; سنڌي شخصيتون: ضراب حيدر ڪليار

28 November, 2021

ضراب حيدر ڪليار

ضراب حيدر

(ضراب آھي، ناھي خراب - پروفائل)

منور سراج



شھر نوابشاھه! ھائوسنگ سوسائٽي، وِشال ويڪرو رَستو، رَستي جي آخري ڪناري تي ھڪ  بنگلو ’ڪليار ھائوس‘، مٿي ھوا ۾ جهولَندڙ ڪاري بيرڪ وارو اُداس عَلم، مٿئين پورشن ۾ وڏوڪمرو، ڏکڻ ڏي کُلَندَڙَ دَرِي، ضراب حيدر جي اوطاقَ، جَنهِن جا دروازا سندس سڀني دوستن/ ليکڪن/ غير ليکڪن لاءِ ھر وقت کُليلَ، سنگت نوابشاهه جو سيڪريٽري چاھي وسيم سومرو ھجي، يا بخشل باغي، ضراب ھجي يا فياض چنڊ ڪليري، گڏجاڻيءَ جو ھنڌ بھرحال ضراب جي اوطاقَ، جِتي سنگت کي نه ھوندي پاڻي ڪانجهيءَ جي پرواهَه، نه وري چانھه جي چنتا..!!


منھنجي ته ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اَچَڻَ جي شروعات ٿي شايد ۹۸ع يا ۹۹ع ڌاري، پر اُتي سنگت جو ساٿ ته گهڻو اڳ کان موجود، جِتي سنڌ جا کوڙ سارا اديب علي بابا کان وٺي اياز گل تائين مھمان طور شريڪ ٿي چڪا هئا. مون پنھنجيون ڪَچيون ڦِڪيون ڪھاڻيون انھن گڏجاڻين ۾ پڙھي، گهڻو ڪجھه پرايو. مان ته شروع ۾ ان شوق سان ڪھاڻيون کڻي وڃي پھچندو ھئس تـ جيئن ضراب جي اڳيان پڙھان ۽ ان جو پيار/ توجهه ماڻيان.

ضراب حيدر! جنھن جا اُن وقت تائين ڪھاڻين جا ٻه ڪتابَ  ’انگن چَڙھيو انگُ‘ ۽ ’سَرحدن کان اڳتي‘ اچي چڪا هئا ۽ هو يعني ضراب بجا طور پنھنجي پڙھندڙن جو خاصو حلقو ٺاھي چڪو ھو. البت سندس ڪھاڻين جي موضوعاتي دنيا توڻي ڪھاڻي لکڻ واروانداز/اسٽائيل منھنجي پسند وارن ليکڪن ماڻڪ منير، ڪيھر شوڪت، مشتاق شورو، مدد علي سنڌي، رسول ميمڻ ۽ اخلاق انصاري وغيره کان ڌارھو، جيڪي گهڻي قدر داخلي دنيا جا ليکڪ آھن (جڏھن ته فڪشن جي دنيا ۾ موضوعاتي توڻي اسٽائيل جي حوالي سان لکڻ جا کوڙ رنگ ڍنگ آھن، جيڪي سڀ پنھنجي جاءِ تي اھم آھن ۽ انھن کي پڙھندڙن/ پسند ڪندڙن جو تعداد لاتعداد آھي. اِھو فرق خود فڪشن جي گوناگونِيَتَ ۽ حسناڪِيءَ جو دليل آھي) پر ضراب سان منھنجو خاموش پيار ادب توڻي ادبي صنفن جو محتاج نه ھو/ نه آھي.

ضراب جي ان اوطاق ۾ اسان دوستن جون کوڙ شامون راتين ۾ بدليون ۽ اسانجي منجهندن سنجھا جا چنڊ اُڀرندي ڏٺا. اتي مون ضراب جي صحبت ۾ کوڙ آرٽ موويز ڏٺيون. .!! دوستن جي شاعري ۽ ڪھاڻيون ٻڌيون، انھن تي ٿيندڙ (ڇِتِي) تَنقِيد ۽ ضروري، غير ضروري بحث ٻُڌا.

 رڳو ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ئي نه، پَر مَڌُ پياڪَ مھربانن جي محفلن جو مسڪن به اُهائي اوطاقَ! جتي مڌ جون ڪيئي محفلون،  برپا ٿي، بَرخاست ٿيون. ڪو دوست پَوو ته ڪو آڌيو کڻي ايندو، ڪو سڄي ته ڪو ڏيڍِي وٺي ايندو. محفل جا مھمانَ  وقت سان گڏ پيا بدلجندا، پَر محفل جو رنگُ ڍنگُ سدائين ساڳيو، مُرڪون..!! ٽھڪ..!! لڙڪ..!! سڏڪا..!! ٿڌا ڪوسا ساهه..!! ساقي ھميشه ساڳيو ضراب..!! باقي ٻيا سڀ پياڪَ..!! انھن مان  ڪي گهڻَ ـ پياڪَ ته ڪي ٿورَ ـ پياڪَ. مون جَھڙن کي ته مَڌَ جو ڍڪ لھڻ سان ئي پيئڻ کان پھرين کيپَ خمار چڙھيو وڃن. شايد مَڌ کان وَڌِ محفل جو نشو ھوندو آھي. سُرڪَ سُرڪَ کي پنھنجو سواد ھوندو آھي. مٿان وري جَگجِيتَ جھڙي راڳي جا گلابي غزل..!!

“هر طرف هر جگه بےشمار آدمي

پھربھي تنهاهيوں کا شکار آدمي”

اھڙي عالمَ ۾ اڃا ٻه ٻه پيگَ خالي مَسَ ٿين ته محفل کي سرخاب جا پَر لڳيو وڃن ۽ ضراب جي اوطاق جو اُداس ڪمرو مَڌَ جي لھرن تي لڏندڙ لمندڙ ٻيڙو بڻجيو پوي، جنھن ۾ ويٺل احمد علي ڏيپر کان فياض چنڊ تائين ۽ فھيم شناس ڪاظميءَ کان راج ڪنور تائين کوڙَ پيارا چھرا جهومندا نظر ايندا. ھرڪنھن وٽ ھٿ ۾ جام، اکين ۾ اُداسِي ۽ چَپَنِ تي ڪا نه ڪا ڪھاڻي ھوندي، ڏک جي ڪھاڻي، پيارَ جي ڪھاڻي، مَلَڻَ وِڇڙَڻَ جي ڪھاڻي..!!

“راتوں سے بھي لمبے وفاےيار کے قصے

عاشق سناتے هيں جفاے يار کے قصے

 لازوال راڳي جگجيت ۽ موسيقي جي ديوي لتا جو آواز ڌيمو پوندو ته ڪو دوست ڪنھن پاڇولي وانگر، خاموشي سان اٿي، سنڌيءَ جي پراسرار راڳي ڍول فقير جي ڪيسٽ ھڻي ڇڏيندو. ڍولَ جو آواز اُڀرندو ته  بي ساخته بت مان سيسراٽ نڪري ويندا. ھڪ پَلَ لاءِ ته ساري محفل سُن ٿي ويندي ۽ متوارن سان ڀريل ٻيڙو وڃي آسمان سان لڳندو.

“سور انھيء ساڙي ساڙي ھو جي ويا ھليا....سور مڪائون سوکڙيون ڪري ڳالھه انھيءَ ڳاري ڳاري ھو جي ويا ھليا..!!”

اُن پل ڀاسندو ائين هو، جو سڀ ھمراھه اکيون ٻوٽيو، گوڏا کوڙيو ڍول فقير جي قدمن ۾ ويٺا آھن. اوچتو ڪنھن اوڇنگار جو آواز ڪنن سان ٽڪرائِجندو. اسين پيالن تان اکيون کڻي اوڏانھن ڏسنداسين ته ضراب ھڪ ھٿ ۾ جام جهلي، ٻيو ھٿ صوفا جي ڪنڌ ۾ وجهيو روئَندو نظر ايندو. اھو منظر اسان لاءِ نئون نه ھوندي به ڄڻ نئون ھوندو..اداس ڪندڙ..ڇرڪائيندڙ..

“اڙي يار ضراب ڇا ٿيو..!!؟؟” اسان مان ڪو نه ڪو دوست کيس ڳراٽي وجهي، آلين اکين سان پڇندو ته ضراب ٻار وانگر اڳ کان به زور سان روئندي چوندو: “بس ڇڏيو يار مونکي پنھنجي حال تي..!! ضراب معنى شراب..!! ضراب آھي خراب..!!” ته اھو دوست سنجيدگيءَ سان ھڪ ٻانھن ضراب جي ڪلھي تي رکي، ٻي ٻانھن سڌي ڪري، دوستن ڏي آڱر کڻي سياسي تقرير جي جذباتي انداز ۾ سماج سان سڌو سنئون مخاطب ٿي چوندو: “نه نه ضراب خراب ناھي، دنيا خراب آھي. دوستو! اوھان گواھَه رھجو، متان سمجهو تـ مان نشي ۾ آھيان. مان مڪمل ھوش سان ٿو چوان ته ضراب خراب ناھي، زمانو خراب آھي..!!” دوست جي اِن تقرير جي اثر ھيٺ ضراب جو روئڻ بند، نارمل ٿي ساقيءَ جا فرض ادا ڪرڻ ۾ مشغول.

اڪثر اھڙي موقعي تي ضراب ھڪڙو ضروري اعلان/ انڪشاف ضرور ڪندو ته: “يار! مان اڄڪلهه ھڪڙي خطرناڪ ڪھاڻي پيو لکان.” مون جھڙو ڪو ھمراھه تجسس وچان پڇندس:

“اڇا! ڪھڙي؟ مطلب ڪھڙو موضوع؟” جنھن تي ھو وڏو ساهُه کڻي چوندو “يار! ڪم گهڻو آ، بلاڪ بسٽر ڪھاڻي آ پيارا صفا..” جنھن تي مون سميت سڄي سنگت جي بولتي بند ٿي ويندي، پر گهڻا ڏينھن مھينا گذرڻ کان پوءِ به اسين ان اعلانِيَلَ ‘بلاڪ بسٽر‘ ڪھاڻي ٻڌڻ کان محروم رھنداسين. شايد ڪھاڻي به محبت وانگر ھڪ راز آھي، جيڪو وڌي وڻ تڏھن ٿيندوآھي، جڏھن ان کي ڪنھن ننڍڙي سلي وانگر لوڪ کان لڪائي رکبو آھي.

ڀريل پيالا خالي ٿيندا ڀرجندا رھندا ۽ ڀرجي خالي ٿيندا ويندا..!! بوتلون وڃي تَري سان لڳنديون، آخري ڦڙا يعني ’گولڊن ڊراپس‘ جيڪي بوتل جي ڍَڪِڻيءَ ۾ گڏ ٿيل ھوندا، اھي ساقي ضراب پنھنجي ھٿ سان ڪنھن نه ڪنھن دوست کي پياريندو. معني اِھا اُن محفل واري رات جي خاص مھرباني ھوندي ان دوست تي.  ھوڏانھن ڪو مون جھڙو سريلو ان مھل پنھنجي بي سري آوازَ ۾ ڳائڻ لڳندو:

“محبوبَ ڪئي مون تي اڄ خاص عنايت آ.

ھي قرب انھيءَ جو آ اظھار محبت آ. ”

پوءِ جڏھن رات لڙڻ لڳندي،  مَڌ جا پيالا صفا خالي ٿي ويندا ۽ دُنگيون  دَنگ ٿي وينديون ته ضراب ٿڙندڙ قدمن سان محفل مان اُٿي، گهر ويندو ۽ اسان لاءِ ماني کڻي ايندو. سلاد، ڪڙھايون، برياني، رائتو، ڪبابَ، مانيون ۽ ٻيو به الائجي ڇا ڇا!! مان ته ماني اڳيان ايندي خمارن مان اڌواڌ ٻاھر نڪري ايندس ۽ سوچڻ لڳندس ته ھن مَھَلَ جڏھن ذري گهٽ اڌ رات گذري چڪي آھي، ھائوسنگ سوسائٽي جا سڀ گهر اگھور ننڊ سمھي رهيا آھن، پري پري تائين ڪو بلب بتي ٻَرندي نه ٿي ڏسجي، ان مھل اسانجي ھن دوست ضراب جي وني، اسان جي ڀيڻ فرح ديبا پنھنجون ننڊون وساريو رڌڻي ۾ بيٺي اسان لاءِ ڪوسيون مانيون پچائي، ٻوڙَ بِريانيون گرم ڪري ۽ سلادَ ڪٽي، ڇا ڪوبه دوست ڪڏھن به سندس اھي ٿورا لاھي سگهندو؟؟ نه  ڪڏھن به نه!! ۽ مان ڀرجي ڀرجي آيل اکين سان دل ۾ ھڪ ساڳيو جملو ورجائڻ لڳندس: “تنھنجي مھرباني منھنجي ڀيڻ..تنھنجي مھرباني منھنجي ڀيڻ”

سچ ته ضراب جَھڙي لااُبالي شخص کي سندس گهرواريءَ ماءُ جھڙي زال بڻجي سنڀاليو آھي، نه ته ضراب جا جِھڙا حال آھن ته شايد ھو ڪڏھوڪو وِکِرجي وڃائجي چڪو ھجي ھا. بالا آفيسر پيءُ جي گهر ۾ نازن سان پليلَ شھزادن جِھڙي ھن ھمراھَه کي ته ان وقت اھو به پتو نه ھو ته کير گهڻي سير آھي! پاڻ کي گهڻو سياڻو سمجهندڙ، پر حقيقت ۾ بنھه ساده مزاج..!! سندس ساده مزاجِيءَ جو عالم اِھو جو ساڻس ڪو دوست ڀوڳ جھڙي ڳالھه به اگر سنجيدگي جي نوعَ ۾ ڪندو تـ ھو ان کي سچ سمجهي ويھندو. ان حوالي سان کوڙ کلڻ جھڙيون ڳالهيون ٿي گذريون. ھڪ ڀيري پياري بخشل باغيءَ سنجيده مُنھن ٺاھي چيس: “يار! ضراب پنھنجي گڏجاڻين ۾ پاڻ وارو ھي جيڪو مڇنِ ڪوڙُ دوست ويھندو آھي، اھو ايجنسين جو ماڻھو آھي، مون سڄي معلومات ورتي آھي.”

“ڪھڙو ڪلين شيو؟؟ پاڻ وٽ ته ٻه ٽي مُڇَ ڪَٽو آھن.!” ضراب سنجيدگي ۽ دلچسپ حيرت مان پُڇيس. “اھو پاڻ وارو سارنگ سھتو” بخشل سندس ڪَنَ ۾ انڪشاف ڪيو ته ضراب رَڙِ ڪري سَٿَرَ تي ھٿ ھڻي چيو: “اتي رکيس! مان ته اڳ ۾ ئي چوندو ھئس ته سارنگ وڏو چڪرباز آھي. مون کي ته شروع کان مشڪوڪ لڳندو ھو!” الا! ڪير کِلي بخشل جي ٻڌايل ڳالهه تي!  جيڪو ٻڌي، سو ٽھڪن ۾ ٻڏيو وڃي.

 ھن يار جي سنگت ۾ ته ڪجهه اھڙا به چَرٻ زبان ھمراھَه شامل ھئا، جيڪي ماڻهوءَ کي ھلندي وڪڻي ڇڏيندا آھن. وڏي ڳالهه ھي ته ھي ھمراھه وري وَڌِ ۾ وَڌِ متاثر به انھن کان.! پر پنھنجي سڀني دوستن سان غير مشروط محبت ڪندڙ ضراب حيدر ھڪڙو فقيراڻو مزاج رکندڙ اھڙو پيارو  شخص آھي، جنھن سان ڪوبه ليکو ڪرڻ نه سونھين. پنھنجي بي نيازيءَ سميت ڪنھن قدر تڪڙي طبيعت جي ڪري ضراب حيدر زندگيءَ ۾ ڇا وڃايو، ڇا ماڻيو، سو ته ھو پاڻ ڄاڻي ۽ ٻيو اُھي ڄاڻن، جن ساڻس گڏ کِليو رُنو ھوندو.

“تم  سےبچھڑين گے تو يے سوچين گے؛ هم نے کيا کھويا هم نے کيا پايا..”

اسان دوستن ته بس رڳو اھو ڄاتو تـ ضراب  ڦريندڙن جي ھجومَ ۾ نه، پر ڦرجندڙن جي قبيلي ۾ شامل آھي. دوستن تي ساھه ڇڏيندڙ ۽ انھن جي اکين ۾ پنھنجون خوشيون ڳوليندڙ  ضراب حيدر کي نيٺ گذر سفر لاءِ پنھنجو گهر، پنھنجو شھر ڇڏڻو پيو ۽ ھڪ شام لڏڻو پيو. ھن تي ھجرت واري اُھا شام ڪيئن گذري ھوندي، ان جو ذڪر شايد لفظن جي جهوليءَ ۾ ماپي نه ماپندو..!!

ھو ھليو ويو ته سندس گهر جي گهٽيءَ او طاق وارو ڪشادو ڪمرو اسان سڀني دوستن لاءِ اوپرو ٿي ويو، ادبي سنگت جون گڏجاڻيون اَڌَ ۾ رھجي ويون، مڌ جون محفلون اجاڙ ٿي ويون، جگجيت ۽ لتا  جا گونجندڙ گيت خاموش ٿي ويا، ڍول فقير جون ھڪلون ھونگرون ۽ پر اسرار واديءَ مان اُڀرندڙ سندس مٺوآواز ماٺ ٿي ويو.

واقعي ھڪ شخص به ھڪ دنيا ھوندو آھي. اُھو جيڏانھن ويندو آھي، پنھنجي دنيا پاڻ سان گڏ اوڏانھن کڻي ويندو آھي. پٺيان رڳو اداس يادگيرين جو ڪوھيڙو ڇڏي ويندو آھي.

حيدرآباد ھن  ھمراھَه کي ڪنھن پراڻي پيار وانگر پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، جنھن جي موٽَ ۾ ھن حيدرآباد کي سندس نالي سان منسوب ھڪ ڪھاڻي ڪتاب ڏنو آھي. سچ تـ آرٽسٽ جنھن وڻ جي ڇايا ۾ ويھندا آھن، جنھن گهڙي مان پاڻي پيئندا آھن، جنھن ڇَتِ ھيٺان ڪجهه پل آساس ماڻيندا آھن ۽ جنھن آڪاشَ ھيٺان ننڊ ڪندا آھن ۽ خواب ڏسندا آھن، اُن جو احسان نه وساريندا آھن. سو اسان جي ھن پياري دوست به حيدرآباد جي ھوائن جو ٿورو نه وڃايو ۽ ھي خوبصورت ڪھاڻي ڪتاب ’حيدرآباد‘ لکي، سندس احسان ادا ڪري ڇڏيو آھي.

مان پياري ضراب حيدر کي ’حيدرآباد‘ تي حيدرآباد جي ٿڌي ۽ وڻندڙ ھير جھڙي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا