; سنڌي شخصيتون: فرزانه شاھين

28 November, 2021

فرزانه شاھين

فرزانه شاھين

ماٺيڻي ۽ سنجيده ڪھاڻيڪاره ۽ شاعره

علي محمد درد سولنگي



ڏٺو ويو آهي ته ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ ڇوڪرين جو شعر و شاعريءَ ڏانهن لاڙو وڌيڪ ھوندو آهي، هو شعر پڙهنديون ۽ شاعري به ڪنديون آهن، مگر ھي شوق ڪاليج، يونيورسٽي يا طالب علميءَ جي زماني تائين رھندو آهي، ان کان پوءِ هو جڏهن پروفيشنل/ عملي زندگيءَ ۾ اچن ٿيون ته سندن هي شوق ننڍپڻ ۽ شاگرديءَ واري دور جي ٻين دلچسپين ۽ مشغولين جيان پٺتي رھجي ويندو آهي، ڪجھ ڇوڪريون اھڙيون به هونديون آهن جيڪي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ عملي زندگي ۾ قدم رکڻ کان پوءِ به لکڻ وارو عمل جاري و ساري رکيو اچن، انهن ئي شاعرائن/ليکڪائن مان فرزانه شاهين به آهي.


فرزانه شاهين هڪ بهترين شاعره ۽ بهترين ڪھاڻيڪاره آهي، فرزانه شاھين اها پهرين ڇوڪري آهي جيڪا ۱۹۹۱ع کان ۱۹۹۲ع تائين سنڌي ادبي سنگت شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سيڪريٽري رھي ۽ ان عرصي دوران هن سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم رکيو ۽ ڪافي سارا ادبي پروگرام ڪرايا، ان ئي عرصي دوران “سنڌ سرھاڻ” نالي مئگزين کي ايڊٽ به ڪندي رهي،  جنهن بعد سنڌي ادبي سنگت ليڊيز ونگ جي سيڪريٽري به رھي.

فرزانه شاهين ۱۹۸۷ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پھريون اردو افسانو “حيثيت” اردو اخبار “امن” ۾ ۱۹۸۷ع ۾ ڇپيو. سندس پهرين تخليق غزل “نئين زندگي” ۾ ۱۹۸۸ع ۾ ڇپيو. جڏهن ته سندس پهرين سنڌي ڪھاڻي “نيڻ آسائتا” ۱۹۸۸ع ۾ “هلال پاڪستان” اخبار ۾ ڇپي. سال ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۶ع تائين، هن مسلسل ڪھاڻيون لکيون، جيڪي نئين زندگي، سرتيون، بختاور، سگھڙين سٿ، پارس، پرھ، عبرت مئگزين، هلال پاڪستان، عوامي آواز ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون. فرزانه شاهين ٻارن لاءِ به شاعري ڪئي ۽ ڪھاڻيون لکيون، جيڪي ان وقت “مرڪ” رسالي ۾ ڇپيون. نا انصافي، غربت، ڌرتي ۽ عورت فرزانه شاهين جي لکڻين جا موضوع رهيا آهن. شاعريءَ ۾ هن وائي، غزل، گيت، بيت ۽ نثري نظم لکيا آهن. وائي، غزل ۽ نثري نظم، فرزانه شاهين جون پسنديده صنفون آهن. فرزانه شاھين جي امڙ پڙهيل لکيل هئي، جنهن ھميشه سندس سپورٽ ڪئي ۽ سندس ڀائرن به سندس حوصله افزائي ڪئي. فرزانه جي پھرين تخليق ڇپجڻ تي، سندس گھر وارن، خوشيءَ جو اظھار ڪيو.

فرزانه شاهين جي پهرين خوشي اھا هئي، جڏهن هوءَ ڪميشن جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، ليڪچرر بڻي. فرزانه شاهين جو چوڻ آهي ته؛ “مرد ۽ عورت، معاشري جا ٻه اهم جز آهن. بلڪ تارازيءَ جا ٻه پڙ آهن. انهيءَ ڪري ٻنهي جو ڪردار، متوازن هجڻ گهرجي. ڇو ته سماج يا گھر جو وهنوار انهن ٻنهي جي مثبت ڪردار بغير اڻپورو آهي ۽ اڄ جي عورت با شعور آهي ۽ چاهي ٿي ته پنهنجي مرضيءَ سان فيصله ڪري ۽ اهو ان جو حق به آهي ته هوءَ تعليم حاصل ڪري يا ڪنهن به فيلڊ ۾ آزاديءَ سان ڪم پنهنجو پاڻ مڃرائي.”

فرزانه شاهين جي بقول؛ “زندگي مرڪن ۽ لڙڪن، ڏکن ۽ سکن جو سنگم آهي.”

سندس غزل جيان ته؛

خزائون ڀي سهين ٿي تون، بهارون زندگي توسان.

نظارا نينهن قدرت جا، نهارون زندگي توسان. (فرزانه شاهين)

فرزانه جو چوڻ آهي ته؛ “هيءُ سڀڪجھ، بهارون ۽ نظارا، زندگيءَ سان آهن ۽ موت، پرڪشش زندگيءَ جو خوفناڪ ڪلائمڪس آهي.”

فرزانه شاهين، ماٺيڻي ۽ سنجيده طبيعت جي مالڪ آهي. چاهيندي آهي ته کانئس، ڪنهن کي ڪا تڪليف نه پھچي. ڪوڙ ۽ منافقيءَ وارن روين تي کيس تمام گھڻي ڪاوڙ ايندي آهي.

محبت بابت سندس چوڻ آهي ته؛

محبت پائي من م رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو اگھائيو. (شاھ)

فرزانه شاهين چوي ٿي ته؛ “محبت وانگي نفرت به هڪ احساس ۽ ڪيفيت جو نالو آهي. جيڪا محبت جو ضد /رد عمل آهي.   ضروري ناهي ته نفرت انسان ذات سان ئي ڪئي وڃي، نفرت هر بري عمل/فعل سان به ڪري سگھجي ٿي.”

 فرزانه شاهين جو چوڻ آهي ته؛ “دل ڏاڍي نازڪ ۽ نفيس ٿئي ٿي، ان ڪري ڪنهن جي به دل نه ٽوڙڻ گھرجي.”

پيار بابت سندس چوڻ آهي ته؛

پيار “شاهين” ٿڌڙي ھوا ساھ لئه،

پيار ۾ هر قدم دل آ ٺرندي رھي. (فرزانه شاهين)

فرزانه شاهين مطابق شاعري اندر جي وارتائن جو سگھارو اظھار آهي.

تڏهن ئي ته شيخ اياز چيو ته؛

شاعري جا روح گرمائي نه ٿي،

منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.

۽ جيڪا شاعري روح تي اثر نه ٿي ڪري، اها شاعري، شاعري نه آهي شاعري لفظن کان علاوه عمل به گھرندي آهي ۽ عمل سان انسان جو ڪردار بڻجندو آهي. قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هجڻ گھرجي. جنهن جي لکڻيءَ ۾ جيتري پيڙا ۽ جيترو دم هوندو، وقت ان سان يقينن انصاف ڪندو. هر تخليقڪار کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گھرجي، بنا اهو سوچڻ جي ته هن کي ڪيتري پذيرائي ملي ٿي. سچو تخليقڪار، عام ماڻھن ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ پاڻ جاءِ ٺاهي وٺي ٿو. ان ڪري ان کي، درٻاري پذيرائيءَ جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.

فرزانه شاهين کي ۱۹۹۶ع  ۾، نئين زندگي مخزن طرفان مڃتا طور، بهترين شاعره شيلڊ ۽ ۲۰۰۵ع ۾ بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ مليو آهي.

فرزانه شاهين، پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي نثر ۽ نظم ۾ نهايت خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو “وجود جي ڳولھا” مارچ ۲۰۱۶ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جڏهن ته سندس شاعريءَ جو مجموعو “پير پير جو پنهنجو پنڌ” پڻ ڇپائيءَ هيٺ آهي.

ننڍڙن ۽ وڏن وزن بحرن تي خوبصورت غزل لکندڙ فرزانه شاهين جو چوڻ آهي ته؛ “تنقيد، تخليق جو جياپو آهي. حضرت علي ؓ جو قول آهي ته؛ “جڏهن توهان جي ڪم تي ڪو تنقيد ڪري ته توهان مايوس ٿيڻ بدران، پرکي وٺو ته ڪو ئي توهان جي ڪم کي ڏسي رھيو آهي.” اها به حقيقت آهي ته جيسيتائين ڪنهن تخليق تي تنقيد ٿيندي رھي ٿي تيسيتائين ان جي حيات آهي.

فرزانه شاهين جو چوڻ آهي ته؛ “اڄڪلھ سنڌي ادب، تخليقي تنقيد بجاءِ ذاتي تنقيد جو محور بڻجي ويو آهي. جنهن جي ڪري سنڌي ادب، ڏينهون ڏينهن ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿيندو پيو وڃي. تڏهن ئي ته آثم ناٿن شاھي مايوس ٿيندي چيو ته؛

مون کان منهنجو، حبيب ڪڪ آهي،

ڄڻ ته مون کان، نصيب ڪڪ آهي،

بغض جو گھر، ادب آ بڻجي ويو،

هڪ ٻئي کان، اديب ڪڪ آهي. (آثم ناٿن شاھي)

ان ڪري نقادن کي به گھرجي ته تنقيد دوران ڏات ۽ ڏانءَ جو دائرو نه ڇڏين.

۲۸ نومبر تي سکر ۾ جنم وٺندڙ فرزانه شاهين مڱڻيجو جي زندگيءَ جو پھريون ڏک سندس دوست تسليم منگيءَ جو وڇوڙو آهي. فرزانه شاهين جي شاعري قادر سنڌي، سرمد اياز، فياض جويو، ممتاز لاشاري ۽ ٻيا ڪيترا ئي فنڪار ريڊيو، ٽي وي ۽ ڪيسٽن ۾ ڳائي چڪا آهن.

فرزانه شاهين جو پسنديده شاعر شيخ اياز، پسنديده اديب امر جليل، پسنديده شخصيت محترمه بينظير ڀٽو، پسنديده ڪتاب شاھ جو رسالو، پسنديده رنگ گلابي ۽ پسنديده گل رابيل آهي.

تعليمي لحاظ کان فرزانه شاهين ايم ايس سي ڪيميسٽري، ايم اي صحافت، ايم اي سنڌي ادب آهي. پيشي جي لحاظ کان ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ اڄڪلھ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج سکر ۾ پرنسپل طور ڪم ڪري رهي آهي...

 

(روزاني سنڌ ايڪسپريس جي صفحي ”جيڏيون“ ۾ ڇپيل ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۶ع )


 

فرزانه شاهين

املهه انسان - سلسلو ۹۲

حفيظ چانڊيو

اهي ليکڪ هميشه عوام جي دلين ۾ تاحيات امر رهندا آهن، جن جي تخليقن جا ڪارج عوام جي احساسن جي تشريح جو عنوان هوندا آهن، اهي ليکڪ تاريخ جي ورقن ۾ ڪڏهن به نه ٿا ميسارجن جنهن جي قلم جي مس ضمير جي آواز کي اڀاري اڳتي وڌندي آهي، اهي ليکڪ هر دل ۾ ڌڙڪندا آهن، جنهن جي قلم جي قوت ۾ وقت جو سچ نج نبار هوندو آهي. اهڙي ليکڪائن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعرا ۽ ڪهاڻيڪارا فرزانه شاهين جو نانءُ به شمارجي ٿو. جنهن جي تحريرن ۾ وقت جو سچ، وقت جي آمرن جي گريبان پڪڙي قوم جي حالتِ زار تي احتجاج ڪري قومي آجپي جي جنگ لڙي ٿي. فرزانه شاهين سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعريءَ جي اها صفِ اول شاعره آهي، جنهن جي نظمن ۾ پريم جي پرچار به آهي ته سونهن جي سندرتا به آهي.

فرزانا شاهين سنڌي ادب ۾ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهي ليکڪه طور ادبي ميدان ۾ گذريل ٽيهارو سالن کان مسلسل لکيو آهي، هن جو قلم ٿڪجي ڪڏهن به آرس ناهي ڀڳو. پرعزم ۽ تخليقي سنسار جي اها شاعره آهي جنهن جا نظم هر ان دور جا مرثيا آهن، جنهن دور ۾ نياڻين جون عصمتون تاراج ٿي رهيون آهن، هوءَ ان دور جي شاعره آهي، جنهن بي يقيني واري صورتحال هڪ نسل کان ٻي نسل طرف وڌي رهي آهي، ها هوءَ ان دور جي شاعره آهي جنهن دور جا فرعون غريب ماروئڙن کان وات جو گرنهن کسي پنهنجا ڀڀ ڀري رهيا آهن. هوءَ ان دور جي شاعره آهي، جنهن دور ۾ ضميرن جو سودو ٽڪي برابر ٿي رهيو آهي، هوءَ ان دور جي شاعره آهي جنهن دور ۾ سچ سوليءَ تي لٽڪي رهيو آهي ۽ ڪوڙ جي ننگي ناچ سان دنيا تماشبين ٿي، تماشو ڏسي رهي آهي.

هوءَ هڪ شاعره کان علاوه بهترين ڪهاڻيڪاره به آهي، سندس ڪهاڻين توڙي شاعريءَ کي پڙهبو ته هوءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ پنهنجي سماج جي سطحي سوچ ماڻهن کان منفرد ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن وٽ نظرياتي ۽ آدرشي ڪردار عام ملن ٿا. هوءَ سنڌ جي هڪ بي باڪ ليکڪه سان گڏ باڪردار ۽ باعمل سنڌ جي خمير مان ڳوهيل سندس خوشبودار وجود مان ڌارين لاءِ ڌڪار ۽ پنهنجن لاءِ اڻ ميو پيار جو پراڏو نثر توڙي نظم ۾ گونججي رهيو آهي.هنجو تعلق سنڌ جي تاريخي شهر سکر سان آهي، هن ايم اي سي ڪيميسٽريءَ، ايم اي  جنرل ازم، ايم اي سنڌيءَ ۾ ڪئي آهي، هوءَ ھن وقت گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس ڪراچيءَ  ۾ پنهنجون پيشوراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ وجود جي ڳولها، (ڪهاڻيون) نيڻ آسائتا (شاعري) پهڻ پير پٿون ڪيا (شاعري) نينهن جو نوحو (شاعري) آهن، سندس چوٿون ڪتاب نينهن جو نوحو منهنجي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ سندس ۸۴ نظم شامل آهن. هي ڪتاب سنڌ جي مرڪ سان منسوب مرڪ پبليڪيشن پاران تازو ئي ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. فرزانه شاهين جي نظمن کي پڙهندي جڏهن منهنجي نظر سندس خودڪشي نظم تي پئي ته مون کي سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهو هڪ يگاني ۽ جوشيلي نوجوان “عرفان مهدي“ ۽ نوجوان شاعر "بيوس بشير چانڊيو“ ذهن تي تري آيا، جن پنهنجي نوجوانيءَ ۾ پير رکندي ئي زندگيءَ کان ناراض ٿي پاڻ کي موت جي وحشي چنبن جي حوالي ڪري، خودڪشي ڪئي هئي. آءُ ان وقت ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس، جڏهن هن ٻن نوجوانن جي خودڪشيءَ جو ٻڌو هو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوم، عرفان مهدي سائين جي ايم سيد جو نهايت سلڇڻو پيروڪار هو، سندس پوئلڳيءَ ۾ رهندي هن سنڌ جي آزاديءَ جا خواب پالي، سنڌ وطن کي ڌارين جي چنبن مان آزاد ڏسڻ ٿي گهريو، پر وقت جي حالتن کيس نيٺ ايڏو مجبور ڪيو جو هن پاڻ سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي، پاڻ کي ماري، سنڌ کي روئاري ويو.

بيوس بشير چانڊيو به عرفان مهديءَ جيان سهڻو ۽ سيبتو انسان هو، سندس جهانورين اکين ۾ سنڌ جي روشن آئيندي جا اڻ ميا سپنا هيا، جن جي ساڀيائن خاطر هن واپڊا جي نوڪري ڪرڻ ٿي گهري، سندس والدين جي منع ڪرڻ تي هن ٿايوڊان ۽ پايوڊان جهڙي زهر کي سقراط جيئن اوتي پنهنجي ننڍڙن ٻچڙن سميت وني ۽ پوڙهيءَ ماءُ کي وڍ ڏيندڙ وڇوڙو ٿو ڏئي وڃي، اڄُ تائين بيوس بشير، عرفان مهديءَ جي مائرن جيان لاتعداد مائرون هونديون جن پنهنجن جوان پٽن جي موت جو سوڳ ملهائيندي سالن پڄاڻان کين وساري سگهيون نه آهن.

سور تنهنجو ڪنهن نه ڄاتو

ڪنهن نه پاتي جيءَ جهاتي،

ساهه جا سارا ڪبوتر،

ڪيئن ۽ ڪاڏي هليا ويا!؟

فرزانا شاهين جي شاعريءَ ۾ سماجي ڪارج موجود آهي، سندس شاعري مڪليءَ جهڙي ماٺار کي ٽوڙي مايوسين ۾ اميدن جا روشن ديپ جلائي ٿي، هوءَ  هڪ سنجيده شاعره آهي، جنهن جي سنجيدگيءَ ۽ ڳوڙهي مطالعي کيس ديس جي دردن سان آشنا ڪيو اهي، سندس شاعري قومي درد مان ڦٽي نڪتل آهي، هوءَ انفرادي خواهشن کي ديس جي اجتماعي ڪارج تان گهور ڪري ادبي لڏي منجهه قومي شاعره جي سڃاڻپ ٺاهي سامهون آئي آهي، هوءَ مشهوري واري ڊڪ ڊوڙ کان پاسيرو ٿي نج تخليقي پورهيو ڪري ادبي سفر ۾ رنڊا روڙي رهي آهي. سندس نظم “ماڻهو! مذهب جي لئي ناهن” پڙهي ڏٺو ته ائين محسوس ٿيو ته فرزانه شاهين جي اندر ۾ ڪبير ۽ اياز واسو ڪري ويٺل آهن، جنهن ڪري وٽس مذهب کان وڌ انسان ذات واري جذبي جو هجڻ اڻٽر بڻجي، عام مان خاص بڻائي کيس انسانيت جي اعليٰ درس ڏيڻ لئي اتساهي ٿو.

ڏياريءَ جو ڏڻ آهي پيارا،

آءُ ته نفرت کي ڪو ماريون،

آءُ امن جو پرچم کوڙيون،

ڀورو ڪارو ڇا ٿيندو آ؟

هندو مسلم ڇا ٿيندو آ؟

ماڻهو! ماڻهو ئي هوندو

مذهب هتڙي گورک ڌنڌو!

“مذهب کان انسان وڏو آ”.

هر مذهب ۾ مخصوص ڏهاڙا هوندا آهن، جن ۾ ان مذهب جا پوئلڳ ان ڏڻ تي پنهنجي ڪميونٽيءَ  ۾خوشيون ونڍيندا آهن، اهڙي ئي نموني فرزانا شاهين هندن جي ڏياريءَ واري ڏڻ تي هي نظم سرجي باطل تي حق جي فتح کي يقيني بڻايو آهي. هوءَ هندو ڪميونٽيءَ سان پيار ۽ پنهنجائپ جي پيغام ڏيڻ لئي سندن وڏي تهوار“ڏياري” تي کين امن جو آفاقي درس ڏيندي کين پنهنجي ڌرم ۾ اڇي کي ڪاري” تي ڪا به فوقيت ناهي جهڙو اعليٰ پيغام پُڄائي اهو ظاهر پئي ڪري ته هندو، مسلم ۽ عيسائيءَ کان وڌ انسانيت جو ناتو وڌيڪ مضبوط ۽ اعليٰ آهي، جنهن کي سمجهڻ بعد زندگيءَ کي گهگهه اونداهين مان روشنين ڏانهن آڻي سگهجي ٿو.

نظم “اڪيلا ٿي جيئو ڇو ٿا” ۾ فرزانا شاهين جي دکدائڪ ڪهاڻي بيان ٿيل آهي، جنهن جو پلاٽ شاهه سائين جي سر ڪيڏاري جهڙو ئي آهي، جنهن جا ڪردار ديسي آهن، وٽس درد  جو پنهنجو ماڻ ۽ ماپو آهي، کيس درد جي دکدائڪ ڪيفيت جو اندازو به آهي ته ان ڪربناڪ صورتحال ۾ پنهنجن جي وڍ ڏيندڙ وڇوڙي جو ادراڪ پڻ آهي، هوءَ هن نظم ۾ سنڌ  مان مسڪين ۽ مزدور قسم جي ماڻهن جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿي جيڪي سرڪار نامدار جي غلط پاليسين سبب پيٽ گذاري لاءِ ٻاهرين ملڪ ڪمائڻ ويندا آهن، هو ان آسري تي ويندا آهن ته ٻه ڏوڪڙ ڪمائي پنهنجي ٻچڙن جو بهتر نموني ڪو پيٽ پالي سگهن، پر اڪثر اهڙا والدين پنهنجن جي لاءِ پورهيو ڪندي جڏهن آخري هڏڪي ڏئي، پنهنجن جي سار ۾ سڏڪندي ساهه وڃائي ويهندا آهن ته ان وقت سڀئي ٻارڙا جيڪي پنهنجي والدين جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هوندا آهن، ته هو انهن لاءِ ڪي رانديڪا آڻيندو، انهن لاءِ ڪي شيون آڻيندو جهڙا اجرا خواب ڪرچيون ڪرچيون ٿي ويندا آهن.

مُئا جن جا ٻچا آهن

تنين امڙين جي اندر کان،

پُڇي ڏس درد جو عالم!

اول بوتا بڻيا آهن

ونين جا وڍ تون ڏسندين؟

جنين جا ٻار ٿيا خالي

ابل! جي ڇانو کان جڳ ۾!

تنين ٻچڙن کان ڪو پڇندو

ته ڇاهي سور ۽ سڏُڪو!؟؟

هن جي هر نظم ۾ سندس ڪمٽمينٽ ظاهر آهي، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان پيار عيان آهي، رومانوي رنگ سان گڏ انقلابي رنگ پڻ شامل آهي، هوءَ مٿئين نظم ۾ مارن کان وڇڙي ويل "گهر جي ڀاتين“ جي" رهائي“ لاءِ سندن اوسيئڙي ۾ رت روئندڙ وارث عورتن جو ذڪر به ڪري ٿي، جيڪي سندن آزاديءَ لاءِ متحرڪ به آهن پريشان به پڻ، سندن بس هڪ ئي آس آهي ته سندن گهر جا ڀاتي فوري طور ظاهر ڪيا وڃن، هو هاڻي سندن گهاٽي ڇانوري بغير نٽهڻ اس ۾ زهر آلوده زندگي گهارين پيا،  هو سخت پريشان آهن.

سندس سٽن ۾ جيڪو درد سمايل آهي، تنهن کي ڪو ئي شل سمجهي سگهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


فرزانه شاھين

(سنڌ جي خوبصورت شاعره ۽ ڪھاڻيڪاره – سندس ڪتاب "پهڻ پير پٿون ڪيا" تي تبصرو)

وفا حاڪم وساڻ

اڪثر دوست ليکڪ جڏهن تبصرو ڪندا آهن يا تذڪرو ته بار بار اهو ئي لکندا آهن ته ليکڪ رت ولوڙي لکي رهيو آهي، يا شاعري ننڊ کسي اوجاڳا ڏيندي آهي، اهو سڀ ته صحيح آهي پر اهو سڀ ڪنھن کي چئي ٻُڌائيندا آهن؟ اسان جي هن سماج سڀ جو سڀ ته هڪ ليکڪ سميت سڌي انسان لاءِ اڻ وڻندڙ ئي آهي، جيڪڏهن سڀ ڪجھ سڌو هجي ته پوءِ دانهون ئي ڇو ڪجن؟ يا سڀ ڪجھ پاڻ ئي ٺيڪ ٿي وڃي ته پوءِ هر دور ۾ نائب ئي ڇو آيا؟ جيسين تائين زندگيءَ جي راھ آهي ته رهبر به رھڻو ئي آهي.

ان ڳالھ ۾ ڪوئي به وڌاءُ نه آهي ته هن دنيا ۾ هر دور جي ان انسان مشڪلاتن سان منھن ڏنو آهي جيڪو هن سماج جي برائين کان باغي آهي، هن بري سماج ۾ وڏي برائي اها آهي ته ھتي ميرن ڪپڙن ۽ مزدورن جي ميرن هٿ کي برو ۽ عيب سمجهيو ويو آهي، جڏهن ته وڏي برائي آهي ئي اڇن ڪپڙن ۾، جيڪي مسڪينن جي رت مان حاصل ڪيا ويا آهن، برائي آهي ئي وڏن محلن ۾ جيڪي ضميرن جي بدلي ۾ حاصل ڪيا ويا آهن.

هن سماج تي ڪيترو روئجي؟ هن سماج لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن سماج کي ٺيڪ ڪيئن ٿو ڪري سگھجي؟ اهو سوال هڪ تخليقڪار کي سڄي زندگي جستجوءَ ۾ رکي ٿو ۽ وک وک تي وڍ ڏئي وڌائيندو رهي نئين تڪليفن طرف.

فرزانه شاهين سنڌي اب ۾ اها هارياڻي آهي جنھن پنهنجي ڏات سان زندگي گھاريندي بس ڏوريو ئي ڏوريو آهي، ۸۰ع کان وٺي بنا ڪنھن ساهيءَ جي ان واٽ تي هلندي رهي آهي جنھن واٽ تي فقط اڃ ۽ ڏک ئي آھن زندگيءَ جي سامھون، فرزانه شاهين جي نماڻي شخصيت، اخلاق، ادب جيڪڏھن پني تي ڪنھن صورت ۾ نه به لکي ته سندس عمل ادب ۾ شمار ئي آهي.

پاڻ نه رڳو شاعره پر نثر ۾ سٺو لکي رهي آهي.

ڇپيل ڪتابن ۾؛

وجود جي ڳولا____ڪھاڻيون

مٽي ماٿي لايان___ڪھاڻيون

نيڻ آسائتا____شاعري،

نينھن جو نوحو ___شاعري

پهڻ پير پٿون ___شاعري

شامل آهن، ان کان علاوه اڻ ڇپيل ڪتاب چار شاعريءَ جا، ٽي ڪهاڻين جا ۽ ناول آهي.

بنا ڪنھن اجايو مفاد جي قلم هٿ ۾ ايندو آهي ته تخليقن جو ڏڪر ليکڪ آڏو ڪڏهن به ناهي ايندو ۽ ميڊم فرزانه شاهين ان ئي تسلسل سان هلندي رهي آهي.

ميڊم فرزانه شاهين جو ڪتاب "پهڻ پير پٿون ڪيا".

انھيءَ ۾ ڪلاسيڪل صنفون شامل آهن پنھنجي سنڌيءَ ادب جون نج صنفون وائي ۽ بيتُ.

وائيءَ جي لفظي معني ڳالھ آھي، پر ان ۾ فڪر کي ڏسبو ته محبوب لاءِ پڪار، اڪنڊ هوندي آهي، وڇوڙو هوندو اميد، انتظار هوندو آهي، بيت به ان کي رستي تي آهي ۽ انهيءَ ۾ خاص ڪا به پابندي ناهي موضوع جي حوالي سان، هونئن ته هر صنف ۾ حرف تجنيس سونهن آهي شعر جي پر بيت ۾ اڃان اھا شئي وڌيڪ نکار پيدا ڪري ٿي، اهڙيون خوبيون، خوبصورتيون فرزانه شاهين جي شاعريءَ ۾ ملن ٿيون.

ظاهر ٿيو ايمانُ، ماياڪاري ٿي مٿي.

ڪيڏو ننڍڙو زرَ اڳيان، آ بڻيو انسانُ.

هاڻي ان وائيء جي ٿلھ ۽ مصرع کي ڏسجي ٿو ته ڳالھ چٽي ٿي پوي ٿي هن مڪار سماج ۾، جيڪا حالت آهي حالتن جي ماريل ماڻهوءَ سان ڪٿي آهي ماڻهپو؟ ڪٿي آهي دينداري؟ ڪٿي آهي اخلاق؟ ڪٿي آهن اصول؟

سڀ ڪوڙ آهي انسان بلڪل هن سماج جي نظر ۾ قانون ۾ نيچ آهي جيڪو مرتبو آهي اهو پئسي کي ئي آهي جيڪڏهن تونگر هڪ ڏينهن عام انسان جيئن زندگي گذاري ته کيس پتو پئجي ويندو ته زندگي ڪيترو  ذليل ڪندي آهي.

فرزانه شاهين ٽي، چار سال اها وائي لکي آهي پر ڪورونا سبب پنھنجي ديس جي ماڻھن مون سميت جيڪو ڪجھ ڀوڳيو آهي ۽ ڀوڳڻو آهي اهو سڀ هن وائيءَ مان محسوس ٿي رهيو آهي، تخليقڪار جي تخليق اھڙي هجڻ گهرجي جيڪا هر دور ۾ حالتن کان الڳ نه ٿئي ۽ اها ڏات فرزانه شاهين وٽ موجود آهي.

ڳوڙها ڳوڙها ساھ، سور-وندي ساڻيھَ ۾.

ڪيڏا ڏي ٿو حوصلا، بيتن ۾ ڀٽ شاھ.

داڻا گھر ڀوتار جي، مارو! ڳاهن ڳاھ.

فرزانه ڏس قوم جيئن باندي پنھنجو چاھ.

انهيءَ وائيء ۾ فرزانه شاھين پنھنجي ديس جي ڳالھ ڪئي، سخن جي شاھ جي ڳالھ ڪئي آهي، هاري مزدور سان وڏيري جي ظلم کي وائکو ڪيو آهي، پنھنجي داخلي ڪيفيت کي قوم سان سلهاڙي بيان ڪيو آهي، اهو دڀ هنر به آهي ته وڏي کان وڏي حقيقت به آهي، هن ماحول ۾ سامراج جون اکيون هر جاءِ کليل رهن ٿيون ۽ ڀاڳيو ته اڀري ڏاند جهڙو آهي، جنهن کي ماري ماري ساڻو ڪيو ويو آهي ۽ هن سماج جو ڪوي ايئن آهي ڄڻ بنا هٿيار جي مورچي ۾ ويٺل، نه پاڻ کي بچائي سگھي نه ئ ٻين کي، باقي دشمن کي ڏر اوس آهي.

اسان جي علم تي حاوي آهي بک، بک هتان جي هر ماڻهوءَ کي پيڙهي ڇڏيو آهي سواءِ ڪاموري ماحول کان.

منھنجا جيجل ماءُ! پهڻ پير پٿون ڪيا.

ناهي سک جو ڇانورو، سور وڌائن تاءُ.

ٿيندو ڪوهن کي ڀلا، ڪھڙو ڪو ڪهڪاءُ؟

سرتيون! ڄسڻان ٿي پئي، نت نت نينھن نڀاءُ.

فرزانه، پنهل! رڙي، ماڳين موٽي آءُ.

ان وائيء ۾ جيڪا ڪيفيت آهي اها ڪيفيت فطرت جا رنگ کڻي بيٺل آهي انھي ڪيفيت ۾ مڪمل عورت جي پڪار آهي دانهن آهي، اھڙي دانهن جيڪا دل ۽ ديس جي درد جي ٻنڌ آهي، انهيءَ وائي ۾ جتي جبل جو ذڪر اچي ٿو منھنجي مڪمل اک سامراج تي پوي ٿي، بيشڪ انهيءَ ظالم کي ڪھڙو قياس پوندو؟ جنھن هن قوم جي چپي چپي کي چيريو آهي جهيريو آهي، ڌرتي ماءُ بيوس آهي ڇو ته ٻچن ۾ غيرت ناهي ته ٻاجهاري امڙ ڇا ٿي ڪري سگهي؟ ان ڌرتيءَ جون نياڻيون ۽ صالح پٽ وڌ ۾ وڌ دانهون ئي ڪندا رھيا آھن.

ڪير ڪنائيندو ڌرتي! تنھنجو سڏ؟

ڪو ئي ڪونھي گڏ، دلين منجھ ڌراڙ هن.

-----

ساڳي سندر ڀونء آ، ساڳيو امبر آھ،

مٽيو ڪجھ ڀي ناھ، حالت ڏس انسان جي!

------

اهي بيت فرزانه شاهين جا، جن ۾ حقيقت بيان ٿيل آهي، بلڪل زمين پنھنجي فطرت ۽ قدرت سان بيٺل آهي آسمان پنھنجي جاءِ تي قائم آهي، پر انسان پنهنجون عادتون ۽ طبيعتون اهڙيون ته مٽيون آهن جو سندس عمل مان ڏک ئي ڏک ملي ٿو، مونکي شاعري سڄي ڪوٽ ناهي ڪرڻي ان لاءِ بنا چونڊ جي جيڪا ڪتاب ۾ شاعري موجود هئي اتان ڪجھ کڻي اظهار ڪيو آهي، انهيءَ ڪتاب کي سنڌي ادب سنگت طرفان ماضيءَ ۾ انعام طور ايوارڊ ڏنو ويو آهي ۽ مڃوتي جو حقدار ڪتاب به آهي.

هيءُ ڪتاب ليکڪا پاران پنھنجي جيون ساٿي حبيب الله مهر، سنڌي شاعريءَ ۾ معروف شاعره ڀيڻ شبانه عالماڻي، سنڌي ادب ۾ وڏو نالو علي بابا کي ارپيو ويو آهي، هن ڪتاب جو مهاڳ محترم امداد حسيني لکيو آهي، محترم اياز گل ۽ محترم ادل سومرو جو رايو موجود آهي جڏهن ته بيڪ ٽايٽل سائين آسي زميني ۽ ڀيڻ شبانه عالماڻيءَ لکيو آهي، ۱۴۴ صفحا هن ڪتاب جا ۽ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپيل آهي.

اڄ اٺاويھ نومبر ميڊم فرزانه شاهين جر سالگره آهي کيس کوڙ ساريون واڌايون ۽ دعا آهي ته هن ڌرتيءَ جي محبت ۾ ڌرتي ٿي دلين ۾ آباد رهندي ۽ قلم کي پنھنجي جنون جذبي سان رکندي رهندي لکندي رهندي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۸ نومبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


فرزانه شاھين

سلسلو وائي جا شاعر - ڪڙي نمبر .. ۴۸

مختصر تعارف

سرجڻھار .... محترمه فرزانه شاھين صاحبه

پورو نالو؛ فرزانا شاهين 

ادبي نالو؛ فرزانا شاهين

جنم هنڌُ سکر

لکڻ جي شروعات؛ ۱۹۸۷ع

پهرين تخليق ڇپجڻ وقت اوهان پاڻ کي ڪئين پيا ڀانئيو؟

خوشي ملي ۽ اڳتي وڌڻ جو اتساھ مليو.

 ڇپيل ڪتاب؛ ۵

(۱) وجود جي ڳولا  (ڪهاڻيون)

(۲) پهڻ پيرَ پٿون ڪيا (شاعري)

(۳) نيڻ آسائتا (شاعري)

(۴) نينهن جو نوحو (شاعري)

(۵) مٽي ماٿي لايان (ڪهاڻيون)

سهيڙيل ڪتاب؛ ۲ اڻ ڇپيل

صنف "وائي" بابت اوهان جا ويچار:

وايون سر تي آڌار رکن ٿيون سر شاعريءَ جو خاص ڪري سنڌي شاعريءَ جو بنياد آهي ان ڏس ۾سر جي  ڄاڻ جيتري وڌيڪ هوندي اوترو ئي شاعري ۾رس چس هوندو وائي هڪ سادي سودي ۽ سريلي صنف آهي وائي جي ان سريلي سڀاءَ کي جنھن سمجهي ورتو اهو ڪا ڳوڙهي ڳالھ به آساني سان اظهار ڪري ويندو.

رهائش: ڪراچي

                   وائي_____۰۱

پسيو  جڳ  جو  حال ـ

      سڏڪي ٿي سنجيدگي !

قربت جو  آھي رهيو،

ڪيڏو هاڻي ڪال -

       سڏڪي ٿي سنجيدگي!

شھرت کي سمجهي پيو،

ماڻهو! مايا مال-

     سڏڪي ٿي سنجيدگي !

دانش تنهنجو هلڪڙو،

بڻيو خامي خيال -

    سڏڪي ٿي سنجيدگي !

احمق ڄاڻي ڪين ڪجھ،

تاڙيون  محفل  هال-

   سڏڪي ٿي سنجيدگي !

ناهي ٻيو شاهين سان،

خلوت  ۾  ھي  حال-

   سڏڪي ٿي سنجيدگي !

                  وائي _____۰۲

ڀونءِ سَڄي تڙپائي-روڳُ  کڻي ٿو ڳائي-

                              جوڳي جيءُ جلائي!

ڳالھ ڳُجھي ٿو کولي- سھڻي پَرِ سمجھائي-

                              جوڳي جيءُ جلائي!

نوڙت نوڙت نوڙت، پل نه پاڻُ پڏائي-

                              جوڳي جيءُ جلائي!

رمتو آ رڻَ راھي- جذبن کي جھومائي-

                        جوڳي جيءُ جلائي!

فرزانا هي دم دم- ڪیئن ٿو نینھن نڀائي؟

                              جوڳي جيءُ جلائي!

                            فرزانه شاھين صاحبه ـ

No comments:

راءِ ڏيندا