ظفر عباسي
جنم ڏينھن جون واڌايون
مرتضيٰ سيال
سال ۱۹۷۸ ۾ نوشهري ۾ اسڪائوٽنگ جي ڪئمپ لڳي، آئون ان
وقت هاءِ اسڪول هالاڻي ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد هوس ۽ پنهنجي اسڪول جي اسڪائوٽنگ ٽيم سان
ان ڪئمپ ۾ شريڪ ٿيو هوس، اتي ضلعي جي سڀني اسڪولن جا اسڪائوٽ آيل هئا، اسان جي پاسي
۾ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جي ٽيم پنهنجي ڪئمپ هنئي هئي، ڪئمپ ۾ سوين شاگرد هئا، اتي
منهنجي ملاقات هڪ بنھ نازڪ، نفيس ۽ سنهڙي شاگرد سان ٿي جنهن پنهنجو نالو ظفر الدين
عباسي ٻڌايو، ان مختصر ملاقات کانپوءِ جيترا ڏينهن ڪئمپ ۾ هئاسين اوترا ڏينهن وقفي
وقفي سان ملندا رهياسين ۽ ڪئمپ پوري ٿيڻ تائين اسين ٻئي دوست بڻجي وياسين. هڪٻئي کي
پنهنجون ائڊريسون ڏئي، ٻيهر ملڻ جا واعدا ڪري پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي
وياسين.
هالاڻي ۽ ڪنڊيارو جي
وچ ۾ ۸ ڪلو ميٽرن جو مفاصلو آهي پر ان زماني ۾ ايتري مفاصلي تي ٻئي شهر وڃڻ لاءِ
به گهر وارن جي موڪل ضروري هوندي هئي، پهريان ته اسان جو رابطو خطن ذريعي شروع ٿيو
۽ پوءِ اڳتي هلي اسان هر آچر تي ملڻ شروع ڪيو، هڪ آچر تي هو مون وٽ ايندو هو ۽ هڪ
آچر تي آئون وٽس ڪنڊياري ويندو هوس، سمورو هفتو اسان آچر جو شدت سان انتظار ڪندا
هئاسين، جنهن ڏينهن ملندا هئاسين اهو ڏينهن اسان لاءِ عيد جي ڏينهن جيان هوندو هو،
صبح کان شام تائين گڏ هوندا هئاسين، خوب ڪچهريون ڪندا هئاسين، گهمندا هئاسين ۽
هڪٻئي جي ڳوٺائي دوستن سان به ملندا هئاسين. اُن ئي زماني ۾ اسان ٻاراڻيون ڪهاڻيون
پڙهڻ شروع ڪيون ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ پاڻ به ٻاراڻن رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيوسين.
مون کي لکڻ جو شوق
ڏيارڻ ۾ ظفر عباسي جو اهم ڪردار هو، ظفر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جن کي پڙهي مون به
لکڻ جي ڪوشش شروع ڪئي.
ظفر عباسي سنڌي ادب
کي ڪافي ڪتاب ڏنا، ڪجھ عرصو عملي صحافت سان به لاڳاپيل رهيو، ڪاوش گروپ پاران
نڪرندڙ ڊائجسٽن جو ايڊيٽر به رهيو ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان سندس گهڻو ڪنٽريبيوشن آهي
۽ سندس شخصيت جا ٻيا به ڪيئي ڄاڻائڻ جهڙا سگهارا حوالا آهن پر مون لاءِ اهم ڳالھ
اها آهي ته هو منهنجو انتهائي دلبر دوست آهي، دوست به اهڙو جيڪو مثالي دوستي جي
مفهوم تي سئو سيڪڙو ٺهڪندڙ. اهڙيءَ طرح اسين ڄڻ ته ساڳي ئي وڻ جا ٻه ڏار آهيون.
اڄ ظفر عباسي ۽ آئون
زندگيءَ جي ھاف سينچري ڪراس ڪري چُڪا آهيون پر پنهنجي ماضيءَ ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏسون
ٿا ته سچ پچ ڏاڍي حيرانگي ٿئي ٿي، ڪيترو نه خوبصورت وقت هئو، والدين غريب هئا،
وسيلا محدود هئا پر پوءِ به ڏاڍا خوش هئاسين. ننڍڙين ننڍڙين خوشين کي ڀرپور نموني
سيليبريٽ ڪندا هئاسين، هڪٻئي کي ڪتاب پڙهائيندا هئاسين ۽ پوءِ انهن ڪتابن تي ڊگھا
ڊگھا بحث ڪندا هئاسين، هڪٻئي کي پنهنجون لکڻيون پڙهي ٻڌائيندا هئاسين، هڪٻئي کي خط
لکندا هئاسين ۽ روزانو خطن جو انتظار ڪندا هئاسين. ننڍيون ننڍيون خواهشون هيون جن
جي پوري ٿيڻ تي تمام گهڻو خوش ٿيندا هئاسين، ننڍا ننڍا ادبي پروگرام ۽ گڏجاڻيون
ڪندا هئاسين جنهن ۾ سڀني ادبي دوستن کي گڏ ڪندا هئاسين، ڏاڍو خوبصورت دور هئو ۽
اهو خوبصورت دور اسان کان وڃائجي ويو.
ظفر عباسي منهنجن انهن
دوستن مان هڪ آهي جيڪي منهنجي لاءِ اُتساھ جو سبب بڻيا. بنان ڪنهن پُٺ جي ظفر جي مسلسل
جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت مون کي به اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو ۽ ظفر وانگر مون به هڪ سڀئي
ٻيڙيون ساڙي حيدرآباد اچي پنهنجي مستقبل کي نئون موڙ ڏنو. اسان جي ان جدوجهد جو
نتيجو اهو آهي جو اسان جي نئين نسل کي اُهي سڀئي سهولتون، موقعا ۽ دڳ ميسر ٿي سگهيا
جيڪي اسان کي ميسر نه هيا.
اڄ منهنجي دلبر دوست ظفر عباسي جو جنم ڏينهن آهي، الله سائين کيس اهڙيون اڻ ڳڻيون خوشيون عطا ڪري ۽ هو سدائين مرڪندو رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا