيتون ڏئي ماريو ويو.
هن کي جنهن هڪ سوال تي ماري ماري اڌ مئو ڪري ۽ آخر ۾ کيس قتل ڪيو ويو اهو هي هو ته
”سندس ٻيا ساٿي ڪير آهن ۽ اوهان جي مالي سهائتا ڪير ڪندو آهي؟“
مون کي ان ڳالهه ۾
پڪو ويساهه آهي ته حسن ناصر کي رڳو ان ڪري قتل ڪيو ويو ته ان پنهنجي ساٿين ۽
مددگارن جا نالا وٺڻ کان صاف انڪار ڪيو هو ۽ اهو جو منجهس انقلابي اخلاق ته مرڻ
تائين پنهنجي ساٿين جي باري ۾ ڪو به راز نه ٻڌائڻ!!
حسن ناصر
ايوبي آمريت جو شهيد - ورسيءَ
جي مناسبت سان
نثار لغاري
پاڪستان جي سموري
تاريخ جمهوريت ۽ فوجي آمريت وچ ۾ لڙائي جي تاريخ رهي آهي انهيءَ ۾ اڄ تائين گهڻي ڀاڱي
ائين ٿيو آهي جو عوام، عوامي ليڊرن، ڪامريڊ حسن ناصر، نذير عباسي جهڙن ترقي پسندن
۽ ٻين سوين هزارين ڪارڪنن قربانيون ڏنيون آهن. انهن قربانين ۽ شديد دٻاءَ جي نتيجي
۾ جمهوريت بحال به ٿي. چونڊيل حڪومتون آيون پر انهن جمهوري عمل، جمهوريت ۾ عوام جي
بنيادي تحفظ لاءِ ڪجهه نه ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اهو جمهوري عمل اڄ
ائين رولڙي جو شڪار آهي. اڄ به سياسي تبصري نگار اهو چوندا آهن ته ۲۰۱۱ع ۾ به چونڊيل
حڪومت ۽ جمهوريت کي خطرا آهن. مطلب ته جمهوري عمل گهڻو استحڪام حاصل نه ڪري سگهيو
آهي.
اُهي خواب جيڪي
ايوبي آمريت جي دؤر ۾ هندستان جي هڪ نواب گهراڻي جي انقلابي، جيڪو نڪسل باڙي تحريڪ
هارين جي بغاوتن ۽ روس ۾ آيل سرخ انقلاب جي نتيجي ۾ هڪ ڪميونسٽ ۽ جمهوريت پسند بڻجي
هن خطي جي عوام کي آمريت ۽ انهن جي زور تي عوام جي مٿان حڪمراني ڪندڙ جاگيردارن ۽
وڏيرن کي هٽائڻ پيو چاهي. اُهي خواب اڄ به خواب آهن. اڄ به حقيقي عوامي جمهوريت نه
هجڻ جي ڪري عوام دربدر آهي. هتي اڄ به اُهي عمل ٿيندا آهن، جيڪي ايوبي آمريت ۾ ٿيندا
هئا. آمريڪا جا حڪم هجن يا غير جمهوري قوتن جو راڄ! ها هڪ حقيقت بدلي آهي سا آهي
غلامي جو اڃا گهرو ٿيڻ. سامراجيت جي اڄ شديد جارحيت مهانگائي، غربت، افلاس،
لاقانونيت جو وڌڻ، وڏيرن، سردارن، ڀوتارن جو راڄ اڃان وڌيڪ سخت ٿيڻ، انهن جا ظلم وڌڻ.
ماڻهن جي زندگين ۾ ڪي گهڻيون خوشيون ته نه آيون پر وڌيڪ ڏک اچي ويا.
حقيقت اِها پڻ آهي
ته ظلم جي گهرائي ۽ انڌيري رات اڃا گهري ٿي وئي آهي. حسن ناصر جهڙا انقلابي شهيد
ته پيڙهيل ۽ هيٺين طبقي جا هئا ان ڪري اُهي گهڻو ياد به نه آهن پر جيڪي ياد هئا جن
مان عوام کي اُميد هئي، جيڪي تمام گهڻا مشهور هئا انهن جون شهادتون ٿي ويون، سندن
پارٽيون اقتدار ۾ اچي ويون پر عوام جي نجات لاءِ، عوام جي بنيادي حقن لاءِ ڪجهه به
نه ڪيو ويو آهي، ماڻهو ساڳين ظلمن جو شڪار آهن.
اڄ به جمهوريت جي
انهيءَ تصور لاءِ عوام تڙپي رهيو آهي جنهن ۾ هر فرد جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو
ويندو هجي. روزگار، تعليم، گهر ۽ زندگي جي بنيادي سهوليتن جي گارنٽي مليل هجي. پر
اهڙو ڪجهه به هتي نه آهي ماڻهو مرن پيا. خودڪشيون ڪن ٿا، ٻارن کي وڪرو ڪن ٿا ۽
مجبوري ۾ ٻارن کي مارڻ کان به نٿا مڙن پر حڪمران جيڪي به هجن اُهي ڪجهه به ڪرڻ
لاءِ تيار نه آهن. انهن جو اهو ئي چوڻ آهي ته هتي گهڻو ڪجهه ٺيڪ آهي، سندن ڪو عمل
اهڙو نه آهي جيڪو عوام جي بنيادي حقن جي بحالي لاءِ ڪجهه ڪيو ويندو هجي!!
عوام جي حڪومت جي
دعويٰ ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ضياءَ الحق جهڙي فوجي آمر کان وٺي مشرف تائين ۽
ميان نواز شريف ۽ محترمه تائين ۽ وري هن حڪومت ۾ به اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي پر ڇا
عوام جي حقن لاءِ، عوام جي بنيادي مسئلن لاءِ ڪجهه ٿيو آهي؟؟
هتي جمهوريت ڪڏهوڪي
ڪامياب ٿي چڪي هجي ها جيڪڏهن هتي عالمي سامراجي سازشون نه هجن ها. هتي آمريڪا جو ڪردار
نه هجي ها؟؟ هتي ماضي ۾ به فقط کاٻي ڌر جا هوندا هئا جيڪي عالمي سازشن کان عوام کي
آگاهه ڪندا هئا. تاريخ ۾ انهن جو ڪردار هتي هميشه محدود ڪرڻ، کين ختم ڪرڻ، کين
ايجنٽ وغيره چئي کين تذليل جو شڪار ڪيو ويندو هو. پر پوءِ کين ايتري ظلم باوجود
جسماني طرح ختم ڪيو ويو.
سياست اڳ ۾ اُنهن
انقلابين لاءِ آدرش هئي، عظيم مقصد لاءِ هڪ رستو هئي ۽ آهي. سياست حسن ناصر جهڙن
انقلابين لاءِ عبادت هئي هن وقت انهيءَ سياست کي ناڪام ڪري، سياست کي هڪ گورک ڌنڌو
بنايو ويو آهي. سياست کي ٺڳي جي هم معنيٰ لفظ بنايو ويو آهي اُهي سڀ آدرش ختم ڪيا
ويا آهن.
اسان وٽ اڄ روايتي
حڪمران طبقن جي سياست جيتري نروار ۽ بي نقاب ٿي آهي شايد ئي ماضي ۾ ڪڏهن ٿي هجي.
ماڻهو انهن ڀوتارن ۽ وڏيرن کان انهيءَ ڪري به تنگ ٿي ويا آهن جو هنن ۲۰۱۰ع واري
مها ٻوڏ ۽ ۲۰۱۱ع واري سيلابي برساتي صورتحال ۾ سڀ ڪجهه ڏٺو آهي حڪمرانن
سندن لاءِ ڇا ڪيو آهي ۽ ڪري ر هيا آهن ۽ اهو پڻ هنن ڏسي ورتو آهي. هن وقت جيڪڏهن
متبادل عوامي سياست حقيقي انقلابي سياست اچي وڃي ته نجات، تبديلي ڏانهن واجهائيندڙ
ماڻهو انهيءَ قافلي ۾ شامل ٿي ويندا پر افسوس اهو آهي ته اُها انقلابي سياست ۽
انقلابي قوتون محدود آهن، انهن ۾ اڃا تائين پراڻا تصور موجود آهن ٽولي ۾ رهڻ،
محدود رهڻ جو ڪلچر هنن جي روايت آهي.
اڄ جڏهن عالمي
سرمائيداري نظام جي خلاف اعلان جنگ ٿي رهيو آهي ۽ مالياتي سرمايي جي مرڪزن تي يورپ
۽ آمريڪا جا ماڻهو حملا ڪري رهيا آهن تڏهن ڪامريڊ حسن ناصر، نذير عباسي ۽ اهڙا ٻيا
ڪيترا ئي ڪردار وري ياد اچي رهيا آهن، انهن جي قربانين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ويساهه
اڄ وڏي ڳالهه آهي. حسن ناصر ۽ ڪامريڊ نذير عباسي جنهن ڪميونسٽ پارٽي جا اڳواڻ هئا
اُن جي قيادت اڄ به محدود پڻي مان نڪري نه سگهي آهي پر اڄ به ڪي اهڙا پروانا آهن
جيڪي محنتون ڪن ٿا آدرشن لاءِ وڙهن ٿا ۽ وري وري اهو اعلان ڪن ٿا ته نه اڃا به ڪي
آهن جيڪي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن وٽ وڃن ٿا، اُنهن جا ڏک سور ٻڌن ٿا، انهن جي اندر
انقلابي ويساهه پيدا ڪن ٿا.
اڄ حسن ناصر جو
اُهو سامراج دشمن، سرمائيداري نظام خلاف حقيقي عوامي جمهوريت جو گيت هتي سنڌ ۾ به
نوجوان ڳائي رهيا آهن ۽ اهو حُسن، محبت، وفا ۽ سُک جو گيت سنڌ هن سموري خطي ۽ دنيا
جي پرامن عوام جو گيت آهي.
۱۹۶۰ع ۾
شهادت ماڻيندڙ حسن ناصر اڄ به ياد آهي. هو جسماني طرح ختم ڪيو ويو پر سندس گيت ۽
آدرش اڄ به زنده آهن.
ڪامريڊ حسن ناصر جي
ورسي جي موقعي تي ملڪ جي موجوده منظرنامي جو جائزو وٺجي ته اها ڳالهه چٽي طرح نظر
ايندي ته پراڻا کلاڙي هڪ دفعو وري مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرندڙ مقبوليت کي ڏسندي
تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي اڳتي آڻي رهيا آهن. اهو منظرنامو پڻ تبديل ٿيندي نظر
اچي رهيو آهي پر هتي سوال اهو پيدا ٿي رهيو آهي ته هي تحريڪ انصاف يا مسلم ليگ (ن)
توڙي ٻيون ڌريون ڇا موجوده حڪومت کان علاوه اهڙي سامراج دشمن ايجنڊا رکن ٿيون، جيڪا
عوام جي حق ۾ هجي. عالمي سرمائيداري نظام ۽ مالياتي سرمايي جي خلاف ڪجهه ڳالهائڻ
لاءِ تيار آهن. ڇا هو آءِ ايم ايف سان بجلي، گئس، تيل مهانگي ڪرڻ وارن معاهدن کي
رد ڪندا؟ ان جو هنن وٽ ڪو جواب نه آهي. ان ڪري هي سموري جيڪا ميڊيا تي راند هلي
رهي آهي اُها هڪ مداري جي کيل کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هڪ حڪومت ويندي ته ٻي حڪومت
اُن کان به سخت معاشي ۽ سياسي پاليسيون کڻي ايندي. هي نام نهاد دهشتگردي مخالف جنگ
به جاري رهندي. آمريڪا مرده باد جا نعرا به هوندا ته اندروني طرح سامراج سان ڳٺ جوڙ
جو عمل پڻ جاري رهندو. هي سڀ ڪجهه اُن وقت تائين جاري رهندو، جيستائين عوام جون
حقيقي دوست قوتون منظرنامي تي نه اينديون.
شهيد حسن ناصر
سندس شهادت جو ڏينهن -
تاريخ ڳالهائي ٿي
حميده گهانگهرو
تاريخ ڳالهائي ٿي،
تاريخ سمجهائي ٿي، تاريخ سيکاري ٿي، ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ استحصال جي خلاف ڳالهائيندڙ
تاريخ، هميشه امر بڻجي ويل تاريخ، ڪئلينڊر جي تاريخ ۱۳ نومبر ۱۹۶۰، امر ڪردار طور لکيل تاريخ جو حصو بڻجي چڪي
آهي جيڪا ڪيئي نسلن جي جدوجهد، سوچ ۽ فڪر جي رهنمائي ڪندڙ آهي.
حسن ناصر جي شهادت،
تاريخ جي ورق تي نه مٽجندڙ چٽ ڇڏيندڙ، ورقن ۾ ويڙهيل گواهي طور سڃاڻپ رکندڙ آهي. ۱۳ نومبر ۱۹۶۰ ڪنهن به سچ ۽ حق جي جدوجهد ۾ يقين رکندڙ ديواني لاءِ اتساھ ۽ ويساھ ڏيندڙ،
شهيد جو اکين ۽ سوچ ۾ گواهي طور اڀري اچڻ جي تاريخ آهي. اڄ حسن ناصر کي ياد ڪرڻ جو
ڏينهن آهي ڇو ڪونه ياد ڪجي. ڇا اسين زنده ماڻهو سياسي، سماجي ظلم، استحصال ۽
ناانصافي جي خلاف وڙهندڙ قافلي جا سپاهي ناهيون؟
حيدرآباد دکن ۾
سونهري خوابن جهڙي زندگي گذارڻ وارو نوجوان شهزادو سفر ڪندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽
سندس نظر ڪراچي جي پٺتي پيل مزدورن ۽ پورهيتن جي وسندين ۾ بکايل، ڏکايل ۽ سهولتن
کان محروم انسانن تي پوي ٿي، توڻي جو کڻي سڄي ڏينهن جي جاکوڙ کانپوءِ به شام جو
گهر ايندي رڳو ڪجھ دال ماني کائڻ جو ثمر هٿن ۾ ڏسي وري مٿان پوڙهي ماءُ پيءُ جي
بيماريءَ جي تڪليف ۽ نوجوان ڀينرن جي عمر وڌي وڃڻ ڪري مٿي ۾ وارن ۾ چاندي جي چمڪ ڏسي
کيس پنهنجا ذاتي ارادا، لنڊن ۾ اعليٰ تعليم ماڻڻ جا خواب تبديل ڪرڻا ٿا پون. انقلاب
لاءِ ماڻهن جي خوشحالي ۽ هر ماڻهوءَ جي چهري تي مسڪراهٽن جا ميڙا ڏسڻ لاءِ سندس
سوچ بدلجي وڃي ٿي ۽ هيءُ حيدرآباد دکن جو امير ترين نواب خاندان جو اڪيلو فرزند
سرحد جي خاردار ديوارن ۽ تارن کي پنهنجي تصور ۾ آجو ڪري دنيا جي پورهيتن سان نئون
رشتو جوڙي ٿو.
هن لاءِ پنهنجي رت
جي رشتي امڙ ۽ ابي کان وڌيڪ ڪارل مارڪس جي جملي ته ” دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو”جو
ڪردار بڻجي اهڙي برادري جو حصو ٿو بڻجي جيڪا رنگ نسل، مذهب، ٻولي، فرقا پرستي ۽
سرحدن جي ورهاست کان تمام مٿانهين هوندي آهي جنهن کي ڪميونسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. پورهيتن
جي جڳهين نما گهرن ۾ رهڻ، ڪراچي شو مارڪيٽ جي فٽ پاٿن تي بک ۽ اڃ جي پرواھ نه ڪندي
پنهنجي سکي ستابي زندگي ڇڏي پورهيتن کي منسوب ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهڙي زندگي کي آئيڊيل
سمجهي ٿو.
ڏسجي ته پنهنجي جسم
جي پوري سگھ سان ساھ جي آخري گهڙي تائين ٻليدان تي رهيو. سرمائيداري جي عروج واري
استحصالي نظام خلاف ۽ آزاد ٿيل ملڪ جي ٻالڪپڻي واري عمر يعني آزاديءَ کانپوءِ ۱۳ سالن اندر مارشل لا جو طوق پاتل ڏسي ان ظلم
خلاف آواز اٿاريندڙ حسن ناصر ڪيترن لاءِ اتساھ بڻجي فرض نڀائيندي شاهي قلعي جي
اذيت جوڳي تشدد کي مات ڏيندو رهيو. کيس سرنگ نما ڏاڪڻ ۾ وٺي وڃي ساھ ٻوساٽڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي پر هن نوجوان پنهنجو ”ساھ”ٻين لاءِ ”ويساھ”۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سندس هٿن ۽
پيرن جي ننهن کي لاٿو ويو. جسم تي سوين سورن جا زخم ظاهر آهي ته ڪنهن حد تائين
برداشت ٿيندا. پر سندس سوچ کي شاهي قلعي جي اذيت گاھ به قتل نه ڪري سگهي. زندگي ته
جيئڻ لاءِ هوندي آهي هن خوبصورت دنيا کي ڇڏڻ جو ڪنهن کي شوق هوندو؟.
ها رڳو هڪ سچو
انقلابي ئي پنهنجي ذاتي خواهشن ۽ خوبصورت زندگيءَ کان الڳ ٿي سڄي دنيا جي پورهيتن
جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جو خواب ڏسي سگهي ٿو. هن لاءِ گڏجي خوشيون ملهائي سڀ ويڇا
وساري ڳلي ملڻ وارو تصور پنهنجي جاءِ تي پر طبقاتي نظام جي اونچ نيچ ۾ ڪڏهن گهرن
جو چلهو ٻري ته ڪڏهن اُجهامي. احساس محرومي، مجبوري ۽ پريشاني واري گهاريل گهڙين
کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. تعليم، صحت، بنيادي ضرورتن ۽ بنيادي حقن
واري حاصل ڪيل زندگي جنهن ۾ مفادن جي بنياد تي ڪير به ڪنهن کان نفرت نه ڪري تنهن
نظام خاطر پنهنجي ساھ جي آخري گهڙيءَ تائين جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. شهيد ناصر ايئن
ئي ڪيو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ضرور انقلاب جي نعري سان الوداع ڪيو هوندو.
سندس امڙ کي اطلاع ٿئي
ٿو ته اچي پٽ جو لاش وصول ڪر، ڀلا امڙ جا قدم ڪيئن رڪندا. هوءَ نواب خاندان جي
رئيسياڻي اڪيلو جهاز ڪري لاهور جي زمين تي هڪ اڏامندڙ پکيءَ وانگر جهٽڪو کائي قدم
کوڙي ٿي. ان وقت ان امڙ جي دل جي حالت ڪهڙي هوندي ته جنهن پهريون ڀيرو هڪ آزاد خودمختيار
اسلامي مملڪت ۾ پير رکيا هجن. هن مينار پاڪستان ڏسڻ جي خواهش بجاءِ شاهي قلعي ڏانهن
ٿڙندڙ قدمن ۽ دل جهوريندڙ لهجي ۾ پڇيو ته منهنجي ٻچڙي جو آخري ديدار ڪرايو پوءِ
کيس هڪ چچريل لاش ڏيکاريو ٿو وڃي. امڙ چوي ٿي جنهن کي مون ۹ مهينا ڪُک ۾ سانڍي هن دنيا جي خوبصورتي ۽
روشني ڏيکاري، مان هن جي پيدا ٿيڻ تي سڀ سور سهي جڏهن سندس چهري کي ڏٺو ته دنيا جي
ڪا به اهڙي تحقيق ۽ ڪيمرا ايجاد ناهي ٿي جيڪا ان پل جي تصوير ٺاهي سگهي۽ اها تصوير
صرف ۽ صرف منهنجي اکين ۽ دل ۾ سانڍيل آهي ۽ منهنجون اکيون ۽ دل دوکو نٿي کائي سگهي.
سندس گهنگهرايل ڪارن وارن ۾ ڦڻي ڏيندڙ منهنجي هٿن جون آڱريون اُهو ڇهاءُ هاڻي به
محسوس ڪن ٿيون. جڏهن هن جي ماءُ سندس پهرين ڏند ڀڳا هئا جنهن لاءِ چوڻي آهي کير
وارا ڏند ڀڄڻ ۽ پوءِ ۷ سالن ۾ سڄي حياتي لاءِ پيدا ٿيندڙ ڏندن کي مان روز ڏسي آجيان ڪندي هئس ۽
جن کي صبح سان پنهنجي آڱر سان صاف ڪري گرڙي ڪرائيندي هئس هي ڏند اهي ته ناهن، هي ڏند
منهنجي پٽ جا ناهن، هي لاش منهنجي پٽ جو ناهي. هڪ ماءُ پنهنجي پٽ جي لاش جو پنهنجن
احساسن ۽ جذبن سان پوسٽ مارٽم ڪري لاش وٺڻ کان انڪاري ٿئي ٿي اهو چئي ته مون پٽ کي
جنم ڏنو هو پر هن هوش سنڀاليندي سڄي دنيا جي مظلوم پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙ شروع
ڪئي.
دراصل هو ڌرتيءَ جو
پٽ آهي ۽ مان ڌرتيءَ جي ورهاست نه ڪنديس ڌرتي ماءُ آهي جتي به آهي ماءُ جي جهول ۾
آهي ۽ خاموش چپن سان لڙڪ لاڙيندي. خالي جهاز ۾ واپس حيدرآباد دکن رواني ٿئي ٿي. حيدرآباد
دکن ۾ هزارن جي انگ ۾ گڏ ٿيل پنهنجي ڌرتيءَ ڄائي دوستن، ساٿين ۽ مائٽن کي عظيم امڙ
اهو نياپو ٿي ڏئي ته هو ڌرتي ڄائو هو، هو دنيا جي پورهيتن جي برادري جو سرواڻ هو. هن
ڀڳت سنگھ جي ڦاهي گهاٽ کان ٿورو پرڀرو شاهي قلعي ۾ آخري ساھ جي گهڙي ۾ ساھ نڀائڻ
جو وچن ڪيو ۽ اُتي ئي پنهنجي بي ساخته جسم کي انهن جي حوالي ڪيو.
حسن ناصر کي جسماني
طور وڇڙئي ۶۱ سال ٿيا آهن، پر هو تاريخ ۾ ڪيترن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ جدوجهد ڪندڙن جي
گونجار ۾ زنده ۽ امر آهي. اڄ به حسن ناصر شهيد کي سرخ سلام پيش ڪيو ٿو وڃي جيئن
انقلابي تاريخ جي شهيدن کي، پهرين مئي جي شهيدن، چي گويرا کي ياد ڪيو ٿو وڃي. حسن
ناصر شهيد جي جدوجهد ختم نه ٿي ڀلا سندس جدوجهد جي سرواڻي ڪندڙ، انهيءَ تسلسل جو ۲۰ سالن کانپوءِ شهيد نذير عباسي ڪنهن کان
وسريو آهي.
جيڪڏهن ڏسجي ته
شهيد جي خاموش جسمن کان به ظالم ايڏو خوفزده هوندو آهي جو رات جي اونداهي ۾ دفنائي
پوءِ ٻڌايو ويندو آهي ته انقلابي تاريخ جا بي باڪ جرئتمند شهيد ٿي ويا آهن، انهيءَ
ڪري انهن جو آخري ديدار به غير روايتي جبر تحت ناهي ڪرايو ويندو پر پر اهي شهيد
هميشه زنده رهي، اونداهي سماج ۾ روشنيءَ جي لاٽ ٿي اڀرندا آهن.
جيستائين ظلم، جبر،
بربريت ۽ ڏاڍ سان استحصال ٿيندڙ معاشري مٿان ڪڪر ڇانيل رهندا تيسين انهن ئي
انقلابي هيرن جي گونجار جي ڇانو ۾ تحريڪون جنم وٺنديون ۽ ٽئين نسل جا انقلابي سوچ
رکندڙ انقلابي تاريخ جي روايت کي ٽٽڻ نه ڏيندا.
سرمائيدارن،
جاگيردارن، وڏيرن پيرن، ميرن، سردارن جي خلاف اٿندڙ آواز جا پڙاڏا ڪڏهن به ختم نه ٿيندا.
بلڪ جتي ظلم جي انتها آهي اتي انصاف لاءِ پڪار به آهي. ۽ جنهن تحريڪ جون سرواڻ
عورتون هجن. جڏهن مائرن ڌيئرن ڀينرن پنهنجن پيارن جي رت مان رنگي پوتيون لاهي پرچم
ٺاهيا ته ان وقت مدي خارج سماج جي ريتن ۽ رسمن ۾ جڪڙيل آخر جاڳي پوندا آهن ڀلا ڪيستائين
ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندا رهندا.
هڪ مائي بختاور، ملڪ
جاگيردارن سان وڙهندي هاريءَ جي بٽيءَ کان اڳ شهيد ٿيڻ قبول ڪيو پر استحصال نه، اڄ
ڪيتريون مائرون ڀينرون پنهنجن وڃايل وڇڙي ويلن کي ڳولهڻ لاءِ گهرن جون ديوارون ٽوڙي
کليل ميدان تي ظلم خلاف للڪارين ٿيون.
شيرين جوکيو،
سرداري نظام جي خلاف پنهنجي ور جي، خون کي ناانصافي ۾ لوڙهيندي نٿي ڏسي سگهي ۽
هوءَ هزار ڌمڪين، پريشانين، بک مفلسي جو شڪار ٿيندي به ظلم خلاف للڪار بڻيل آهي. اهو
دنيا جي تاريخ جو دستور آهي ته انقلاب، رد انقلاب به ٿيا آهن پر ڪنهن وٽ اهو ثبوت
آهي ته ظلم جبر بربريت جي خلاف آواز نه اٿاريو ويو هجي بلڪ ٻرندڙ آوي جيئن ڪچي مٽيءَ
کي پچائي مٽيءَ مان پڪو گهڙو ٺاهي ٿي ايئن ظلم جي آوي اڄ جي دور ۾ نوجوانن ۽
باشعورن ۾ للڪار پچائي ٿي.
اعجاز منگيءَ جو
گيت لکيل ته نذير عباسيءَ جي شهادت تي آهي پر تاريخ ۾ انصاف جو آواز بلند ڪندڙ
لاءِ ٺهڪي اچي ٿو.
ترسو لانڍيءَ اوٽ
الاڙي
گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي
آزاديءَ جي ونڙيءَ
کي
سينگاريو سينگاريو
سرتيون
ڳاڙهن جهنڊن سان ڄڃ
آئي
نعرن جي گونجي
شهنائي
پوتيون لاهي پرچم ٺاهيو
لهرايو لهرايو
سرتيون
ترسو لانڍيءَ اوٽ
الاڙي
گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي
چنڊ جيان چهرو
مهتابي
رت ۾ وهنتل گل
گلابي
سوريءَ سيج چڙهي
آيو آ
پنهنجا نيڻ وڇايو
سرتيون
ترسو لانڍيءَ اوٽ
الاڙي
گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي
اگهو اکين مان نير
اوڀينر
اڱڻ تي آيو نذير او
ڀينر
دودي دولھ خان جو
اجرڪ
نذير کي پهرايو
سرتيون
ترسو لانڍيءَ اوٽ
الاڙي
گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي
آزاديءَ جي ونڙيءَ
کي
سينگاريو سينگاريو
سرتيون. . . . . . .
. . . !!
ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ
اڄ جي هر باشعور عورت جي عظمت کي سلام.
ماضيءَ جي شهيدن جڏهن
ظلم خلاف جدوجهد جو جهنڊو کنيو ته ان ۾ مدي خارج نظام جي تحت عورت کي گهٽ نه پر اڳڀرو
ڪيو هو. هوچي منھ پنهنجي شاهڪار لکڻين ۾چيو آهي ته عورت ۽ مرد هڪ گاڏي جا به ڦيٿا
آهن جدوجهد ۾عورت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه هلندي ته اها تحريڪ ڦڪي ڦڪي هوندي. اها هڪ
بهترين نظرياتي سوچ ڪميونسٽن کي ورثي ۾ ملي ٿي ۽ اهو ورثو، حسن ناصر شهيد ۽ نذير
عباسي شهيد جو آواز اڄ به سرخ جهنڊي جو سرواڻ آهي. حسن ناصر کي سرخ سلام.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۱۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شهيد حسن ناصر
حسن پٺاڻ
مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ
شهيد حسن ناصر، ۱۹۲۸ع ڌاري سيد علمبردار جي گهر، حيدرآباد دکن ۾ ڄائو. سندس والد مهاراجا سر ڪشن
پرشاد بهادر جو پرائيويٽ سيڪريٽري هو. سندس ماءُ جو نالو زهره بيگم هو. هن جو سمورو
خاندان اعليٰ تعليم يافته هو. حسن ناصر ابتدائي تعليم گرامر اسڪول مان ورتي. سينيئر
ڪيمبرج جو امتحان اعليٰ امتيازي حيـثيـت ۾ پـاس ڪيـائيـن. هـي بهترين مقرر هو. کيس
انگريزي زبان تي عبور حاصل هو. ان لاءِ هن چاهيو پئي ته هو آڪسفرڊ يونيورسٽي، لنڊن
۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي، پر ننڍيءَ عمر هئڻ سبب سندس والد کيس ٻاهر وڃڻ نه ڏنو.
ان تي هي ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ عليڳڙھ ڪاليج ۾ انٽرميڊئيٽ لاءِ داخلا ورتائين. اتان انٽر
پاس ڪرڻ کان پوءِ نظام ڪاليج مان بي اي ڪيائين. نظام ڪاليج ۾ ئي سندس تعلق پنهنجي ماسات
ذريعي ڪميونسٽ نظرين جي حامي نوجوانن سان ٿيو ۽ ڪميونزم جو ڀرپور مطالعو ڪيائين. حسن
ناصر مٿئين طبقي مان هوندي به ڏاڍو حساس طبع انسان هو، جنهنڪري ڪميونسٽ نظريي مٿس
شديد اثر ڪيو ۽ هن مارڪسي فلسفي جي پوئلڳي اختيار ڪندي پڙهائي ۽ گهر ڇڏي مزدورن ۽
پيڙيل طبقي جي ماڻهن جي خدمت لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو باقاعدي
ميمبر بڻيو. جڏهن حڪومتي ايوانن ۾ اها چؤپچو ٿي ته حسن ناصر انڊرگرائونڊ ٿي ويو. ڪجھ
عرصو حيدرآباد ۾ رهڻ کان پوءِ بمبئيءَ هليو ويو ۽ اتي سرمائيداري نظام خلاف ڪم کي
لڳي ويو.
ورهاڱي کان پوءِ مشهور
ڪميونسٽ اڳواڻ سجاد ظهير پاڪستان اچي، هتي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي فعال ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو
ته ڪيترا نوجوان ساڻس هم خيال ٿيا، جن ۾ حسن ناصر به هو ۽ هُو سجاد ظهير سان گڏ پاڪستان
هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ مٿان پهرين ڪا اهڙي سختي ڪانه هئي،
پر پوءِ جڏهن سختي وڌي وئي ته سجاد ظهير واپس هندستان هليو ويو، پر پاڪستان ۾ حسن
ناصر ڪم ڪندو رهيو. اڳتي هلي کيس قيد ۾ رکي اذيتون ڏنيون ويون. سندس ماءُ زهره بيگم
ڪوشش ڪئي ته حسن ناصر کي پاڪستان حڪومت کان ان شرط تي آزاد ڪرائجي ته هو هڪ سال تائين
پاڪستان کان ٻاهر رهندو، جيئن ته زهره بيگم جو آپريشن ٿيڻو هو، ان ڪري حڪومت کيس
آزاد ڪيو، پر اها ڳالھ حسن ناصر کي پسند نه هئي، ليڪن ماءُ جي محبت کيس مجبور ڪيو ته
هو آپريشن وقت ساڻس گڏ هجي. سندس والد ڪافي عرصي کان دماغي فالج جي ڪري معذور هو. حسن
ناصر جو هڪ سال جي آزاديءَ جو مدو پورو ٿي رهيو هو، هن نه پئي چاهيو ته هو پاڪستان
۾ پنهنجن ڪميونسٽ ساٿين کي اڪيلو ڇڏي، سجاد ظهير وانگر هندستان ۾ رهي پوي. ان ڪري
هو واپس پاڪستان وريو ۽ اچي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.
هن مارڪسي نظريي کي
پکيڙڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي. حڪومت پاڪستان کيس گرفتار ڪرڻ جون گهڻيون ڪوششون
ڪيون، پر هو ويس مٽائي شهر شهر ڏتڙيل طبقن جو مضبوط آواز ٿي گونجندو رهيو. هو پاڪستان
۾ هڪ مقصد سان آيو هو، هن هتي انقلابي ڪميونسٽ پارٽيءَ جون پاڙون پختيون ڪرڻ پئي چاهيون.
حسن ناصر ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو مرڪزي سيڪريٽري هو. نيٺ کيس گرفتار ڪري چار
سال قيد جي سزا ڏئي، لاهور جي قلعي ۾ رکيو ويو. ۱۹۵۵ع ۾ کيس آزاد ڪري ٻن سالن لاءِ ملڪ بدر ڪيو ويو.
۱۹۵۷ع ۾ هو وري پاڪستان آيو، ۱۹۶۰ع ۾ ايوب خان جي فوجي حڪومت کيس هڪ دفعو وري گرفتار ڪيو ويو
۽ هن سخت تشدد سبب ۱۳ نومبر ۱۹۶۰ع تي لاهور فورٽ جيل ۾ وفات ڪئي. کيس رات جي
اونداهيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
احمد رضا قصوري (وڪيل)
جي معرفت سندس امڙ زهريٰ بيگم لاهور ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته مون کي منهنجو پٽ ڏيکاريو
وڃي، ڇو ته کيس معلوم ٿي چڪو هو ته حسن ناصر کي شهيد ڪيو ويو آهي، ته پوليس ڪورٽ کي
ٻُڌايو ته هو بيمار آهي. ڪورٽ حڪم ڪيو ته کيس اسٽريچر تي کڻي آندو وڃي ته پوليس اطلاع
ڏنو ته حسن ناصر خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ڪورٽ جي حڪم تي حسن ناصر جي قبر کوٽي، لاش
ماءُ کي ڏيکاريو ويو ته هن ٻڌايو ته اهو لاش حسن ناصر جو ناهي. هن وقت سندس قبر بابت
ڪنهن کي به خبر ڪانهي ته ڪٿي آهي.
(حسن پٺاڻ جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
حسن ناصر
ايوبي آمريت جو عظيم ڪميونسٽ
شھيد
طفيل مگسي
اڄ ھڪ اهڙي بي مثال ۽ لازوال
هستي جي ذڪر ڪرڻ جي جسارت ڪندس يعني ان عظيم انقلابي هستيء جو جنهن سماج جو ڦيثو
هلائڻ واري محنت ڪش انسانن جي سوڙھين ۽ اونداهين وسندين ۽ ڌرتيء جو سينو چيري ڪري
اناج اپائڻ وارن هارين جي ڌوڙ اڏائيندڙ ٻھراڙين کان ڏور هڪ سمورين آسائشين سان ٽمٽار
محل ۾ اک کولي. هن کي لکين ڪروڙين محنت ڪشن جي ڀيٽ ۾ زندگيء جون سموريون آسائشيون
۽ سهوليتون ميسر هيون۽ جيڪڏھن هو چاهي ها ته زندگي کي انهن خوشين. آسائشن ۽
سهوليتن ۾ گهاري ڇڏي ها. مگر هن هڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو يعني انقلاب جو رستو هو
يعني اهڙو انقلاب جنهن کي مزدور طبقو ئي برپا ڪري ٿي سگهيو هو. يعني اهو مزدور راڄ
جي قيام. جو رستو هو. ۽ ھن رستي تي گلن جي سيجه وڇآيل نه هئي بلڪ هتي وک وک تي
قائم ظالم طبقن ۽ انهن جي پٺوئن جا ڦاسي گهاٽ. ڪال ڪوٺڙيون. انسانيت سوز ٽارچر ڪيمپون
۽ زندان هئا. مگر هن بهادر نوجوان سڄي دنيا جي اڻ ڳڻين عظيم انسانن جيان هرقسم جي
محلاتن. تخت وتاج کي ٺوڪر هڻي ڪري انهيء رستي جي چونڊ ڪئي. جتي سماج جي ڪرنگهي
واري حيثيت رکندڙ يعني محنت ڪش طبقو آزاد ٿي سگهي. مڪر وفريب. ڪوڙ. ظلم و جبر ۽ هڪ
انسان جي ٻيئي انسان تي استحصال تي مشتمل اها دنيا جنهن کي سرمائيدار طبقو”رنگ و
نور”جي دنيا قرار ڏيئي ٿو. هن ان ۾ لڪل اونداهين کي ڄاڻي ورتو هو. ان ڪري هو انهيء
رستي جي خالق مگر اونداهين گهرن جي رهواسين محنت ڪشن جي زندگين ۾ تبديلي جو
علمبردار بڻجي ويا. انهيء ڏوھ جي پاداش ۾ اڄ کان ۵۷ سال اڳ هن عظيم اڳواڻ جنهن جي عمر ۳۲سال به نه هئي. اونداهين جي ديوتائن لاهور جي شاهي قلعي ۾ ڦاسي جو تختو
تحفي ۾ ڏنو. ليڪن اها ٻي ڳاله آھي ته هو مري نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته ھو سماج جي زندگي جي
ضامن مزدور طبقي جو نمائندو هو. محنت ڪش طبقي جي هن عظيم شھيد کي اسان ڪامريڊ حسن
ناصر جي نانء سان سڃاڻون ٿا. جنهن ۲آگسٽ ۱۹۲۸ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو. سندس بابا سيد علمردار مختلف وقتن ۾ حيدرآباد
جي مهاراجا پرشاد بهادر ۽ مرزا اسماعيل حيدري ۽ مير لائق علي جو پرائيويٽ سيڪريٽري
رهيو هو. جڏھن ته سندس امڙ زهره علمدار جو تعلق به حيدرآباد جي هڪ نواب گهراڻي سان
هو. وات ۾ سون جو چمچو وٺي ڪري جنم وٺڻ واري حسن ناصر جي پرورش ھڪ اهڙي ماحول ۾ ٿي.
جنهن جو برصغير جي محنت ڪش عوام جي اڪثريت ڪڏھن تصور به نه ڪيو هوندو ۽ اها طرز زندگي
صرف سرمائيدارن. جاگيردارن. نوابن ۽ مهاراجائن جي اقليت سان هئي. ان ماحول ۾ پرورش
حاصل ڪندي حسن ناصر شروعاتي تعليم گرامر اسڪول کان ڪئي ۽ بعد ۾ سينيئر ڪيمبريج جو
امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو. هن جو شمار ذھين ترين شاگردن ۾ ٿيندو هو ۽ پاڻ
ھڪ سٺو مقرر پڻ ھو. انٽرميڊيئيت هن هندستان جي مشھور درسگاه علي ڳڙھ کان ڪئي. ۽
پوء بي اي ڪرڻ جي لاء حيدرآباد جي نظام ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ان زماني ۾ ھن جو ماسات ڪوڪب
دري به هن سان گڏ ھو ۽ سندس ئي عمر جو هو. ڪوڪب دري هڪ انقلابي نوجوان هو. جيڪو
محنت ڪش طبقي جي انقلابي تعليم ۽ نظريي کان چڱي ريت واقف هو. انهيء ڪوڪب دريء سان
گڏ رهي ڪري حسن ناصر محنت ڪشن جي نظرياتي علم يعني مارڪس ازم ۽ لينن ازم کان واقف ٿيو.
هاڻي هو اڳ وارو حسن ناصر نه هو بلڪ هن هندستان جي محنت ڪشن جي انقلابي پارٽي”ڪميونسٽ
پارٽي”۾ شموليت اختيار ڪري ورتي ۽ سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي ۽ مزدور
راڄ جي قيام جي لاء عملي طور تي ڪم جي شروعات ڪئي. ۱۹۴۶ع ۾ صرف ۱۸ سالن جي عمر ۾ ھو حيدرآباد اسٽوڊنٽس
يونين جو اڳواڻ ھو. ۽ انهيء سال جڏھن برطانوي سرڪار آزادي جي تحريڪ جي عظيم اڳواڻن
سڀاش چندر بوس جي”انڊين نيشنل آرمي”جي اڳواڻن تي ڪيسن جي شروعات ڪئي ته حسن ناصر
ان جي خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي جلسا. جلوس. ۽ مظاهرا ڪيا. ۱۹۴۶ع جو سال هندستان جي تاريخ جو هڪ انقلابي سال هو ۽ اهوئي ئي اهڙو سال هو ته
جنهن جي شروعاتي مهينن ۾َ بمبئي جي جهازين پنهنجي مشھور هڙتال جي شروعات ڪئي. جيڪا”جهازين
جي بغاوت”جي نالي سان مشھور ٿي هئي. ۽ ان جو دائرو سڄي هندستان تي پکڙيل هو. ان
بغاوت کي برطانوي سامراج تشدد جي وسيلي دٻايو. ۽ بمبئي جا رستا مزدورن ۽ انهن جي اڳواڻن
جي رنگ سان رنگين ٿي ويا. سرمائيدارن وجاگيردارن جي مفادن جي ترجماني ڪرڻ وارين
پارٽين ”ڪانگريس” ۽ “مسلم ليگ” ان موقعي تي مزدور انقلاب کان خوفزده ٿي ڪري اها هڙتال
ختم ڪرائڻ جي لاء برطانوي سامراج جي بي انتها مدد ڪئي. ٻيو اهم واقعو پاڻ حيدرآباد
جي ڌرتي تلنگانه تحريڪ جو ظھور هو. هارين جا انهن ڏينهن ٽي ئي نعرا”زمين. آزادي ۽
جهموريت”۽ ان تحريڪ هٿياربند رنگ اختيار ڪيو هو. اها تحريڪ هندستان جي جي ورهاست
کانپوء ڪافي عرصي تائين جاري رهي. ۽ اهي ئي واقعا حسن ناصر کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽
جدوجهد ڪرڻ راضي ڪرڻ جا سبب بڻيا. انقلابي سرگرمين جي نتيجي ۾ سرڪار هن جي دشمن ٿي
وئي ته هو روپوش ٿي ويو. ۽ بعد ۾ حيدرآباد دکن کان بمبئيء جي مزدورن ۾ انقلابي ڪم ڪرڻ
ھليو ويو. جتي هن ڪافي عرصي تائين انقلابي فڪرن جي پرچار ڪئي. آگسٽ ۱۹۴۷ع ۾ برطانوي راڄ جي خاتمي ۽ برصغير جي ورهاڱي کانپوء جڏھن محنت ڪشن جي پارٽي
”ڪميونسٽ پارٽي” جي اڳواڻ سجاد ظھير پاڪستان ۾ مزدورن جي جماعت منتقل ڪرڻ جي لاء
هيڏانهن جو رخ ڪيو ته ان سان گڏ اچڻ وارن نوجوانن ۾ حسن ناصر پڻ شامل هو. اهو سيپٽمبر
جو مهينو هو. پاڪستان اچڻ کانپوء هن انقلابي نوجوان سنڌ جي شھر ڪراچي ۾ قيام ڪيو. هو
هتي جنهن انقلابي مقصد جي خاطر آيو هوان جي لاء ھن اڻٿڪ محنت ڪئي. هن جو تلنگانه
جي انقلابي ڌرتي سان هو. جتان جي بهادر هارين جي تحريڪ هڪ دنيا کي متاثر ڪيو هو. جيتوڻيڪ
هو سنڌ ۾ ھڪ ٻئي تلنگانه کي جنم ڏيڻ جي لاء ھاري تحريڪ ۾ سرگرم ٿي ويو. ان سان گڏوگڏ
ھن صنعتي مزدورن ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو. انقلابي شاگرد اڳواڻ جي حيثيت سان مزدور
سياست ۾ قدم رکڻ وارو ڪامريڊ حسن ناصر هاڻي هارين ۽ مزدون جو اڳواڻ ھو. هو ڪميونسٽ
پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ ڪراڇي جو سيڪريٽري هو. ۱۹۴۹ع ۾ جڏھن پورٽ ٽرسٽ۽ ٽراموي جي مزدورن جي هڙتال جي سلسلي ۾ پارٽي اڳواڻ
گرفتار ڪياويا ته ان موقعي تي حسن ناصر روپوش ٿي ڪري نه صرف سرگرميون جاري رکيون
بلڪ پارٽي جون تنظيمي ذميواريون به پوريون ڪندو رهيو. ۱۹۵۱ع۾ محنت ڪشن جي پارٽي جي سيگرمين کان خوفزده ٿي ڪري جاگيردارن . سرمائيدارن
۽ عالمي سامراج جي مفادن جي ترجماني ڪرڻ وارن حڪمرانن جي ايمان تي انقلابين جي
خلاف ظلمن جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ ڪافي انقلابين کي”راولپنڊي سازش ڪيس “جي
نالي تي جيلن ۾ وڌو ويو. جنهن ۾َحسن ناصر به شامل هو ۽ وري کان پارٽي جي انقلابي
جدوجهد ۾ مصروف ٿي ويو. ۱۹۵۱ع ۾ حڪمرانن
امريڪي سامراج جي خاطر ٻيا مزدور دشمن قدم کنيا. انهن ۾ ھنن ”ڪميونسٽ پارٽي” تي
غيرقانوني بندش به هنئي. هڪ ڀيرو وري انقلابين جي خلاف گرفتارين جي شيوعات ٿي ته
حسن ناصر کي به گرفتار ڪيو ويو. ۽ جنهن کي ڪميونسٽ پارٽي کان لاتعلقي اختيارڪرڻ جي
لاء چيو ويو. جنهن جو ھن صاف انڪار ڪري ڇڏيو نيٺ ۱۳نومبر ۱۹۵۵ع ۾ حسن ناصر کي پاڪستان کان ٻن
سالن تائين جي لاء ملڪ بدر ڪيو ويو. جيڪو عرصو هن حيدرآباد دکن ۾ گهاريو. ڪامريڊ
حسن ناصر ۱۹۵۷ع ۾ هندستان جي ساٿين جي منع ڪرڻ
جي باوجود واپس پاڪستان اچي ويو ته جيئن محنت ڪشن انقلاب جو ڪم جاري رهي. هتي هڪ ڀيرو
وري هن روپوشي جي عالم ۾ سرگرمين جي شروعات ڪئي. ۽ اهو سمورو عرصو مزدورن جي وچ ۾
گهاريائين. ان زماني ۾ جڏھن نيشنل عوامي پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو ته پارٽي جي
فيصلي جي مطابق حسن ناصر ان جو آفيس سيڪريٽري بڻجي ويو. ۱۸۵۸ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا لڳي ۽ وري هڪ ڀيرو وڏي پيماني تي انقلابين جي
خلاف ظلم وستم جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪافي انقلابي گرفتار ٿي وياجڏھن ته ڪافي
روووش ٿي ويا. جن ۾ حسن ناصر کي۶آگسٽ۱۹۶۰ع ۾ ڪراچي منجهان گرفتار ڪيو ويو ۽ ھن کي لاهور جي بدنام زمانه شاهي قلعي ۾
منتقل ڪيو ويو. مغل دور ۾ تعمير ٿيڻ وارو شاهي قلعو سدائين کان انقلابين ۽ باغين
جو زندان ۽ مقتل رهيو آھي. انهيء جاء تي انگريزن آزادي جي پروانن کي مسلسل قيد ڪري
انهن تي ظلم وستم جا وهاڙڪيرايا هما. مگر اهوئي ئي اهڙو مقام آھي جنهن کان آزادي
جا سپوت ۽ انقلابي سرخرو ٿي نڪتا. ڪڏھن پنهجن پيرن تي ته ڪڏھن سوليء تي سرفراز ٿيا.
انهن ۾ ڀڳت سنگه کان وٺي ڪري سڀاشچندر بوشجا ساٿي جي پرڪاش نارائن. بابا کورک مک
سنگه ۽ حسن ناصر جهڙا انقلابي شامل آھن. جيڪڏھن ورهاڱي کانپوء انگريزن جي ئي تربيت
يافته ماڻھن ان قلعي کي انهن ئي مقصدن جي لاء استعمال ڪيو ته هتي انقلابي روايتن
جو تسلسل ڪامريڊ حسن ناصر به پنهنجي آدرش جي لاء پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ويو. ان
اذيت خاني ۾ ڪامريڊ حسن ناصر تي بدترين تشدد ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ھو ۱۳نومبر ۱۹۶۰ع ۾ قيد جي دوران شھيد ٿي ويو. سرڪار
هن جي موت کي خودڪشي نالو ڏيڻ جي شرمناڪ ڪوشش پڻ ڪئي. مگر ان ۾ کيس کي ناڪامي ملي
۽ نامرادي جي علاوه ڪجه به ڪم نه آيس. هن جي شهادت کانپوء هن جي امڙ زهره علمدار
حيدرآباد دکن کان هن جو لاش وٺڻ جي لاءِ پاڪستان آئي. ان سلسلي ۾ به بي حيائي ڏيکاري
وئي. ۽ جڏھن هوء ھتي آئي ته سندس پٽ جي لاش غائب ڪري ڪنهن ٻيئي جو لاش ھن جي
سامهون رکي ڇڏيو ته جيئن پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ سندن ڪوڙ جو ڀانڊو نه کلي وڃي. مگر
انهن سامراجي پٺوئن ۽ محنت ڪشن جي دشمنن جي ڪوڙ جو ڀانڊو ته هڪ عرصو اڳ ئي وچ چونڪ
تي کلي چڪو هو. ائين حسن ناصر جيڪو هن ڌرتي جي مزدورن . هارين ۽ مظلوم انسان جي
زندگي ۾ انقلاب برپا ڪرڻ آيو هو. ان ڏوه جي پاداش ۾ سوليء جو سينگار بڻجي ويو. بقول
چليء جي عظيم انقلابي شاعر ڀابلونرودا جي لفظن ۾ “مان تنهنجي ڪاري ٻاجهري جي مانيءَ
جو هڪ ڳڀو آھيان“. تنهنجي ڳچيء جو هڪ هار بڻجي ويو آھيان”
(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۱۳
نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا