; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالقدير خان

01 November, 2021

ڊاڪٽر عبدالقدير خان

ڊاڪٽر عبدالقدير خان

قومي هيرو ۽ ائٽمي سائنسدان جي موڪلاڻي!

عبدالفتاح عباسي



وطن جي حب، سڪ ۽ محبت هر هڪ ماڻهوءَ ۾ قدرتي طور ٿئي ٿي، جنهن سرزمين خطي ۾ ماڻهو رهي ٿو، انهيءَ ماتر ڀومي سان قدرتي طرح پيار محبت ۽ الفت رهندي آهي ۽ انهي سرزمين جي تحفظ حفاظت ۽ انهيءَ مٿان دشمنن جي وار کي روڪڻ لاءِ هر هڪ محب وطن جو قومي فرض آهي، اسان جي ملڪ پاڪستان جي چئني صوبن سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا، پنجاب جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پنهنجي جوانن ڪيترا ئي ڀيرا دشمنن جي وار کي ناڪام بڻايو، بار بار بزدلانه سوچ رکندڙ دشمن جي ڌمڪين کان پوءِ آخرڪار پاڪستان جي قومي هيرو ائٽمي سائنسدان عبدالقدير خان پنهنجي ساٿين سان ايٽم بم ٺاهي دشمنن کي پهرين مات ڏيئي ڇڏي.


قومي هيرو ائٽمي سائنسدان عبدالقدير خان جي پيدائش پهرين اپريل ۱۹۳۶ع ۾ ڀوپال انڊيا ۾ ٿي، سندس وصال ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ۸۵ سالن جي ڄمار ۾ ٿيو. ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۱۹۷۶ع ۾ خان ريسرچ ليباريٽري (ڪي آر ايل) کولي، جنهن جو هي پهريون ڊائريڪٽر ٿيو. هن قومي هيرو کي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو اعزاز نشان امتياز ۱۹۹۶ع، ۱۹۹۹ع ۾ مليو، کيس صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ سائنس ايڊوائيزري ۾ کنيو ويو، پاڪستان جي هن نيوڪليئر سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي پوري دنيا جا ماڻهو اي ڪيو خان ۽ “محسن پاڪستان” جي نالي سان به سڃاڻين ٿا، پروفيشنل طور تي عبدالقدير خان پنهنجي پيشي سان نهايت مخلص ۽ نيڪ نيت رهيو، هيءُ پاڪستان جي وجود کان اڳ انڊيا جي ڀوپال ۾ پيدا ٿيو ۽ ۱۹۵۱ع ۾ لڏپلاڻ ڪندي پاڪستان آيو، جتي هن پوري زندگي پاڪستان ۾ گذاري ڇڏي ۽ پنهنجي سموري حياتي پنهنجي ملڪ پاڪستان تان قربان ڪرڻ جي جذبي سان رهيو، هن قومي ۽ عظيم ائٽمي سائنسدان هيرو جي ڏينهن رات جي محنتن، جدوجهد، ڪوششين، ڪاوشن رنگ لاتو ۽ دنيا ڏٺو ته پاڪستان ڪهڙي طرح پنهنجي سگهه رکي ٿو ۽ دنيا جي سمورن دشمنن کي ڏندين اڱريون آڻيندي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، انهي ۾ ڪنهن سياستدان، رانديگر، کلاڙي جو ڪو به ڪمال نه هو، سواءِ هڪ انٽر نيشنل سطح جي سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي، جنهن اها ڳالهه پنهنجي دور اقتدر ۾ ورجائي هئي ته اسان به ٻين ملڪن جهڙي سگهه حاصل ڪري دشمنن کي مات ڏيڻ جي ايجاد رکون ٿا. 

بدقسمتي سان هن قومي هيرو ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي آمريڪا سامراج جي چرچ تي آمر مشرف هڪ نام نهاد الزام لڳائي ۲۰۰۸ع کان تڪراري شخصيت ۽ سائنسدان قرار ڏيئي گهر ۾ نظربند ڪري رکيو، اها ڳالهه ڪنهن قومي درد رکندڙ شخصيت کان پڇا ڪئي وڃي ته هن جو ڪيڏو نه ڪارائتو ۽ محنت ڀريو ڪم هو ۽ لکين ڪروڙين انسانيت جي بچاءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري ويو، هن ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ جهڙي طرح اسان جا جوان پتوڙي رهيا آهن، اهڙي طرح ئي هن جوان مرد قومي هيرو ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان ڪمال ڀريو فارمولو ايجاد ڪري دشمنن کي هڪ طرح للڪاري ويو، جنهن ڏينهن تي هن قومي هيرو اي ڪيو خان ائٽم بم ٺاهيو هو ته انهي ڏينهن تي سڀ کان وڌيڪ زلزلو، موت جو ڪارڻ افسوس ۽ ڏک ڪنهن کي ٿيو هو، سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو ته بظاهر ته کڻي چئجي ته هندستان کي ٿيو هجي پر حقيقت ۾ انهي ڏهاڙي آمريڪا جي اندر وڏي هلچل مچي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته سامراجي قوتن بالادستي جي پڄاڻي ٿيڻ لڳي هئي. 

هر هڪ شخصيت ۾ پنهنجو سحر، پنهنجو جذبو، پنهنجو ڪمال ۽ پنهنجي ملڪي محبت جو مظهر ٿئي ٿو، ڪمال ڀري شخصيت ۾ قومي هيرو ائٽمي قوت بڻائيندڙ سائنسدان ڊاڪٽر عبدلقدير خان سرفهرست ۽ نمايان آهي. اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، هن جي محنتن، ڪوششن ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. حديث پاڪ آهي، جنهن جو مفهوم آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جيڪو دين اسلام، ملڪ جي حفاظت لاءِ تير ٺاهي ٿو، تير هلائي ٿو، اهو جنتي آهي، ته توهان ته ائٽم بم ٺاهيو آهي، توهان ڪروڙين انسانن جي بچاءَ ۽ حفاظت لاءِ تاريخي ڪم ڪري ڏيکاريو، بين الاقوامي عظيم شخصيت قومي هيرو ڊاڪٽر عبدالقدير خان سچو پڪو عاشق رسول، عاشق اهلبيت پاڪ، عاشق صحابه ڪرام، عاشق اولياءَ الله هو، سندس اها صفت سواءِ عاشق رسول کان ممڪن ناهي. محبت رسول جو محور ۽ مرڪز انسانيت جي خير خواهي سان ڀرپور آهي. هن تحريڪ تحفظ پاڪستان هڪ سياسي پارٽي به ٺاهي هئي. اهڙيءَ طرح هن عظيم شخصيت سان پنهنجي ملڪ جو ٻچو ٻچو هر ننڍو وڏو انتهائي عقيدت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن عظيم انسان اي ڪيو خان جهڙي طرح پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ انمول ۽ تاريخ ساز پيش قدمي ڪندي دشمنن جي اندر واويلا وارو ماحول برپا ڪري انهن جا منصوبا مليه ميٽ ڪندي انهن کي روز روز جي ڪوڙين ڌمڪين کان باز رکيو.

هن وقت پاڪستان به پنهنجي ائٽمي قوت سان مالا مال سگهه رکندڙ ملڪ آهي، پاڪستان جي هن مخلص سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي اوچتي وڇوڙي تي پوري ملڪ جي عوام کي ڏاڍو ڏک ۽ تڪليف پهتي آهي. هن جي وڇوڙي تي مذهبي جماعتن، سياسي پارٽين سميت تمام مڪاتب فڪر جي ماڻهن هن عظيم هيرو جي وڇوڙي کي هڪ قومي نقصان قرار ڏنو آهي ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا گهرندي چيو آهي ته الله تعاليٰ پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي صدقي مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان جا درجات بلند ڪري ۽ سندس پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،  

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي. (شاهه) 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


عبدالقدير خان

پاڪستان جو محسن ۽ ناليوارو ايٽمي سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جو محسن ۽ ناليوارو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۸۵ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، اپوزيشن ليڊر شهباز، پ پ چئرمين بلاول ڀٽو  زرداري ۽ ٻين اڳواڻن پاران ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڦڦڙن ۾ تڪليف جي ڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ خالق حقيقي سان وڃي مليو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي صبح ۶ وڳي ڪي آر ايل اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ان جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي هئي، ڊاڪٽرز ايٽمي سائنسدان کي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر صبح ۷ لڳي ۴ منٽ تي هو فاني جهان مان هميشه لاءِ هليو ويو.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به ڊاڪٽر عبدالقدير جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته محسن پاڪستاني جي طبيعت ڪجهه عرصي کان ٺيڪ نه هئي.

سڌ سماءُ بابت مملڪتي وزير فرخ حبيب به ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي محسن جو وڇوڙو قومي سانحي کان گهٽ ناهي.

قائد اعظم پاڪستان ٺاهيو پر ڊاڪٽر قدير پاڪستان کي محفوظ بڻايو: سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قائد اعظم پاڪستان بڻايو پر ڊاڪٽر قدير پاڪستان کي محفوظ بڻايو.

محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته ملڪ ۽ قوم اڄ پنهنجي پاڪستان جي محسن کان محروم ٿي ويا آهن.

سراج الحق جو چوڻ هو ڊاڪٽر عبدالقدير خان صرف هڪ سياستدان ئي نه پر هڪ ليکڪ، عالم ۽ قوم جو ڏک سور رکڻ وارو با عمل مسلمان هو، هن جي لاڏاڻي تي نه صرف پاڪستان پر پوري امت مسلمه جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي زندگي تي هڪ نظر

ڪراچي(م ڊ) ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۱۹۳۶ ۾ ڀارت جي شهر ڀوپال ۾ پيدا ٿيو ۽ هندستان جي تقسيم کانپوءِ ۱۹۴۷ ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان هجرت ڪري پاڪستان آيو ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين.

ڊاڪٽر عبدالقدير خان انجنيئرنگ جي ڊگري ۱۹۶۷ ۾ نيدرلينڊ جي هڪ يونيورسٽي کان حاصل ڪئي، هن بيلجيئم جي هڪ يونيورسٽي کان ميٽلر جيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي، ان کانپوءِ ايمسٽرڊيم ۾ فزيڪل ڊائنامڪس ريسرچ ليباريٽري جوائن ڪئي.

تاريخ ۲۸ مئي ۱۹۹۸ ۾ پاڪستان ڀارتي ايٽم بم جي تجربي کانپوءِ ڪامياب تجربو ڪيو، جنهن جي نگراني ڊاڪٽر قدير خان ئي ڪئي هئي.

پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پهرين پاڪستاني آهي جنهن کي ٽن صدارتي ايوارڊز سان نوازيو ويو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ٻه ڀيرا نشان امتياز به ڏنو ويو، ان کان علاوه هن کي هلال امتياز سان به نوازيو ويو آهي..

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر عبدالقدير خان

ايٽم بم جو ابو

اعجاز منگي

هو گذريل ڏينهن گذاري ويو. هو جيڪو پاڪستان ۾ ايٽمي پروگرام جو ابو سمجهيو ويندو هو. هو جيڪو زيڊ اي ڀٽو جي دور ۾ هالينڊ کان پاڪستان آيو. هو جيڪو جنرل ضياءَ جي دور تائين حڪومتن جو لاڏلو رهيو. هو جنهن کان ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه جو پڇاڻو نه ڪيو ويو پر جڏهن آمريڪا پاڪستان کي مشرف دور ۾ سوڙهو ڪيو هو ۽ پاڪستان مٿان اهو الزام عائد ٿيو هو ته پاڪستان ايران، لبيا ۽ اتر ڪوريا کي ايٽمي ٽيڪنالاجي ڏني آهي، تڏهن ان سموري الزام جو ذمو هن پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ ان کان پوءِ ملڪ اندر هن جو مشڪل دور شروع ٿيو. هن جي لاءِ اهو خوف عام هو ته ڪنهن به وقت آمريڪا هن کي اغوا ڪرائي سگهي ٿو ۽ پاڪستان جي ايٽمي رازن تائين رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو. ان ڪري هو ۲۰۰۴ع کان وٺي نظربند هجڻ جيان پهري هيٺ رهيو. هن عدالتن جو رخ به ڪيو ۽ پنهنجي آزاد چرپر جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون به ڪيون. پر هن کي آخر تائين من پسند آزادي نه ملي سگهي. هو جيڪو ڪڏهن ڪڏهن بيزار ٿي اسلام آباد ۾ گهر آڏو فٽ پاٿ تي ويهي رهندو هو. هن کي محسوس ٿيندو هو ته هن جو ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي. پر ظاهر آهي ته آخر هو ڪو عام ماڻهو نه هو. هو ڊاڪٽر عبدالقدير خان هو. هن کي پنهنجي حاصلات تي ناز هو. پاڪستان ۾ ڀارت مخالف جذبو رکڻ وارا ماڻهو هن کي ملڪ جو محسن سمجهندا هئا. جڏهن هن کي اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف ميڊيا تي اچي ايٽمي پروگرام کي ڦهلائڻ جي ڏوهه جو اعتراف ڪندي معافي وٺڻ جو چيو هو، تڏهن پاڻ مشرف به چيو هو ته هو ڪڏهن ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي پنهنجو هيرو سمجهندو هو. پر جڏهن هن ميڊيا تي اچي معافي گهري ۽ هن کي پرويز مشرف معاف ڪيو، تڏهن هڪ نئون مباحثو شروع ٿيو.

ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي مٿان اصل الزام ڪهڙو هو؟ ڇا هن جي مٿان اهو الزام هو ته هو مذهبي انتهاپسنديءَ جو حامي آهي؟ ڇا هن جي مٿان ڪنهن فرقي سان لاڳاپيل هجڻ جي تهمت مڙهي وئي هئي؟ هن کي ملڪ جو مخالف به نه ڪوٺيو ويو هو ۽ نه ڪنهن ڌارين ملڪ جي حوالي سان هن مٿان ڪا آڱر کنئي وئي هئي. هن جي باري ۾ جيڪا ڇڪتاڻ شروع ٿي هئي، اها ان حوالي سان هئي ته ايران، لبيا ۽ اتر ڪوريا کي ايٽمي پروگرام جا راز وڪرو ڪيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو ملڪي تحفظ جي حوالي سان اسلامي دنيا ۾ مشهور نالو هو. جڏهن پاڪستان ايٽمي بم تيار ڪري ورتو هو ۽ اڃان چاغيءَ وارو ڌماڪو به نه ٿيو هو، تڏهن به مسلمان ملڪ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي فخر ڪندا هئا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي جيتري موٽ وچ اوڀر مان ملي، ان جو سبب به پاڪستان جو ايٽمي پروگرام هو پر اها به حقيقت آهي ته پرويز مشرف کان اڳ ۾ ئي هن کي حڪومتي سطح تي پاسيرو ڪرڻ جي ڪوشش شروع ٿي وئي هئي. ڇو ته جنهن وقت ڀارت راجستان جي علائقي پوکران ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو هو، تڏهن پاڪستان جي مٿان آمريڪا جو تمام گهڻو بار هو ته هو ڀارت جي موٽ ۾ ايٽمي ڌماڪو نه ڪري. ان وقت ميان نواز شريف جي حڪومت هئي. ان مهل کان وٺي ميان نواز شريف ايٽمي ڌماڪي جو ڪيترو به ڪريڊٽ کڻڻ چاهي پر پاڪستان جي سياست سمجهڻ وارن کي پتو آهي ته اهو فيصلو ڪنهن ڪيو هوندو؟ اها ڳالهه هن مهل تائين رڪارڊ تي موجود آهي ته ميان نواز شريف چاغيءَ واري ايٽمي ڌماڪي جو فائدو حاصل ڪندي، پيدا ٿيل لڙ ۾ “ڪالا باغ ڊيم” جو لولو پچائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ان ۾ ڦٻي نه سگهيو هو.

جنهن وقت پاڪستان چاغيءَ ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪري رهيو هو، ان وقت ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي صرف ۱۵ منٽ اڳ ۾ آندو ويو هو. جڏهن ته تجرباتي ڌماڪي جون سموريون تياريون ڊاڪٽر ثمر مند جي نگرانيءَ ۾ ٿيون هيون ۽ ان ڳالهه تي ڊاڪٽر اي ڪيو خان تمام گهڻو ناراض به هو. پر ميان نواز شريف کان وٺي پرويز مشرف تائين پاڪستان جي حڪمرانن جيڪو انداز اي ڪيو خان سان اختيار ڪرڻ شروع ڪيو هو، اهو ڪڏهن سوچيو به نه ويو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڊاڪٽر اي ڪيو خان کي ملڪي هيرو ٿيڻ جو آخر تائين شوق هو. دنيا جا اڪثر سائنسدان شهرت ۽ خاص طور تي ميڊيا کان گهڻو ٽهندا آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي نه صرف ميڊيا ۾ تمام طاقتور لابي هئي پر هو پاڻ به اردو ۾ ڪالم لکندو هو. هن جي لاءِ مشهور هو ته هو ملڪي توڙي غير ملڪي صحافين سان شوق سان ڪچهريون ڪندو آهي ۽ هن جو فيورٽ ٽاپڪ هندستان کان پاڪستان طرف ڪيل هن جي هجرت هئي. هو جيڪو ۱۹۵۲ع ڌاري پاڪستان آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڌاتن جي علم جي ڊگري حاصل ڪري هالينڊ هليو ويو ۽ بعد ۾ اتي جوهري ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪندي هن پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي خط لکيو هو ته هو پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائي سگهي ٿو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو هن کي هالينڊ کان پاڪستان منتقل ٿيڻ ۽ هتي مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪيو.

هو سياسي طور تي پنهنجين لکڻين توڙي ڪچهرين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي پاڪستان جو وڏو محب وطن حڪمران ۽ سياستدان قرار ڏيندو هو ۽ جڏهن هن کي زندگيءَ جي پوين سالن ۾ اڪيلائيءَ جي پيڙائن مان گذرڻو پيو ته هو ڪاوڙ ۾ ان ڳالهه جو اظهار به ڪندو هو ته ملڪي حڪومتون ملڪي جي محسنن سان انصاف نه ٿيون ڪن. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي باري ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته هن پنهنجي نالي سان ڪيترائي ادارا جوڙي هلرائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ادارن ۾ هڪ ادارو “آءِ بي ايس” (IBS) انسٽيٽيوٽ آف بهيوريئل سائنسز به آهي. اهو ادارو هن ملڪ جي مشهور ماهر نفسيات ڊاڪٽر هارون احمد سان گڏجي وجود ۾ آندو هو ۽ بعد ۾ پاليسين جي سلسلي ۾ اختلافن جي ڪري هو پاڻ ان اداري جو مالڪ بڻجي ويٺو.  آءِ بي ايس جو ڪيس به عدالت تائين ويو. اهو معاملو وڏي حد تائين ميڊيا ۾ به ظاهر ٿيو. ڊاڪٽر اي ڪيو خان تي ڪڏهن به بنيادپرستيءَ جو الزام مڙهي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته اها ٻي ڳالهه آهي ته هن کي اهو افسوس ضرور هو ته جيترو هن جو قدر ٿيڻ گهرجي ۽ جيترو هن کي هيرو بڻائي ملڪ ۾ مشهور ڪرڻ گهرجي، اهو ڪجهه حڪمران نه ٿا ڪن. اهو سوچي هو اهو ڪم پاڻ ڪندو هو. هو ملڪ جي باري ۾ تمام گهڻو حساس رهندو هو. هن جي حوالي سان اها ڳالهه به مشهور آهي ته جڏهن ڀارت پاڪستان جي مٿان حملو ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو، تڏهن هن جي ڌمڪيءَ سبب ڀارت کي پنهنجو ارادو تبديل ڪرڻو پيو.

ڊاڪٽر عبدالقدير جي باري ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ماڻهن کي معلوم ناهن ۽ جيڪي معلوم آهن به ته اهي کولي بيان نه ٿيون ڪري سگهجن. ڇو ته هو صرف ايٽم بم جي نه پر قومي سلامتيءَ جي حوالي سان به تمام گهڻي حساس شخصيت جو مالڪ مڃيو ويندو هو. هن جي باري ۾ گهڻو ڪري خاموشي اختيار ڪئي ويندي هئي. پر گذريل ڏينهن جڏهن هو اسلام آباد ۾ گذاري ويو ته هن جي جنازي کي نه صرف قومي جهنڊي ۾ ويڙهيو ويو پر وزير اعظم توڙي وڏن وزيرن  ۽ ملڪ جي گهرو وزير توڙي شيخ رشيد هن جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي، ملڪي پرچم کي سرنگون ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن کي قومي وقار ۽ پوري رياستي پروٽوڪول سان دفن ڪيو ويو پر ميڊيا ۾ هن جي لاءِ نرم گوشو رکندڙ لابي توڙي ملڪي سياست ۾ هن جي حوالي سان مختلف موقف رکندڙ ماڻهن هن سان ٿيل سلوڪ جي باري ۾ پنهنجي پاران افسوس جو اظهار به ڪيو آهي.

ملڪ جو مشهور سياستدان مشاهد حسين جڏهن ملڪ جو مشهور صحافي هو، تڏهن ڀارت جي مشهور صحافي مرحوم ڪلديپ نير کي پنهنجي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ وٺي  آيو هو ۽ هن ڪلديپ نير جي فرمائش تي هن جي ملاقات ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان ڪرائي هئي. ان ملاقات جي دوران ڪلديپ نير ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي چيو هو ته مان سيالڪوٽ جو ڄائو آهيان ۽ هاڻي نئين دهليءَ ۾ رهان ٿو، جڏهن ته اوهان ڀوپال ۾ پيدا ٿيا ۽ هاڻي اسلام آباد ۾ رهو ٿا، ورهاڱو ته ڪنهن رڃ جهڙو هو. ان تي ڊاڪٽر عبدالقدير خان ڪلديپ نير کي جواب ڏنو هو ته اوهان جيڪو ڪجهه به چيو اهو تاريخ جو حصو آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو تاريخ جو حصو آهي، اسان تاريخ کي تبديل ڪري نه ٿا سگهون. ان ڪچهريءَ ۾ ڊاڪٽر اي ڪيو خان پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه ڳالهايو هو، اهو بقول ڊاڪٽر عبدالقدير جي ته ڪلديپ نير بنا اجازت جي شايع ڪرايو هو. پاڪستان ۾ ايٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، اهو به تاريخ جو حصو آهي. اسان تاريخ جي ان حصي کي فراموش ڪرڻ به چاهيون ته فراموش نه ٿا ڪري سگهون.

تاريخ تبديليءَ جو هميشه وهڻ وارو وهڪرو آهي. جيڪا حيثيت ابتدا ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي هئي، اها وقت گذرڻ سان ساڳي نه رهي ۽ ان جو افسوس به فطري ڳالهه آهي. ڪالهه تائين ڊاڪٽر ثمر مند جي باري ۾ ميڊيا ڪيڏو وڏو طوفان پيدا ڪيو هو پر اڄ ان طوفان جي شدت ساڳي ناهي. وقت تبديل ٿيندو رهي ٿو ۽ وقت سان گڏ وقت کي پنهنجي نالي جي ڇاپ ڏيندڙ شخصيتون اچن ٿيون ۽ وڃن ٿيون. ڊاڪٽر عبدالقدير جو به هڪ دور هو ۽ ان دور ۾ جيڪا شهرت هن جي حصي ۾ آئي، اها پاڪستان جي ڪنهن ٻي سائنسدان جي حصي ۾ نه آئي. هن کي جهڙي طرح پوئين دور ۾ پيڙا ڀوڳڻي پئي، اهڙي پيڙا به ٻيو ڪنهن سائنسدان جي حصي ۾ نه آئي. اڄ ڊاڪٽر اي ڪيو خان ناهي ۽ پرويز مشرف پرڏيهه ۾مريضن واري بيڊ تي ستل آهي. جڏهن ته تاريخ پنهنجي مخصوص رفتار سان روان دوان آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر عبدالقدير خان

محسنِ پاڪستان جو وڇوڙو ۽ خابرو ادارن جون خبرون!

عبداش پنھور

سنڌ سميت سنسار جي سنبت واري سفر ۾ اها تاريخي طور کوجنا ڪرڻي پوندي ته لفظ ڀوپال، نيپال، کٽمنڊو ۽ ڪرناٽڪ سميت سنڌي ٻوليءَ جي انهن ملندڙ جُلندڙ ويچار وکر سان خطي جي ماڻهن جو ڪهڙو لاڳاپو رهيو آهي؟ ها! هو جڏهن ڀوپال ۾ ڄائو هو، تڏهن سندس ٻالڪپڻ جا اهي هڪجيڏا ضرور تنهن سوڳ ورتل هوندا ته “مرد” همراهه هاڻي جڳت ۾ ناهي رهيو. لفظ مرد ۽ همراهه گهڻي ڀاڱي هاڻوڪي هندستان ۾ پڻ گهڻو ورجايو ويندو آهي، جيڪي ڏکڻ سامونڊي پرڳڻا آهن. لاکيڻي لطيف جي ٻولي وري خطي، ٻولين جي لهجن جو اهڙو وکر، وڻجارن جي واٽ تان وڌيڪ ملندو آهي. ساڃاهه سان سُڌ جو اهڙو سماچار سلوڪ پچار ۾ ديس دنيا جي تمام وڏي مهان انسان ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي تاريخ سان واڳيل آهي، جنهن کي مُحسنِ پاڪستان سڏيو ويندو آهي. تنهن ڪيتري ڀوڳنا ڀوڳي، اهو تاريخ جو سفر هاڻ عالمي خابرو ادارا لوڪ نروار ڪري رهيا آهن.

ڏيهه ۽ ڏيساور جي سموري جڳت ۾ سائنسدان سُڃاڻپ رکندڙ ڊاڪٽر عبدالقدير خان اٽڪل ۸۵ سالن جي ڄمار ۾ بهارون پسي پساهه پرواز ڪيو ۽ جڏهن اهو وقت پُنو ته سرڪاري طور سوڳ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ساڳئي وقت لوڪ پچار ۾ تاريخ اٿلي پئي ته برک سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان بابت پ پ پ باني جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور جو تمام وڏو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ۱۹۷۶ع گهرايو ويو هو. ساڳئي تسلسل ۾ پ پ پ چيئرپرسن ۱۹۸۹ع ۾ بطور وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ کيس قومي سولين اعزاز هلال امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو هو. تاريخ جو اهو حوالو به اٿلي پيو ته “محسن پاڪستان” ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ۲۶ آگسٽ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي سُڃاڻپ ٿي هئي ۽ زيرِ علاج هو.

ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۲۷ اپريل ۱۹۳۶ع ۾ ڀوپال ۾ پيدا ٿيو. لفظ ڀوپال سان هن ڏک ورتل وقت ۾ رڳو رنج جو ئي رشتو جُڙي سگهي ٿو. اهو محمد حنيف نه عالمي خابرو اداري بي بي سي سان واڳيل صحافي آهي، نه وري مشهور ڪرڪيٽر محمد حنيف آهي. پر ڀوپالي محمد حنيف اسان جي ڪراچي شهر جي مشهور سر عبدالله اي هارون روڊ تي منهنجي آفيس جي ڀرسان هڪڙو ڪيبن وارو شخص هو، اٽڪل ۲۰ سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن هڪڙي ڀيري سنڌي ٻوليءَ ۾ مون کان پڇيائين ته “سائين اوهان ڇا ڪندا آهيو؟” مون پنهنجي ڪرت ٻڌائي. ڪچهري اڳتي وڌي ته سياسي تعارف ۾ هڪٻئي جا پاڙيسري دوست بنجي وياسين. محمد حنيف به ڀوپالي هو، ڀٽو مخالف پي اين اي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. ظهورالحسن ڀوپالي جهڙن اڳواڻ جو ڪارڪن هو. ورهاڱي وقت لڏپلاڻ وقت اهو ڪڙم نوابشاهه آيو هو ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو. نواب شاهه جي تعارف ۾ برک ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ سيد رشيد احمد شاهه ترقي پسند شاعر احمد ضياءُ مذهبي اڳواڻ جي يو پي صديق راٺوڙ کي تمام گهڻو سُڃاڻي پيو. سياسي ڪارڪن ڀلي ڪهڙي پارٽي ۾ هوندو پر پنهنجي سياسي مخالف بابت ڄاڻڪاري ضرور رکندو آهي. اهو عاقل هوندو آهي پر غافل نه هوندو آهي. محمد حنيف جو ڀوپالي هجڻ ۽ پوءِ سموري انداز ٻولي، لهجي تي ڳالهائڻ دوران اهو پهريون سوال منهنجي ميڄالي تي صفا ويهي ويو ته تاريخي طور لفظ ڀوپال، نيپال، کٽمنڊو ۽ ڪرناٽڪ سميت سنڌي ٻولي جي انهن ملندڙ جُلندڙ ويچار وکر جي ضرور کوجنا ڪرڻي پوندي. جڏهن محمد حنيف ڀوپالي جون مون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن تازو ئي جنرل پرويز مشرف، ڊاڪٽر عبدالقدير خان خلاف جيڪو ايڪشن ورتو، تنهن ڳالهه تي گهڻا ئي ماڻهو رنج هئا. انهيءَ رنج ۾ عام شهري محمد حنيف ڀوپالي جو رنج پڻ شامل هو. اهو رنج ڇا آهي، جيڪو درد کي پڌرو ڪري ٿو ڇڏي، تنهن جو تاريخ ۾ اهو به هڪڙو سياسي اختلافن هوندي حوالو ملي ٿو ته هڪڙي ڀيري حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ اچي سائين جي ايم سيد کي خبر ٻڌائي ته قائداعظم محمد علي جناح لاڏاڻو ڪري ويو آهي، چون ٿا اها خبر به ڪوڙي هئي پر سائين جي ايم سيد روئي پيو هو. ٻئي ڀيري جُنيد سومرو (مرحوم) شڪارپور ۾ سپوت سنڌ الهه بخش سومرو شهيد جي ورسيءَ تي تُربت ڀرسان اهو روئڻ جو واقعو ٻڌايو هو، ٽيون ڀيرو روبرو ملاقات ۾ سال ۱۹۸۸ع دوران سائين لائق سنڌي واري انٽرويو دوران (رمضان مهينو هو) پنهنجي پريت پچار ۾ پريمڪا جا پار ياد ڪري رُنو هو. رنج جيڪو لوڪ کان لڪائي به نه ٿو سگهجي، اهو غم بلڪل سنڌي مهان لوڪ راڳي جلال چانڊيو جو ڳايل اهو ڪلام آهي ته “غم دنيا ۾ ٻيا گهڻا پر عشق جو غم ٻي طرح” رنج جي اها رڙ روح ڦٿڪيو ته ان وقت هو جڏهن ڪي سال اڳ ڀارتي اڳوڻو نائب وزيراعظم ايل ڪي آڏواڻي سنڌ آيو هو. هن حيدرآباد ۾ پنهنجو آڏواڻي پاڙو به گهمي ڏسي ورتو هو ۽ ڪراچي به آيو. سنڌ اسيمبلي ۾ تنهن دوري دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار کهڙو دعوت جهلي هئي، ڀرسان کسڪي ويجهو پهچي مون جڏهن سرٻاٽي ٻوليءَ ۾ ڏوراپڪي لهجي ۾ سوال ڪيو ته منهنجي سوال جي جواب ۾ ان جو رنج اکين ۾ ڀرجي آيو هو. سندس ڳوڙها ٽشو پيپرز سان لپيٽيا هئا.

اهو پرويز مشرف جي حڪمراني وارو دور جڏهن ۲۰۰۳ع واري حڪمراني ايڪشن سبب ٻه طرفا لاڳاپا اچ وڃ جا بهتر رستا کُليا هئا، هريرام موٽواڻي سميت اديب شاعر فلمي دنيا سان واڳيل ماڻهن جي اچ وڃ وڌي هئي، وري اچانڪ حالتون ڳنڀير بنجي ويون. مهان راڳي عابده پروين کان لتا منگيشڪر جا آواز کُلي پيا هئا. لتا جو مشهور گيت “منهنجا مٺڙا، منهنجا منڙا” مشهور آهي. خبر ناهي جنرل پرويز مشرف کي ڇا ٿي پيو جو هڪڙي طرف اهڙو ماحول جوڙي ڇڏيو هو ته ٻئي طرف وري نه رڳو ڊاڪٽر عبدالقدير خان خلاف ايڪشن ورتو پر چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي ججز کي صفا جهولائي ڇڏيو هو. ۹ مارچ ڌار واقعو ته مٿان وري ۳ نومبر جو قدم کنيو ويو هو.

اها طرزِ حڪمراني جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ ڳنڀير سوال برپا ڪري ڇڏيا، جيڪي لوڪ پچارجي رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان سندس اولاد سان اهڙو ورتاءُ سلوڪ ڇو ڪيو جو ڌار تاريخ بنجي ويو آهي. رنج جي اهڙي تاريخ سان جُڙيل هڪڙي ڀوڳيل ڀوڳنا هن ڀوپال جنم ڀومي جي مهان انسان سان پڻ لاڳاپيل آهي، جنهن پاڪستان کي پنهنجو آخري وطن سمجهيو، تنهن ملڪ لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ضرور ڏنيون پر تمام وڏي قرباني تاحيات اڻ اعلانيل نظربندي رهي، جيڪا هن وقت عالمي خابرو ادارن جي شه سُرخي بڻيل آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ هڪڙا ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پاناما کان پينڊورا پيپرز جهڙي تاريخ رکن ٿا ۽ ٻيا اهي عظيم ارڏا انسان مهان ماڻهو آهن، بطور وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو بنجي ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي وطن آڻي چون ٿا، اهو ڪم صرف اوهان ئي ڪري سگهو ٿا. جيڪي هُو ڪري به ڏيکاريو ٿو ۽ پوري عالم اسلام ۾ پنهنجي وطن کي ائٽمي طاقت بڻائي وٺي ٿو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا