ضراب حيدر
(ضراب آھي، ناھي خراب - پروفائل)
منور سراج
شھر نوابشاھه!
ھائوسنگ سوسائٽي، وِشال ويڪرو رَستو، رَستي جي آخري ڪناري تي ھڪ بنگلو ’ڪليار ھائوس‘، مٿي ھوا ۾ جهولَندڙ ڪاري
بيرڪ وارو اُداس عَلم، مٿئين پورشن ۾ وڏوڪمرو، ڏکڻ ڏي کُلَندَڙَ دَرِي، ضراب حيدر
جي اوطاقَ، جَنهِن جا دروازا سندس سڀني دوستن/ ليکڪن/ غير ليکڪن لاءِ ھر وقت کُليلَ،
سنگت نوابشاهه جو سيڪريٽري چاھي وسيم سومرو ھجي، يا بخشل باغي، ضراب ھجي يا فياض چنڊ
ڪليري، گڏجاڻيءَ جو ھنڌ بھرحال ضراب جي اوطاقَ، جِتي سنگت کي نه ھوندي پاڻي
ڪانجهيءَ جي پرواهَه، نه وري چانھه جي چنتا..!!
