فرزانه شاھين
ماٺيڻي ۽ سنجيده ڪھاڻيڪاره
۽ شاعره
علي محمد درد
سولنگي
ڏٺو ويو آهي ته ڪاليج
۽ يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ ڇوڪرين جو شعر و شاعريءَ ڏانهن لاڙو وڌيڪ ھوندو آهي، هو شعر
پڙهنديون ۽ شاعري به ڪنديون آهن، مگر ھي شوق ڪاليج، يونيورسٽي يا طالب علميءَ جي زماني
تائين رھندو آهي، ان کان پوءِ هو جڏهن پروفيشنل/ عملي زندگيءَ ۾ اچن ٿيون ته سندن
هي شوق ننڍپڻ ۽ شاگرديءَ واري دور جي ٻين دلچسپين ۽ مشغولين جيان پٺتي رھجي ويندو
آهي، ڪجھ ڇوڪريون اھڙيون به هونديون آهن جيڪي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ عملي زندگي
۾ قدم رکڻ کان پوءِ به لکڻ وارو عمل جاري و ساري رکيو اچن، انهن ئي شاعرائن/ليکڪائن
مان فرزانه شاهين به آهي.
