; سنڌي شخصيتون: ثناءُالله عتيق چنجڻي

16 November, 2021

ثناءُالله عتيق چنجڻي

ثناءُالله عتيق چنجڻي

املهه انسان - مڻيادار ماڻهو - سلسلو : 77 هون

حفيظ چانڊيو



ڪي ڪي فرد ڄمندي ڄام ٿيندا آهن، جيڪي جوانيءَ ۾ پير پائيندي پنهنجي قبيلي سان گڏ قومن جي سڃاڻپ بڻجندا آهن. ڪي ڪي ماڻهو جدوجهد جي علامت بڻجي سماج اندر ڪنهن قدر تبديلي جو استعارو پڻ بڻجندا آهن. پنهنجائپ، پيار ۽ ماڻهپي جو خوبصورت نانءُ، ثناءُ الله عتيق چنجڻي به هڪ اهڙو دلربا نانءُ آهي، جيڪو هڪ شاعر، ڪالم نگار، هڪ استاد سان گڏ سماجي اڳواڻ آهي، جنهن شعوري طور اگهور ننڍ ۾ ستل قوم کي جاڳائڻ جا جتن ڪيا آهن. هو بحيثيت تعليمدان تعليمي ميدان ۾ نوجوانن کي روشن مستقبل لاءِ لاڳيتو اتساهيندڙ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سراپا عمل رهندڙ اسان جو هي متحرڪ رهندڙ دوست ڪڏهن به ننڍ ناهي پيو. هن هميشه هڪ سجاڳ اڳواڻ جيئن ادبي ۽ سماجي بي لوث خدمتون ڪندي پنهنجي ٽهيءَ جي نوجوانن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، هن جو تعلق جيتوڻيڪ هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي، پر هو بنا ڪنهن ساهيءَ جي راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن سچيتائي ۽ روشن خيالي سان بهترين انسان طور پاڻ موکيو آهي، اهي والدين ڪيڏا نه خوش قسمت هوندا جن جي گهرن جا اڱڻ ثناءُالله عتيق جهڙا لشمي پٽ مهڪائيندا آهن، سندس سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن، گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ سنڌ جو هيءُ نوجوان سڀ سان مرڪندڙ مُک سان مکا ميل پيو ٿيندو آهي، سندس ان دل کي وڻندڙ مرڪ پٺيان، اڻ ڳڻيا ارمان ۽ اوسارا لڪل آهن،  جن کي هو پنهنجي نظمن ۾ ۽ تحريرن ۾ مسلسل اظهاريندو رهيو آهي، ساڻس سرهي سٿ ۾ رهندي جيتوڻيڪ مون کي اڃان چار پنج سال ئي ٿيندا، پر مون کي الائي ڇو ائين محسوس ٿيندو آهي ته منهنجو ساڻس تعلق صدين تي محيط آهي، ثناءُالله عتيق چنجڻي، سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر، ليکاري ۽ درد مند انسان آهي، سنسار جي دردن جي درياهه ۾ ورتل مخلوق جا ڳوڙها سندس ناسي نيڻن مان وهندي ڏسندو آهيان ته کيس آٿت ڏئي چوندو آهيان ته “مٺا! نيٺ ته ٿيندو سوجهرو، رهڻي ناهي رات” مرڪي وراڻيندو آهي ته پيارا! ڇا ڪجي، هيڏن هاڃن کي ڏسندي ڏسندي بس هڪ روشن صبح جي اميد ئي باقي بچي آهي”، اها اميد مون منجهس مسلسل، اڀ ۾ ستارن جيئن چمڪندي ڏٺي آهي.


اڄ ثناءُ الله عتيق چنجڻي جو جنم ڏينهن آهي، ٺل جي هڪ شاعر دوست“وفا ٻرڙو” پاران معمول مطابق شاعرن ۽ اديبن جي جنم ڏڻ جي حوالي سان ساجهر جو پيغام مليو، پڙهيم جنهن ۾ هيرآباد محلي، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ثناءُ الله عتيق چنجڻيءَ جي جنم لاءِ لکيل هيو، مون کيس فون ڪيو ۽ سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون، وراڻيائين پيارا اسلام آباد کان آفيشل وزٽ تي ڊيليگيشن آيل آهي، سو شام ملئون ٿا، سندس شام ملئون ٿا واري جملي سندس ڪمٽمينٽ ۽ مصروفيت کي ظاهر ڪيو، هونئن به غيرمعمولي انسان سماج لاءِ مسلسل پتوڙيندا آهن، سنڌ جو هيءُ نوجوان به انهن غير معمولي ماڻهن مان هڪ آهي جيڪي هميشه متحرڪ رهي، ڪنهن اهڙي لهر اڀارڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن، جيڪا تاريخ جو پراڏو بڻجي، نوجوان نسل لاءِ لاڀائتي ثابت ٿئي. هو جيڪو صحتمند سماج جي جوڙجڪ لاءِ هميشه آسائتو رهندو آيو آهي، هو جنهن وٽ ديس جي بي پهچ ڪيترن ئي نوجوانن جو اونهو هوندو آهي، مون کيس هميشه منجهيل نوجوانن لاءِ روشن اميد طور ڏٺو آهي، شايد ئي ڪو نوجوان هجي، جنهن سان ساڻس ملاقات نه هجي، هو پنهنجي ذات ۾ ڪنهن اداري کان گهٽ نه آهي، زماني جي لاهن چاڙهن جي زد ۾ آيل هن سماج اندر سندس زندگي گذارڻ جو نمونو سچ پچ ته نوجوان نسل جي روشن راهون هموار ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي، هو سراپا عمل هڪ باعمل ۽ سچيت انسان آهي، جنهن جي چهري تي مون سميت ڪيترن سنگتين ڪڏهن ٿڪاوٽ ناهي ڏٺي، نه ئي مايوسي وٽس بظاهر بکندي ڏٺي آهي، هو مزاجن کلڻو ملڻو ڇا ته شاندار شخص آهي، سندس سادو سودو مزاج هر ملندڙ ماڻهوءَ کي موهي ڇڏيندو آهي.

ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي انفرادي زندگيءَ جي سنوارڻ لاءِ پيا جيئندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو اجتماعي زندگي گهارڻ لاءِ سنسار ۾ صحتمند سرگرمين جا مرڪز بڻجي ويندا آهن، هو پنهنجي ذات ۾ هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن مان محبت ۽ ماڻهپي جي اڻ مٽ سبقن سان گڏ اتساهه ئي اتساهه پيو ملندو آهي. هن پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ پنهنجي آسپاس محبتي ماڻهن جا ڪيترائي ڳوٺ اڏائي ڇڏيا آهن، جنهن سبب جيڪڏهن کيس گهمندڙ ڦرندڙ “انسائيڪليو پيڊيا” چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هو هڪ شخص تي محيط هڪ آرمي جو ڏيک ڏيندڙ مانجهي مڙس آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ هن ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن سان پيار ڪيو آهي،  جنهن سبب ساڻس پيار ڪندڙ سنڌي قوم پنهنجي هن صالح ۽ صدوري پٽ جي جنم ڏينهن تي سندس وڏي ڄمار ۽ ڪامياب جيون جون اڻ ڳڻيون دعائون ڏيندي، کيس جنم ڏڻ جون واڌيون پيش پئي ڪري.

ثناءُ الله عتيق چنجڻي، منهنجو ذاتي دوست آهي، ساڻس پيار ۽ پنهنجائپ وارو رشتو رهيو آهي، مون هن وٽ قوم لاءِ درد ڏٺو آهي، جنهن جي لاءِ هو مسلسل ڪنهن ويڄ جيئن ڪردار ادا ڪندو ٿو رهي،  سندس اندر ۾ ساڻيهه جي سڪ پلجندي نظر آئي اٿم، هو هڪ فقير منش انسان آهي، سادي سودو مزاج رکندڙ هن شاعر دوست پاران ملندڙ محبتن کي شايد ئي ڪو فراموش ڪري سگهي، ڇو جو وٽس ڪنهن قسم جو نماءُ ناهي هوندو، هو دل جي گهراين سان سڀ کي چاهيندو رهيو آهي، سڀني سان خيرخواهي ڪندڙ سندس من ۾ ڪنهن لئي تر برابر به مير ناهي رهيو، سندس تعلق به سنڌ جي هڪ تاريخي ڳوٺڙي ڳوٺ ميانداد چنجڻي، سان آهي. سندس گهراڻو حاجي خانڻ صاحب جي ڪري سنڌي لوڪ ادب ۾ وڏي حيثيت جو حامل آهي. موقعن جي اڻ هوند باوجود هي نوجوان پاڻ ته پڙهيو پر پنهنجي آسپاس ۾ رهندڙ نوجوانن لاءِ به اتساهيندڙ ڪردار بڻيو، اڄُ سندس ڳوٺ ۾ شعور جون شاخون مٺو ميوو ڏئي رهيون آهن، سندس ڳوٺ ۾ ناليوارا سگهڙ، محقق، شاعر ۽ استاد رهن پيا، جن مان سائين حُسين احمد، حزب الله چنجڻي، محمد چنجڻي، جمن چنجڻي، طارق، آزاد عبدالرحيم سميت ڪيترا نوجوان ادب جي آبياري ڪندا رهن ٿا.

ثناءُ الله عتيق، پنهنجي پوري قبيلي ۾ هڪ منفرد ماڻهو آهي. سندس سوچڻ جو انداز، شعوري وک سڀني جاهل قوتن مٿان ڀاري بڻيل آهي. هن ته لطيف سائين جي ڏسيل واٽ تي رات ۽ ڏينهن بي ڊپائيءَ سان سنڌي ماڻهن جي بنا ڪنهن فرق جي مسلسل مدد پئي ڪئي آهي. هن وٽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو جيڪو ڏانءُ آهي، سو هر ماڻهوءَ ۾ هجڻ ناممڪن آهي. هن کي ان جي پوري پڪ آهي ته کيس قبيلائي ۽ جاگيرداڻي ماحول اندر گهربل مقام ملي نه سگهندو، پر انا جي افق تان زمين تي لهي آيل جاهلن مٿان سندس متحرڪ وجود حاوي ضرور ٿيندو. سندس چهري تي هميشه خوشيءَ وارو تاثر، سڀ جو همدرد، چپن تي ٺهندڙ لازوال مرڪ، مايوسين جي ڳوٺڙي کان ٿيندو خوشين جي خزانن کي ڳولهي لهڻ وارو هڪ حساس دل شاعر، سماجي خدمتن سان گڏوگڏ نوجوان نسل کي روشن راهون ڏيکاريندڙ ثناءُ الله عتيق چنجڻي سماج اندر هڪ فرض شناس شخص جيئن صحتمند سماج جوڙڻ ۾ هڪ ڏينهن ضرور ڪاميابي ماڻيندو.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائم وال تان ۱۶ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا