; سنڌي شخصيتون: امامُ راشدي

15 November, 2021

امامُ راشدي

امامُ راشدي

املهه انسان - سلسلو ۷۴ هون

حفيظ چانڊيو



هن جي تحريرن ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ، تاريخ ۽ قديمي ماڳن بابت اڻ مٽ احساسن سميت اهڙيون کوڙ ڀاونائون پڙهندڙن کي ڇرڪ ڀرائي سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪنديون رهيون آهن - هونئن ته سندس ڇٺيءَ جو نالو سيد امام المتقين راشدي آهي، پر ادبي دنيا ۾ کيس امام راشديءَ جي نالي سان سڃاتو ۽ پڙهيو ويندو آهي. هن جو جنم جيتوڻيڪ سادات گهراڻي ۾ ٿيو، جتي سندس خانداني ۽ پيراڻو ڪم دعا سڳا، تعويذ لکڻ ئي هو، پر راشدي خاندان جي هن املهه ماڻڪ هيري ادبي دنيا جي ئي چونڊ ڪئي - هن ۳ ڊسمبر ۱۹۶۰ع ۾ پير ڳوٺ جي گادي نشين سائينءَ بدر الدُجيٰ شاھ راشدي جي گهر ۾ جنم ورتو.  پرائمري تعليم آبائي ڳوٺ پير ڳوٺ نئين ديري مان پرائي هيائين، مڊل کان ميٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان حاصل ڪئي، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين درجي تعليم رتوديري ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ ادب سان گهري لڳاءَ سبب ايم اي سنڌي ادب لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج مان پوري ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان هو هڪ پرائمري استاد طور ۱۹۸۴ع کان ۲۰۲۰ ڊسمبر تائين تعليمي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس ڪيترائي شاگرد آهن، جن ڪاميابيون ماڻيون، ڪن جي ناڪامين تي سندس دل ڪٿي ڏکاري به  ٿي هوندي.


راشدي خاندان جي برصغير ۾ هونئن ته پنهنجي الڳ سڃاڻپ رهي آهي، ساڳي خاندان جي هن نوجوان امام راشديءَ کي ادبي ميدان ۾ ناماچاري ملڻ ۾ سندس مخلص محنتن ۽ سندس اهو ڀروسو ئي آهي جيڪو وٽس ٻالڪپڻ کان وٺي موجود هو، ٻالڪپڻ کان وٺي ٻاراڻي ادب جي ماهوار رسالن پڙهڻ ۽ ڪنهن نه ڪنهن سلسلي ۾ شريڪ ٿيڻ سندس محبوب مشغلو رهيو. هن جو ناناڻڪو ۽ ڏاڏاڻو ڪهول علمي ۽ ادبي حوالي سان رچ رهيو آھي. سندن والد صاحب پير حسام الدين راشديءَ جي نهايت ئي ويجهو دوست رھيو. سندس ايتري ويجهڙائپ جو پير حسام الدين راشديءَ صاحب امام راشديءَ تي ”علي رضا“ نالو رکيو هو. هر ڄمندڙ ٻار پرڪشش ٿئي ٿو، ان ڪري امام راشديءَ پڻ پير حسام الدين راشدي صاحب جي چپن تي مرڪ آندي هوندي ۽ يقينن سندس لبن تي ”ماشاءَ اللہ“ لفظ تري ضرور آيو هوندو.

هو سنڌ جو ناميارو اديب، محقق، نثري نظم جو سهڻو شاعر، تاريخ جو ڄاڻو ۽ هڪ نهايت ئي سهڻو ليکڪ آهي، جنهن لکڻ ۽ پڙهڻ جي شروعات ۱۹۸۴ع کان ٻاراڻي ادب سان ڪئي. ڪهاڻي" لالچ “سندس لوڪ ڪھاڻي هئي، جيڪا ۸۴ واري زماني ۾ ماهوار گل ڦل رسالي ۾ ڇپجي پڌري ٿي ته سندس خوشيءَ جو ڪاٿو ئي نه هو، سندس ڪائنات ۾ پوپٽي رنگ لڳي ويا، هر پاسي هن کي پنهنجي سڃاڻپ هڪ ٻالڪ ڪهاڻيڪار طور سُجهي، اها سندس ڪهاڻي ئي نه هئي، پر اتساهه ۽ ادبي دنيا ۾ عملي وک جو هڪ سگهارو قدم هو. ائين ادبي محفلن ۾ سندس ميل ملاقات مختلف شاعرن، اديبن ۽ نقادن سان ٿيندي رهي. ان زماني ۾ نئين زندگيءَ رسالي سميت هو عبرت اخبار گهر گهرائيندو رهيو.

ادبي سنگت شاخ نئين ديري کي ادبي سرگرمين جو مرڪز بنايائين. هو سهڻو ڪوي آهي، شروعات ۾ هو نامياري شاعر، استاد الشعراءُ سائين قاضي مقصود گل صاحب کان شاعريءَ جي سکيا ورتي، جنهن نه صرف هن جي شاعري اصلاح ڪئي، پر منجهس تخليقي صلاحيتن ۾ نکار آندي، کيس ادب جي ميدان ۾ ايندڙ مشڪلاتن کان آگاهي ڏني. ان کان علاوه تاريخ ۽ تحقيق واري شعبي ۾ سندن پھريون ادبي سونهون ۽ رهبر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب هو، جنهن کيس تحقيق جي فن کان آگاه ڪيو ۽ ان جي باريڪ بينين سان شناسائي ڪرائي. سائين ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب کي نامور اديب شاعر ليکڪ محقق امام راشدي اڄ به پنهنجو محسن، استاد ۽ رھنما سمجهندو آھي.

هن جي شروعات ڀلي هڪ ڪهاڻيڪار ئي ٿي، پر اڳتي هلي  تنقيد، تحقيق ۽ تاريخ ڏانھن توجهه ڏنو، تحقيقي مقالا لکيا، تاريخي ماڳن ۽ مڪانن تي وڃي انهن ماڳن جي قدامت ۽ تاريخي حوالي سان پرکيو، انهن ماڳن جي اهميت اجاگر ڪئي، سرڪار نامدار جو انهن سائيٽن ڏانهن ڌيان پڻ ڇڪايو ته جيئن اهي سنڌ جا پراڻا ۽ تاريخي آثار بچي سگهن.

نامياري اديب امام راشديءَ جو سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، هينئر تائين سندس ويھارو تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن. سندس ريڊيو فيچر پڻ ڪمال جا آهن، سندس ڪهاڻيون ۽ ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن توڙي ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. پير حسام الدين کان وٺي حاليه سڀني عالمن، اديبن، شاعرن سان سندس علمي ادبي تعلقات رهيا آهن. هو ملنسار ماڻهو آهي، سڀني کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ وارو، وري ڪنهن سان چڙيو ته منٽ ۾ پرچي به پوندو آهي. هو هڪ آدرشي انسان آهي، جنهن زندگيءَ جا سمورا پل اصولن تي عمل پيرا رهي زندگيءَ کي ڪو مقصد ڏنو، ڪو ڪارج ڏنو، ڪا منزل تائين پهچڻ لاءِ جدوجهد جي تاريخ ڏني.

سندس اخبارن، سنڌي ٻوليءَ جي رسالن ۾ شايع ٿيل مضمونن، خاڪن توري سفرنامن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي، ان کان علاوه سائين امام راشدي صاحب جا اهي سوَنِ جي تعداد ۾ سنڌي ٻوليءَ کان علاوه انهن مضمونن ۽ مقالن کي پڻ سهيڙيو وڃي جيڪي اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڇپيا.

سنڌ جي هن ليکڪ ڌرتيءَ ۽ سرتي جي لاءِ پير پٿون ڪيا آهن، ادبي حوالي سان سندس الڳ مقام آهي. هن سنڌي اخبارن کان پوءِ اردو ٻوليءَ جي وڏي ۾ وڏي اخبار روزاني جنگ اخبار ۾ لکيو ۽ مڊويڪ مئگزين، رابطہ، نونھال، اخبار اردو، پيغامِ آشنا، دانش، وطن دوست، اخبار جھان، سکي گهر، قومي زبان، اظھار ۽ ٻين اردو رسالن ۾ سندس تحريرن کي باقائدگي سان ڇپيو ويو.

هن جو سنڌي ادبي سنگت کان علاوه ٻين ادبي جماعتن سان پڻ گهرو واسطو رهيو آهي.

سندس ھڪ ڪتاب پير حسام الدين راشدي، علمي ۽ تحقيقي ڪارناما ترجمو ٿيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا