; سنڌي شخصيتون: ظفر عباسي، مرتضيٰ سيال،
Showing posts with label ظفر عباسي، مرتضيٰ سيال،. Show all posts
Showing posts with label ظفر عباسي، مرتضيٰ سيال،. Show all posts

28 November, 2021

ظفر عباسي

ظفر عباسي

جنم ڏينھن جون واڌايون

مرتضيٰ سيال



سال ۱۹۷۸ ۾ نوشهري ۾ اسڪائوٽنگ جي ڪئمپ لڳي، آئون ان وقت هاءِ اسڪول هالاڻي ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد هوس ۽ پنهنجي اسڪول جي اسڪائوٽنگ ٽيم سان ان ڪئمپ ۾ شريڪ ٿيو هوس، اتي ضلعي جي سڀني اسڪولن جا اسڪائوٽ آيل هئا، اسان جي پاسي ۾ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جي ٽيم پنهنجي ڪئمپ هنئي هئي، ڪئمپ ۾ سوين شاگرد هئا، اتي منهنجي ملاقات هڪ بنھ نازڪ، نفيس ۽ سنهڙي شاگرد سان ٿي جنهن پنهنجو نالو ظفر الدين عباسي ٻڌايو، ان مختصر ملاقات کانپوءِ جيترا ڏينهن ڪئمپ ۾ هئاسين اوترا ڏينهن وقفي وقفي سان ملندا رهياسين ۽ ڪئمپ پوري ٿيڻ تائين اسين ٻئي دوست بڻجي وياسين. هڪٻئي کي پنهنجون ائڊريسون ڏئي، ٻيهر ملڻ جا واعدا ڪري پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي وياسين.