غلام مرتضيٰ ابڙو
شاندار صحافتي روايتن جي
امين جي موڪلاڻي
نسيم بخاري
شڪارپور جي مٽيءَ مڻيادار
ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن پاڻ ملهايو آهي، پاڻ مڃايو آهي ۽ پنهنجي پويان شاندار اعليٰ
قدرن جي ميراث ڇڏي آهي، جن تي هلي اسان عزتن، شهرتن ۽ عظمتن جا نت نوان عروج ماڻي سگهون
ٿا، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي اوليت به اها آهي ۽ اهڙي اوليت جي پاڻ وٽ ڪا اهميت
به آهي؟ دنيا جو ڪوبه سگهارو قدآور ۽ تاريخي مثبت ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو جڏهن ذهن ۽
ضمير جي اطمينان سان زندگي گهاري وڃي ٿو ته اهو ان جو عمل قطعي ذاتي تسليءَ جي لاءِ
نه هوندو آهي پر ان پويان ان احساس جو به عمل دخل هوندو آهي ته هن کان پوءِ به اها
راهه روشن رهي، زندگيءَ جو مقصد هجي ۽ نتيجي ۾ اهو دڳ دل ۽ ضمير ۾ نت نوان سوجهرا ڪندو
اچي.
شڪارپور ۾ غلام
مرتضيٰ ابڙو بلڪل اتي ئي صحافي زندگي گذاري، جيئن مان مٿي بيان ڪري آيو آهيان، هو
صحافت جي شاندار روايتن جو امين هو، هن جيڪي لاڙا متعارف ڪرايا، اڄ اُهي ڀل ته
خواب لڳن پر پنهنجي پس منظر ۾ حقيقت ۾ بدلجڻ جا تمنائون آهن، ساڀيائن جا طلبگار
آهن ۽ اسان کان اها گهر ڪري رهيا آهن ته اسان انهن جي پوري پوري پيروي ڪريون. غلام
مرتضيٰ ابڙو نه رڳو پاڻ فضيلت ڀري اصولن سان زندگي گذاري پر هن پنهنجي اولاد جي به
اهڙي تربيت ڪئي جيڪا سندن انفراديت جي اهڃاڻ آهي ۽ ٻين کي اهو نپايو ڏئي رهي آهي
ته اوهان به اسان جيان جيئڻ ۽ رهڻ سکو.
جنوري ۱۹۵۶ ۾ رڪ اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ شاهه فلي پور تعلقي
لکي ۾ محمد بچل ابڙو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ غلام مرتضيٰ ابڙو ۲۶ جون ۱۹۷۶ع ۾ لکي در شڪارپور ۾ جنرل اسٽور ۽ نيوز
پيپر ايجنسي کولي، ٻين اخبارن سان گڏ روزاني جنگ به وٽن ايندي هئي. ۱۹۸۸ع ۾ لساني جهيڙا ٿيا ته جنگ جي عيوضي سعيد
آرائين مستقل طور تي شڪارپور ڇڏي ڪراچي جا وڻ وسايا، جنگ جي نيوز ايجنسي ته اڳ ئي
مرتضيٰ ابڙو وٽ هئي بعد ۾ ۱۹۸۸ کان جنگ اخبار ۾ باقاعده صحافت به شروع ڪيائين، جيڪا
پوئين پساهن تائين جاري رهي. پاڻ پريس ڪلب شڪارپور جو صدر رهيو ۽ آخري وقت به نائب
صدر هو. دعا نيوز ايجنسي سان گڏوگڏ بوڪ اسٽور به هلائيندو رهيو، شڪارپور ۾ جيڪڏهن
مطالعي جي شوقين لاءِ اڄ به ڪو واحد مرڪز آهي ته اهو مرتضيٰ ڪتاب گهر ئي آهي. اها
الڳ ڳالهه آهي ته ڪتابن جي وڪري جو رحجان هاڻي اٽي ۾ لوڻ برابر وڃي بچيو آهي.
غلام مرتضيٰ ابڙو
جو والد ريلوي ملازم هو، نامور ليکڪ قبول ابڙو سندس ڀيڻويو هو جنهن جا ٻه پٽ ايڊووڪيٽ
تنوير ابڙو، پرويز ابڙو ۽ ڊاڪٽر سيما ابڙو به قلمڪار آهن، اهو سچو ادبي خانداني پس
منظر پڪ سان مرتضيٰ ابڙو ۽ سندس اولاد تي به اثرانداز ٿيو آهي، ان ڪري هنن جي خانداني
مزاج ۾ اخلاق، بردباري ۽ سٻاجهائپ رهندي آئي آهي. غلام مرتضيٰ ابڙو پرائمري تعليم مهر
شاهه جي اسڪول مان پرائي سيڪنڊري لاءِ قاضي حبيب الله ۾ آيو، جتان ٻن سالن کانپوءِ
ستين ڪلاس ۾ ٽنڊو آدم ضلعو سانگهڙ ناناڻن ۽ ماماڻن وٽ هليو ويو، سندن هڪ مامو ايس
ايم فضل سيڪنڊري استاد هو، ان ڪري هن پنهنجي نگراني ۾ سندس تعليم ۽ تربيت ڪئي،
محمد فضل سومرو شاهه لطيف سيڪنڊري اسڪول جو فائونڊر به هو جيڪو پهريائين ذاتي حيثيت
۾ ٻارڙن جي علمي اڃ اُجهائيندو آيو، بعد ۾ سرڪاري ٿيو، محمد فضل سومرو فليش ڪلر فوٽو
اسٽوڊيو به کوليو هو، جتي پڙهائي کانپوءِ غلام مرتضيٰ ابڙو فوٽو گرافي جو ڪم به
سکيو ۽ شادي به ۱۰ ڊسمبر ۱۹۷۶ع ۾ ٽنڊي آدم مان ئي ڪيائون. شڪارپور ۾ سندس واپسي انڪري
ٿي جو ۴ اپريل ۱۹۷۶ع تي سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن کان پوءِ هتان جا وڻ وسايا. هو شڪارپور
۾ نه رڳو ماڻهپو ملهائيندو آيو پر صحافت جي اعليٰ ۽ شاندار قدرن جو امين به ثابت ٿيو،
نه ڪنهن بنگلي، نه ڀوتار، نه ڪاموري نه پير مير ۽ سردار جي ماڻهوءَ واري سڃاڻپ سان
سامهون آيو نه ئي وري ڪڏهن زرد صحافت جي ڪاريگري ڏيکاريائين، هو بنگلن، سرڪاري ۽ نجي
دفترن ۾ اڪثر پريس ڪانفرنس ۾ به نه ويندو هو پر خبرون ضرور رپورٽ ڪندو هو، سرڪاري
آفيسر چونڊيل نمائندا ۽ بااثر هن جون پڇائون ڪندا هئا ته منتظر رهندا هئا پر هو
پنهنجي ڌن ۾ پنهنجي حساب سان پيو هلندو هو.
حساب ڪتاب جي معاملي
۾ هر ڳالهه جو رڪارڊ رکندو هو، اخبارن، رسالن ۽ ڪتاب جي انٽري ڪندو هو ۽ اهو به رڪارڊ
رکندو هو ته اهي موجود آهن يا کپي ويا، هو ڏيتي ليتي جو به ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو، سچو
۽ کرو انسان ڪا وڏائي نه، ڪا منافقي نه، جهڙو اندران اهڙو ٻاهران، مون پنهنجي ۲۵ سالن جي صحافتي ڄمار ۾ غلام مرتضيٰ ابڙو جهڙا دلبر ماڻهو تمام گهٽ ۽ اٽي ۾ لوڻ
برابر ڏٺا آهن. ۳ فيبروري ۲۰۰۸ ۾ سندس دل جو عارضو سامهون آيو، هن جي دل جو وال بند ٿيو، ۱۱ اپريل ۲۰۰۳ تي اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ جيڪو مصنوعي
اوزار لڳو، اهو پورا ۱۷ سال متحرڪ رهيو، گذريل سوا سال کان ۱۲ اپريل ۾ معدي جي تڪليف ٿي، هو کلندو کائيندو
سير تفريح لاءِ ڪراچي ويو، ڊاڪٽرن کان ڪا چيڪ اپ به نه ڪرايو. ۸ محرم ۲۸ آگسٽ جمعي جي ڏينهن منجهند جو طبيعت خراب ٿي
گهٻراهٽ محسوس ڪرڻ لڳو. دارالصحت پهتو، پر گلستان جوهر جي ان اسپتال ۾ پوڻين ستين
وڳي دل جي دوري سبب غلام مرتضيٰ ابڙو وفات ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽرن به هن جي طبعيت خطري
کان ٻاهر قرار ڏني پر موت جو وقت مقرر هو جيڪو ٽري نه ٽريو.
غلام مرتضيٰ ابڙو جهڙا ماڻهو سماج ۾ آئينو هوندا آهن، جيڪي مصلحتن ۽ زماني سازي مان نه ڄاڻيندا آهن، هو دنيا جي مزاج ۽ ونهوار نه پر پنهنجي اصول تي هلندا آهن، هو دنيا نه پر پنهنجي دل جي ٻڌندا آهن ۽ اسان کي به اهو درس ڏيندا آهن ته اسان به دل جي ٻڌون ۽ ان جي دڳ تي هلون. غلام مرتضيٰ ابڙو هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي پر هن جا اصول قيامت تائين زنده رهندا، هن جو اخباري خبرون ۽ ڊائريون پنهنجي ٻولي ۽ اظهار جي حوالي سان اسان لاءِ هڪ نياپو آهن، اهو نياپو جنهن سان اسان کي نينهن نڀائڻو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته مرحوم جي صحافتي زندگي اهم رپورٽن، تحريرن، يادگار تصويرن ۽ هم عصر صحافي دوستن جي تاثرن تي سندس هڪ يادگار ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپائڻ کپي، ان ڪم تي پڪ سان سندس پونئيرن کي به عمرڀر فخر رهندو ته هلندڙ دور جي صحافين لاءِ به پنهنجي ڪردار جي تعين جي حوالي سان هڪ سنيهو سامهون ايندو، اهو سنيهو سمجهه عطا ڪري يا نه پر هڪ پل لاءِ هڪ احساس کي عيان ضرور ڪندو. ۳ آڪٽوبر ڇنڇر ڏهاڙي غلام مرتضيٰ ابڙو جو چاليهو آهي، ان ڏهاڙي پريس ڪلب ۾ کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هڪ شاندار ۽ تاريخي تقريب جي ضرورت آهي ته جيئن ٻين صحافين کي به هڪ اتساهه ملي ۽ اهي ان اتساهه جي روشني ۾ لفظ صحيفي مان نڪتل صحافت جي نئين واٽ تي هلن، صحيفو آسماني ڪتاب کي چئبو آهي، ان حساب سان صحافت جا جيڪي فرض ٿين ٿا تن جو پوراءُ سچ پچ ته هڪ خواب آهي جنهن کي مرتضيٰ جي واٽ تي هلي ڪانه ڪا معنيٰ بخشي سگهجي ٿي.
No comments:
راءِ ڏيندا