; سنڌي شخصيتون: بيگو خان مسخرو

28 November, 2021

بيگو خان مسخرو

بيگو خان مسخرو

سنڌ جو لوڪ مسخرو

غلام حسين لغاري



ٽي ڏهاڙا اڳ ۲۸ فيبروري تي سنڌ جي لوڪ مسخري محمد فقير جي ۳۳ هين ورسي ملهائي وئي. اڄ وري سنڌ جي هڪ ٻئي ڀلوڙ لوڪ مسخري خان صاحب بيگي خان جي پنجين ورسي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي منفرد مزاحيه فن وسيلي مرڪون وکيريندڙ هي لوڪ مسخرو ۳ مارچ ۲۰۱۳ع تي فالج جي بيماري ڪارڻ هي فاني دنيا ڇڏي پنهنجي پويان لکن جي انگ ۾ سوڳوار چاهيندڙ ۽ خاندان جا ماڻهو ڇڏي هليو ويو هو. هن وقت پاڻ ٽنڊي آڊم لڳ آبائي قبرستان حمزوخان ملوکاڻي ۾ ابدي آرام ۾ ستل ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي جي نظرن کان اهڙي طرح اوجهل آهي جهڙي طرح محمد فقير مسخرو گذريل ۳۳ سالن کان اوجهل رهندو پيو اچي.



وري به شابش آهي خان صاحب بيگي خان جي پونئيرن کي جيڪي پنهنجي حيثيت آهر سادي تقريب وسيلي هن لوڪ مسخري جي ورسي ملهائي کيس ياد ڪندا ۽ ڀيٽا ڏيندا آهن. سنڌ جو ثقافت کاتو پري جي ڳالهه آهي پر سنڌ جون مک فنڪار تنظيمون به اهڙن لوڪ فنڪارن کي ياد نٿيون ڪن.

افسوس آهي جو سنڌ جا اهي لوڪ مسخرا سنڌ ۾ پئدا ٿيا ۽ سنڌي ٻولي سان وابسته رهيا جنهن ڪري ئي پنهنجن جي آڏو بيوس ۽ نظرانداز رهيا، دنيا جھي ٻين ٻولين وارا مسخرا هن وقت به اسانجي سنڌي لوڪ مسخرن کان وڌيڪ خوشحال، آسودا ۽ ڏسڻ وٽان ملندا.

مرحوم خان صاحب بيگي خان کوسي جي مزاحيه فن ۾ اچڻ جو ذڪر ڪبو ته پاڻ دادو واري محمد فقير مسخرو، ماتلي جي قادو شيدي ۽ سنڌ جي ٻين مسخرن جي مسخري کان متاثر ٿي سنڌ جي لوڪ مزاحيه فن ۾ پير پاتو ۽ هلندي هلندي سنڌ جي ڀلوڙ مسخرن واري صف ۾ داخل ٿي ويو. مرحوم بيگو خان شاهه عبداللطيف رح جي ميلي تي محمد فقير مسخري سان گڏجي به مسخري ڪندو هو ۽ ٻنهي جي جوڙ سبب ميلي تي آيل شائقين جن جو لاڳاپو سنڌ جي ٻهراڙين سان هوندو هو کين نقد رقم ڏئي سندن حوصلي افزائي ڪندا هئا، جنهن سان سندن گهر جو خرچ هلندو هو.

جڏهن محمد فقير مسخرو ۽ ماتلي وارو قادو شيدي هن فاني دنيا مان هليا ويا ته سنڌ ۾ مزاحيه فن جو بظاهر ته وڏو خال محسوس ٿيو هو پر اڳتي هلي اهو خال هن لوڪ مسخري پورو ڪيو جيڪو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن اندر منعقد ٿيندڙ ميلن، شادين ۽ خوشين جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ ٿي ماڻهن ۾ مرڪون ونڊيندو رهيو.هن لوڪ مسخري به محمد فقير وانگر ڪجهه شاگرد به ميدان ۾ آندا جن مان جوهي ضلعي دادو جو آچر فقير مسخرو به ڪجهه سال اڳ انتقال ڪري چڪو آهي جنهن جو پٽ به لوڪ مسخريءَ ۾ پير پائي چڪو آهي. اهڙي طرح خان صاحب بيگي جا ٻه شاگرد ٽنڊو آدم جا ڪنڊو لاشاري ۽  سندس فرزند سڄڻ فقير سروٽو به هن لوڪ فن ۾ شامل آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهن کي مرڪون ونڊين ٿا. ڪنڊو لاشاري هن وقت شگر ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا آهي جنهن کي به بچائڻ جي سخت ضرورت آهي.سڄڻ عرف سروٽو فقير به سخت مالي بحران ۾ آهي ۽ ڪکاون گهرن ۾ رهي ٿو، جنهن کي به ثقافت کاتي ۽ فنڪار تنظيمن جي سهڪار جي ضرورت آهي.

مرحوم خان صاحب بيگو خان مسخرو جنهن اڌ صدي وارو ڊگهو عرصو سنڌي لوڪ مسخري واري فن کي ارپيو،  اهو وساري نٿو سگهجي ۽ سندس ونڊيل مرڪون اڄ به سنڌي ماڻهن جي چهرن تي ڇانيل آهن جنهن لاءِ هو خراج تحسين جي لائق آهي. سنڌ جي لوڪ مسخرن جي وڇوڙي سان سنڌ جي لوڪ مسخري کي هڪ وڏو نقصان پهتو آهي ۽ لوڪ مسخريءَ جو وجود ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو پيو وڃي جنهن کي بچائڻ جي سخت ضرورت آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا ساڃاهه وندا اڳتي وڌن ۽ لوڪ مسخري واري فن کي بچائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سنڌ جي ثقافت کاتي جي موجود قيادت يعني لاڳاپيل وزير ۽ سيڪريٽري سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪافي سرگرم آهن پر سنڌ جا لوڪ مسخرا نه ڄاڻ سندن نظرن کان اوجهل ڪهڙي سبب آهن جن تي به هڪ نظر وجهڻ گهرجي. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته سنڌ جي لوڪ مسخري کي بچائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن جن ۾ لوڪ مسخري جي اڪيڊمي جي قيام سان گڏ سنڌ جي لوڪ مسخرن جي سروي ڪرائي انهن جي مالي حالت بهتر بنائڻ لاءِ اپاءَ پڻ ورتا وڃن. سيڪريٽري ثقافت سنڌ سرڪار کي گهرجي ته جڏهن پاڻ پنهنجي ڳوٺ جو چڪر هڻي ته ڪجهه وکن تي قائم ٽنڊي آدم جو رخ به ڪري ۽ ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ حمزي خان ملوڪاڻي وڃي  خانصاحب بيگي خان مسخري جي جهوپڙي واري گهر ۽ سندس پونئيرن جي حالت زار ڏسي. اهڙي طرح جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو لوڪ مسخرن جي ورسي ملهائي نٿو سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ هر سال ورسي لاءِ ڪجهه معاوضو مقرر ڪري جو سندن وارث سٺي نموني سان سندن ورسي ۽ سالگرهه وارا پروگرام منعقد ڪري سگهن.

No comments:

راءِ ڏيندا