; سنڌي شخصيتون: غلام مرتضيٰ ابڙو، نسيم بخاري، شڪارپور،
Showing posts with label غلام مرتضيٰ ابڙو، نسيم بخاري، شڪارپور،. Show all posts
Showing posts with label غلام مرتضيٰ ابڙو، نسيم بخاري، شڪارپور،. Show all posts

28 November, 2021

غلام مرتضيٰ ابڙو

غلام مرتضيٰ ابڙو

شاندار صحافتي روايتن جي امين جي موڪلاڻي

نسيم بخاري



شڪارپور جي مٽيءَ مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن پاڻ ملهايو آهي، پاڻ مڃايو آهي ۽ پنهنجي پويان شاندار اعليٰ قدرن جي ميراث ڇڏي آهي، جن تي هلي اسان عزتن، شهرتن ۽ عظمتن جا نت نوان عروج ماڻي سگهون ٿا، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي اوليت به اها آهي ۽ اهڙي اوليت جي پاڻ وٽ ڪا اهميت به آهي؟ دنيا جو ڪوبه سگهارو قدآور ۽ تاريخي مثبت ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو جڏهن ذهن ۽ ضمير جي اطمينان سان زندگي گهاري وڃي ٿو ته اهو ان جو عمل قطعي ذاتي تسليءَ جي لاءِ نه هوندو آهي پر ان پويان ان احساس جو به عمل دخل هوندو آهي ته هن کان پوءِ به اها راهه روشن رهي، زندگيءَ جو مقصد هجي ۽ نتيجي ۾ اهو دڳ دل ۽ ضمير ۾ نت نوان سوجهرا ڪندو اچي.