پروفيسر مختيار چنو
ڪھاڻيڪار، نثرنويس،
تعليمي ماھر سان فاصلاتي غير رسمي ڪچهري!
مٺل جسڪاڻي
مختيار چنو اوهان
مان ڪن ڏٺو، ڪن ٻُڌو، ڪن پڙهيو هوندو، ساڻس ڪن ملاقاتون، ته ڪن ڪچهريون به ڪيون هونديون.
مون کي سندس متعلق ڪا ٻُڌ سُڌ نه هئي! هن پهريون دفعو ڊسمبر ۲۰۱۸ع ۾ عالمي اوطاق (فيس بوڪ) وسيلي رابطو ڪيو،
سندس اهو ڪم ٿيو، يا نه، مئي ۲۰۲۰ع دوران مون “فيس بوڪ انٽرويو سلسلو هلايو، ته هن ف ب انباڪس
نياپي ۾ لکي موڪليو “مانائتا سائين، انٽرويو واري سلسلي لاءِ هڪ راءِ آهي. جنهن به
تخليقڪار جو انٽرويو آهي. ان سان هن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ تخليق به شامل ڪريو. پوءِ
شخصيت سان گڏ، ان جي تخليق جي صلاحيتن جو اندازو به لڳي ويندو”. مون ورندي ڏني “لک
ٿورا، قرب. ادا، تجويز ته معقول آهي، پر.... جيڪڏهن ڪو ناول لکندڙ آهي ته؟ جن جا
انٽرويو هلي ويا، انهن جو ڇا ڪجي؟ جيڪو ليکڪ نه آهي، پر امتيازي شخصيت آهي، ان جو
انٽرويو، بنا تخليق مونجهارا پيدا ڪندو.” ان تي مختيار لکيو “جيڪو ناول نگار آهي
ته يقينن شارٽ اسٽوري به لکندو هوندو. جيڪو گذري ويو. سو ته ويو. اوھان بهتر ڄاڻو ٿا.
ڄڻ شخصيت مڪمل ٿي ويندي.” مون کيس لکيو “مهرباني. اڄ تيرهين ڪڙي پوسٽ ٿي چڪي،
پنجاهه ڪڙيون پهتل، فائينل ٿيل، صرف پوسٽ ڪرڻ جي واري جي انتظار ۾ آهن. منهنجو اندازو
آهي، ته وڌ ۾ وڌ به ٽوٽل هڪ سئو انٽرويو هلندا. اڌ ۾ تخليق هجي، اڌ ۾ نه، مزو نه
ڪندو. ۽ انٽرويو سلسلا ٻين جا هلن پيا، ٻين جا شروع ٿيندا. مڪمل ڪير به نه هوندو،
هي سلسلو، جيئن مون مناسب سمجهو، شروع ڪيو. هن کان بهتر انداز ۾ ٻيا ڪري سگهن ٿا،
انهن کي ڪرڻ گهرجي. اوهان جي دلچسپي ۽ صلاحون ڏيڻ جي مهرباني. مستقبل ۾ نئون سئون
سلسلو هلايم، ته اهو هن کان مختلف هوندو، ان ۾ تخليق جي گنجائش رکبي. هڪ دفعو وري
به مهرباني.”
اسان جي ان رابطي
کان پوءِ به اسان فيس بوڪ فرينڊ نه آهيون. هڪ ٻئي سان موبائيل رابطو ڪونهي. روبرو
ملاقات ته يا نصيب، فيس بوڪ ان باڪس وسيلي ٿيل اسان جي غير رسمي ڪچهري، سندس رضامنديءَ
سان، اوهان جي مطالعي لاءِ حاضر آهي.
روايتي طور اسان جي
ڪچهري جي شروعات تعارف سان ٿي. مون پڇيو “اوھان ڪٿي جا آھيو؟ ڇا ڪندا آھيو؟” هن لکيو
“راڻي پور جي هنڱورجا جي وچ ۾ ڳوٺ گڏيجي (ضلعو خيرپور ميرس) جو آهيان، گورنمينٽ
سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻي پور ۾ ڪامرس جو استاد آهيان”. مون پڇيومانس “استاد ھجڻ کانسواءِ
اڪثر ڪھڙي مصروفيت ھوندي آھي؟”، ته وراڻيو “ڪتاب پڙهڻ، ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ،
سماجي سرگرميون. ڳوٺ جي شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪرڻ، همٿائڻ، ايڊميشن ۽ نوڪرين
جا فارم ڀري ڏيڻ، ان کان علاوه ڪهاڻيون ۽ نثري نظم لکندو آهيان سائين”.
مون کي سندس ڳالهه
وڻي، ته مختيار جي مڃتا ۾ لکيم “اوهان جي ھمٿ کي سلام. اوهان ڳوٺ جي شاگردن جي
ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪيئن ڪندا آھيو؟”، ته هن جواب ۾ لکيو “شاگرد جڏھن يارهين ڪلاس ۾
اچي ٿو. هوءَ اڻ ڄاڻ هوندو آهي. هن کي ڪيئرير صرف ڊاڪٽر ۽ انجنيئر لڳندو آهي. ظاهر
آهي سڀ شاگرد ڊاڪٽر ۽ انجنيئر نه ٿي سگهندا آهن. ناڪامي کانپوءِ هو مايوس ٿي وڃي
ٿو. انهن جي رهنمائي ڪندا آهيون. سول سروسز جا امتحان ڏيو، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن تي حڪمراني
ڪريو. سٺا سائنسدان، واپاري، وڪيل، جج ٿيو. الاھي رستا اوهان جي آڏو کليل پيا آهن.
ٻيو محنت ڪريو. وڏيرن جو آسرو ڇڏيو. هوشيار ۽ محنتي شاگرد جي لاءِ هر اشتھار ۾
نوڪري موجود هوندي آهي. توھان ئي والدين جي ملڪيت آهيو.”
مون پڇيومانس ته “اوھان
ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ جي به ڳالھه ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪيترو پري تائين وڃي نڪتا آھيو
۽ ڪڏھن اوھان پاڻ به ڪو پروگرام منعقد ڪرايو يا ڪيترا پروگرام ڪيا آھن؟” هن جواب ۾
لکيو “۲۰۱۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلعي خيرپور جو رابطا سيڪريٽري رهيو آهيان. سنڌي ادبي
سنگت راڻي پور ڪيترا دفعا سيڪريٽري رهيو آهيان. سگا راڻيپور جو مون الحاق بحال ڪرايو.
بحالي کان پوءِ ان جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان. بلڪل ائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي
ڪراچي وڃڻ کان پوءِ، ان جو الحاق به رد ٿي ويو هو. دوستن سان گڏ اهو به مون ڪرايو.
ڪافي پروگرام ارينج ڪيا آهن. ڪمپئرنگ ڪئي آهي.”
مون کانئس پڇيو “سائين،
سماجي سرگرميون ڪھڙيون رھيون آھن؟”، ته وراڻيو “گلوبل رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن
جو بنياد وڌو. اتي هر طبقي، پر گهڻائي نوجوانن کي ڪٺو ڪيو آهي. وڏا ڪم ڪو نه آهن.
هڪ لائبريري “گلوبل ريڊرس اينڊ رائٽرس لائبرري، گڏيجي” جو بنياد وڌو آهي. ڳوٺ ۾ وقت
به وقت ٿيندڙ مسئلن لاءِ ماڻهن سان رابطا رکڻ، نوجوانن جي تربيت ڪرڻ، هن وبا جي
ڏينهن ۾ مهم جوئي ڪري، ماڻهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي وبا جي احتياطن جي ڄاڻ ڏيڻ. پڙهائي
۾ شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ. ان کان علاوه مان RSPN ۾ پروگرام آفيسر مانيٽرنگ، ايواليشن اينڊ ريسرچ ڪم ڪيو آهي. جنهن دوران
نيشنل ۽ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن سان رابطي ڪاري رهي”.
مختيار جي جواب
متاثر ڪيم. ان ڪري لکيم “واھه. بھترين. سماجي ڪم ڪار ۾ مسئلا به ٿيندا ھوندا، دل آزاري
به ٿيندي ھوندي، ته پوءِ وري ڪيئن، وري به سرگرميون جاري رکندا آھيو؟” هن وراڻيو “جي
سر غريب فيملي مان آهيان. ان ڪري لڪل ڪوششون ڪندا آهن. سامهون ناهن ايندا. ڪم ۾
مشڪلاتون پيدا ڪندا آهن. الله عزوجل جي مهرباني آهي. ڪم ٿئي ٿو.”
ان کان پوءِ منهنجو
سوال هو ته “سگا مجموعي طور تمام سٺو ڪم ڪري پئي. ان ۾ اختلاف به ھوندا، پر سگا ۾
موجود اختلاف منظر عام تي ڪي اڻ لکا ظاھر ٿيندا آھن. ڇو؟”، ته هن ورندي ۾ لکيو “سائين،
جتي به انسان رهي ٿو. اتي اختلاف پيدا ٿين ٿا. يقينن سگا ۾ به هوندا. مان سگا ۾ برانچ
کان مٿي ناهيان رهيو. انڪري اندروني اختلافن جي ايتري ڄاڻ ناهي. منھنجو اندازو
آهي، سگا گريجوئيٽس جي تنظيم آهي. جتي پڙهيا لکيا ميمبر آهن. اڪثر ميمبر روزگار وارا
آهن. تنظيمن ۾ جهيڙن جو اصل ڪارڻ پئسو ۽ عهدا رهيا آهن. ٻيو هن ۾ مقرر وقت تي اليڪشن
ٿينديون رهن ٿيون. آئين جي بالا دستي آهي. ٻيو سگا هڪ اين جي او آهي. انهن وٽ هڪ بورڊ
جڙيل آهي. جيڪو فيصلا ڪندو آهي. مسئلا حل ڪندو آهي”.
سگا کان پوءِ س ا س
جو ذڪر ٿيو هو، ان ڪري مون پڇيو “سگا ۾ نه، اديبن ۽ شاعرن ۾ اختلاف ججها ھجڻ ڪري س
ا س سان گڏوگڏ ٻيون به سنگتون، تنظيمون، فورم گهڻا آھن، ڇو؟” ته لکيو “ڪجھ گهڙين
لاءِ سنڌي ادبي سنگت سميت ٻين سنگتن ۽ تنظيمن کي پري رکي، اچون ٿا اديبن ۽ شاعرن
تي. هيءَ اهڙي مخلوق آهي، جيڪا خود ثنائي پسند ڪندي آهي. حقيقت مڃڻ لاءِ تيار ناهي
هوندي. توهان ٿوري نظر ڪندا، توھان کي اديب ٽولن ۾ ورهايل ملندا. جيڪڏهن پيرا کڻندا،
هنن جون دوستين ۽ دشمنن جو بنياد به اهيو ملندو. اگر توهان پڇندا هن وقت ڪير سٺو لکي
ٿو؟ پنهنجي ٽولي مان فخر سان نالا کڻندا ويندا ۽ آخر ۾ چوندا فلاڻو به سٺو ٿو لکي.
بس ٿوري محنت ڪري. هنن پاڻ پڏائڻ لاء اهڙيون سنگتون ۽ تنظيمون جوڙيون آهن. جنهن ۾
شوقين نوجوانن کي ميمبر ڪندا آهن. انهن جو برين واش ڪندا آهن. هنن کان پنهنجا نعرا
هڻائيندا آهن. پروگرام ڪرائيندا آهن. ان پليٽ فارم تان پروگرامن جون صدارتون به پاڻ
ڪندا آهن. ادبي سنگت سميت ٻين سنگتن جو ڪم صدارتون ڪرڻ آهي. تربيتي ڪلاسن ۾ دلچسپي
نه هجڻ جي برابر ملندي”.
شاعرن جو ذڪر نڪتو،
ته مون پڇيو “شاعر ۽ شعور جو ويجهو تعلق آھي، شاعرن جي اڪثريت کي ذھن ۾ رکي صلاح
ڏيو ته شاعرن ۾ شعوري آبياري ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟” جواب ۾ مختيار چنه لکيو “مان توهان
سان متفق آهيان، ته شاعر ۽ شعور جو پاڻ ۾ ويجهو تعلق آھي. شاعري هڪ ڪرافٽ آهي، آرٽ
آهي، ڏات آهي. جنهن سان ماڻهو شاعر ته ٿي وڃي ٿو، پر شعور تعليم سان ايندو آهي. اسان
وٽ اڪثر شاعر گهٽ پڙهيو آهي. ٻيو اسان جو تعليمي سرشتو به ايترو سگهارو ڪونه آهي.
ان لاءِ تعليمي سرشتي کي بهتر ۽ رزلٽ اورنٽيڊ بڻائڻو پوندو”.
مون مختيار کان
پڇيو “اوھان س ا س ۾ سرگرم رھيا آھيو. ان ۾ اختلاف وڌڻ ۽ نبيرا نه ٿيڻ جا، اوھان
جي نظر ۾ ڪھڙا سبب آھن؟” مختيار لکيو “سنڌي ادبي سنگت ۾ پسند ۽ نا پسند جو جهيڙو پراڻو
آهي. جيڪو هاڻي ذاتيات ۽ دشمني ۾ بدلجي ويو آهي. ھڪ ڌڙو پاڻ کي اديب ۽ ٻئي کي غير
اديب چوندو رهيو آهي. دادا گوبند مالهي جو تنظيم جوڙڻ جو اصل مقصد ورهاڱي کان پوءِ
اديبن جو ٽڙي پکڙجي وڃڻ کانپوءِ اهڙو پليٽ فارم گهربل هو، جتي هو ڪنهن نه ڪنهن بهاني
سان گڏجن. نئين ماحول ۾ نون رستن جوڙڻ هو. ادبي سنگت هميشه غير سرڪاري رهي. هن گورنمينٽ
کان ڪا رعايت نه ورتي هئي. هڪ دور آيو. جنهن ۾ ثقافت کاتو ۽ ٻين کان پئسا ورتا ويا.
سيڪريٽري جنرل ثقافت کاتي جي ڪاميٽي جو ميمبر ٿي ويو. پئسو آيو. وڏيرپ ملي ويئي.
ان سبب ڪرسي ۾ چارم پيدا ڪيو. اهي سبب آهن. ٻيو سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۾ به جهول آهن.
وڏو جهول ادب دوست، ادب شناس ادبي سنگت جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، پر اهو اليڪشن به لڙي
سگهي ٿو. ھتي اسان جو ڪلچر آهي. پاڻ سان ڪم ڪندڙ عهديدار پاڻ کان گهٽ اهليت وارا ۽
فرمانبردار کڻڻ پسند ڪندو آهي. ان ڪري ادبي سنگت جو بنيادي ڪم دستوري گڏجاڻيون، تنقيدي
ڪلاس، ليڪچر تي ڪم نه ٿيو. هميشه اليڪشن تي نظر رهي. اهڙي نوبت اچي ويئي جو ايشيا
اندر سنڌي ادبين جي وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت ۾ اديبن بدران ادب دوست اڳواڻ بڻجي
ويا. شاخون ووٽ تائين محدود ٿي ويون. آخرڪار پنهنجي منطقي انجام تي پهتي. ٽڪرا ٽڪرا
ٿي ويئي”.
مختيار کان پڇيم “اديبن
جي حوالي سان عام ماڻھن جا ڇا تاثرات آھن ۽ اوھان کي اديبن ۾ ادب ڪيترو نظر اچي
ٿو؟” ته مختيار وراڻي ۾ لکيو “بنا شڪ جي اديب ڪنهن به معاشري جو شعوري طبقو هوندو
آهي. جيڪو پنهنجي قلم ذريعي محڪوم، مظلوم ۽ بي وس طبقي جي جنگ وڙهندو آهي. معاشري
جي اصلاح ڪندو آهي. ماڻهن ۾ جيئڻ جي همت ۽ سوچ پيدا ڪندو آهي. ساڳي وقت پڙھندڙن کي
تفريح مهيا ڪندو آهي. بدقسمتيءَ سان هتي ڪرسي، صدارت ۽ خود ثنائي ڪري، وقت به وقت،
هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ مصروف رهيو آهي. ايترو ھيٺ لهي آيو آهي. ماڻهن کي ڏندين آڱريون
اچي ويون آهن. ماڻهن چيو جيڪڏهن اسان جو اديب اهڙو آهي ته بس ڀلي آهي. جنهن جي ڪري
هو معاشري ۾ پنهنجي عزت ۽ وقار وڃائي ويٺو آهي. معاشرو انهن کي سٺي نظر سان نه ٿو ڏسي”.
مختيار لکندو رهڻ ۽
ڪهاڻين جو ذڪر ڪيو هو، ان ڪري مون لکيو “اوھان جو مواد ڪٿي شايع به ٿيو آھي، ته منھنجي
ڄاڻ ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه ٻڌايو...” مختيار جواب ۾ لکيو “۱۹۹۸ع کان ۲۰۱۰ع تائين عبرت ميگزين، ٻين تقريبن سڀني
ميگزين ۾ ڇپيل آهي. پوءِ مان سست ٿي ويس. ۲۰۱۹ع کان وري لکڻ شروع ڪيم. ڪتابن جا اڀياس لکيا آهن. اهي
هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل آهن. فيس بڪ تي موجود آهن. اڄ ڪلهه ڇپائي جي معاملي
۾ ستت آهيان. حالانڪ وقت به الاهي آهي. اڻ ڇپيل ڪهاڻيون ٽائيم لائين تي موجود آهن.
سائين منهنجو ارادو آهي ته انشاءَ الله، هن سال ڪهاڻين جو ڪتاب آڻيان.” ته مون وراڻيو
“اوھان جو ڪھاڻي ڪتاب ايندو ته ڳولي خريد ڪبو، پڙھبو. اڳواٽ مبارڪون قبول پون”. ان
بعد پڇيم “اوھان ڪھاڻيڪار آھيو. ڪھڙن ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون شوق سان پڙھندا آھيو؟”
مختيار لکيو “هونئن مون ڪتاب پڙهڻ جي شروعات الف ليلي، چار درويش، امير حمزو، گل
بڪاولي، ممتاز دمشاز قصص الانبياء جهڙن ڪتابن سان ڪئي هئي. اڳتي هلي، جيڪو پهريون ڪهاڻيڪار،
منهنجي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويو، مون کي پنهنجي مضبوط جَڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. اڄ به مون
تي ان جو اثر موجود آهي. اهو امرجليل آهي. جنهن جا شاهڪار ڪتاب دل جي دنيا، ٽيون
وجود، رني ڪوٽ جو خزانو، سنڌو منهنجي ساھ ۾ ڪتاب پڙهيا. پوءِ اعلي پائي جو ناول نيٺ
گونگي ڳالهايو پڙهيو. انهن جو سواد ۽ سڳنڍ اڄ به منهنجي ساهن ۾ موجود آهي. هن جا
سڀ ڪتاب منهنجي لائبريري ۾ موجود آهن. اڳتي هلي نسيم کرل، جنهن جو تعلق منهنجي ضلعي
۽ تعلقي سان آهي، پڙهيو، خوبصورت ٻولي ۽ ڪهاڻين جي ڪلائمڪس موهي وڌو. جديد ڪهاڻي جا
بنياد وجهندڙ جمال ابڙي جو پشو پاشا به پنهنجي سحر ۾ آڻي بيهاريو، طارق عالم ابڙي
جو مقبول ناول رهجي ويل منظر پڙهيو. طارق اشرف کي پڙھيو، علي بابا جو ناول موئن جو
دڙو پڙهيو، سراج کي پڙهيو، رسول ميمڻ جي ناول اسٽيل جا پنج گلاس پڙهيو آهي، منور
سراج کي پڙهيو آهي. امر لغاري، ابراهيم کرل، ممتاز بخاري، مظهر ابڙو، دريا خان شنباڻي،
رزاق سهتو، تقريبن سڀني کي پڙهيو آهي. قرت العين، بانو قدسيا جو راجا گڏھ، سعادت حسين
منٽو، ڪرشن چندر ۽ ٻيا اردو جا ڪهاڻيڪار پڙهيا آهن. مون تي اثر انداز ٿيا آهن.
ايرڪ ڪارڊر، هيمنگوي، شيڪسپيئر، جا ڪجھ ڪتاب پڙهيا آهن. خليل جبران پڙهيو آهي. اڄڪلھ
سنڌي ادب ۾ امرجليل کانسواءِ ضراب حيدر، طارق قريشي، رسول ميمڻ، منهنجا پسنديده ڪهاڻيڪار
آهن. واندڪائيء ۾ دل سٽ کائيندي آهي ته هڪ دفعو ٻار ٿي وڃان، الف ليلي کي پڙهان.
جنهن جو موه، ڇڪ، ڊپ، طاقت اڄ به مون تي ڇانئيل آهي”.
مون پڇيو “پاڻ وٽ
موضوع ۽ فني لحاظ کان ڪھڙي قسم جون ڪھاڻيون وڌيڪ پسند ڪيون وڃن ٿيون ۽ لکڻ ڪھڙيون ۽
ڪيئن گهرجن؟” ته مختيار جواب ۾ لکيو “ڪهاڻي ايتري پراڻي آهي، جيترو انسان آهي.
جڏهن ڌرتيءَ تي پهرين فرد قدم رکيو هو. ان ڏينهن کان ڪهاڻي جو به جنم ٿيو هو. ادب
جا ڪل ڇٽيھ ٿيم/ موضوع آهن. جن تي ڪروڙين سالن کان لکبو اچي ٿو. ڏهن کان پندرهن
موضوعن تي وڌيڪ لکيو ويو آهي. جنهن ۾ پيار جي موضوع تي گهڻي ۾ گهڻو لکيو ويو آهي.
اڄ به لکجي رهيو آهي. اسان وٽ فني لحاظ کان مختصر ڪهاڻي کي وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو.
جيڪا هڪ ويهڪ ۾ پڙهي پوري ٿي وڃي. جنهن ۾ فقط هڪ واقعو پيش ٿيل هجي، ڀلي اهو مختصر
يا طويل هجي. واقعا اهڙي ترتيب سان پيش ڪجن، جو حقيقي لڳن. واقعن، مڪالمن ۽ ڪردارن
جو پاڻ ۾ ربط هجي. ڪهاڻي جي شروعات ۽ پڄاڻي هجي. پوري دنيا جي ادب ۾ مختصر ۽
موضوعاتي ڪهاڻيون لکيون ۽ پسند ڪيون وڃن ٿيون. جيڪي معاشري جي سڌي ترجماني ڪنديون
هجن ۽ ڪهاڻي جي طئي شده عنصرن تي پورو لهنديون هجن. اسان به دنيا جو حصو آهيون. اسان
وٽ به اهڙي ڪهاڻي لکجڻ گهرجي”.
شاعري به ڪچهري جو موضوع
رهي، ان ڪري مون پڇيو “شاعري ڳائجڻ وسيلي عام تائين پھچي سماج ۾ اھم ڪردار ادا ڪري
ٿي، پاڻ وٽ عام جام ٻڌي ويندڙ شاعري جا عام ماحول تي ڪھڙا مثبت ۽ ڪھڙا منفي اثر پيا
آھن؟” ته مختيار جواب ۾ لکيو “موسيقي ادب جي اها صنف آهي، جيڪا معاشري تي پنهنجا
تڪڙا ۽ گهرا اثر ڇڏيندي آهي. ڪنهن ڏاهي چواڻي ته ڪنھن به ملڪ جي موسيقي ٻڌي، ان ملڪ
جي ماڻهن جي نفسيات جو اندازو لڳايو ويندو آهي. سنڌ ۾ ڪيسيٽ ڪلچر ذريعي ڳائي ويندڙ
شاعري ۾ نه شاعر جو ڏوھ آهي نه موسيقار جو، نه فنانسر جو. اسان جي نفسيات اهڙي آهي.
معاشرو فرسٽريشن ۽ ڀڄ ڊاھ جو شڪار ٿي ويو آهي. رواداري ۽ سهپ نه رهي آهي. اصل ۾
فنانسر پئسو سيڙائيندو آهي. جيڪا شي مارڪيٽ ۾ هلندي آهي، وڪامندي آهي، اها ئي کڻي
ايندو آهي. هن جو معاشري يا اتان ماڻهن سان ڪو به سروڪار ناهي هوندو، ته هن عمل سان
معاشري تي ڪھڙا اثر پوندا؟ واپاري جي نظر هميشه پرافٽ تي هوندي آهي. اڄوڪي ڳائي
ويندڙ ولگر شاعريءَ جا اسان جي معاشري ۽ نسلن تي برا اثر پون ٿا. اسان جا هزارين
سالن جا تهذيبي ۽ ثقافتي قدر پائمال ٿي رهيا آهن. دنيا ۾ اسان جو ميسيج به خراب وڃي
رهيو آهي. ان لاءِ معاشري مان فسٽريشن ختم ڪري، انکي صحتمند بڻائڻو پوندو. نوان
ٽرينڊ متعارف ڪرائڻا پوندا. ادبي ماحول پيدا ڪرڻو پوندو”.
مختيار مسلسل جواب
ڏيندو رهيو، ته مون پڇيو “اڄ ڪلھه ڇپجندڙ اڪثر ڪتابن جي مجموعي معيار ۽ مقدار سان
گڏوگڏ، ان ۾ موجود ڪتاب جي ليکڪ، مھاڳ، پيش لفظ، بئڪ ٽائيٽل، فليپرس واري مواد ۽ ڪتاب
ڇپجڻ کان پوءِ، انھن تي ايندڙ تبصرن جي حوالي سان، اوھان جا ويچار ڄاڻڻ گهربا ته اھي
آھن ڪيئن، ھجڻ ڪيئن ۽ ڪھڙا گهرجن؟” مختيار جواب ۾ لکيو “جيئن ته مان اڳ چئي چڪو
آهيان. اسان وٽ ادبي ادارن ۽ سنگتن جي غير متحرڪ هجڻ ۽ تنقيد جو بلڪل نه هجڻ جي
ڪري معيار متاثر ٿيو آهي، پر مايوسي جهڙو قطعن ڪونهي. باقي ڪتابن جو مقدار تيزي
سان وڌي رهيو آهي. روز تحقيق، تاريخ، شاعري ۽ ڪهاڻي تي ڪتاب نظرن آڏو گذرن ٿا. جيڪا
خوشي جي ڳالھ آھي. بدقسمتي سان اوترو ئي ڪتاب جو وڪرو گهٽيو آهي. جيڪو وڏو الميو
آهي. جنهن تي اهل علم کي سوچڻ جي ضرورت آهي. مھاڳ معني تعارف سان گڏ تعريف. پيش
لفظ به تعارف ۽ تعريف. بئڪ ٽائيٽل به تعارف ۽ تعريف. تخليقڪار شھرت جو بکيو ٿيندو
آهي. منهنجو ان ڳالھ سان اتفاق آهي. تعريف هر ڪنهن کي پسند هوندي آهي. ڪا خراب
ڳالھ ناهي. ظاهر آهي تبصرا به تعريف وارا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن همٿ افزائي وارا
هوندا آهن. جڏهن اسان تنقيد جي آجيان ڪئي، برداشت ڪرڻ سکي ورتي، ته يقينن معياري
ادب تخليق ٿيندو. عالمي ادب جون گهرجون پوريون ڪندو”.
جيتوڻيڪ تنقيد جي
حوالي سان سوال جواب ٿي چڪو، پر مون ٻيهر يا شايد ٽيهر به پڇيو ته “تنقيد جي اھميت
کان اوھان بخوبي واقف ھوندا، اوھان جي نظر ۾ پاڻ وٽ تنقيد جو معيار ڪھڙو آھي ۽ وقت
جي تقاضا پٽاندڙ ضرورت ڪھڙي آھي؟” ان جي جواب ۾ مختيار لکيو “تنقيد لاءِ ضروري آهي
ته تخليق جون خوبيون، لياقتون ۽ گُڻ جانچڻ. نقص پاڻھي چٽا ٿي سامهون اچي ويندا
آهن. اسان وٽ هن وقت جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي. مان حاجي تون زوار. وھ واھ، تمام سٺو،
لاجواب، زبردست، هرٽ ٽچنگ، شاعراڻي رس چس سان ڀرپور، ڪمال جو تخيل آهي... وغيره، ڪم
ياري باشي تي هلي رهيو آهي. جيڪڏهن مخالف يا ناپسند ماڻهو سامهون اچي ويو، ته مڏي
ڪاتي ٽنبي ڇڏيندس. وڃي عمر ياد ڪندو رهندو. ھڪ ته تنقيد برائي تنقيد ٿي رهي آهي،
تنقيد برائي اصلاح ٿيڻ گهرجي. ٻيو اسان وٽ تنقيد برداشت ڪرڻ جي سهپ به نه رهي آهي.
جنهن ڪري اسان جو ادب چاڪي جي ڏاند جيان اتي جو اتي ليٿڙيون پائي رهيو آهي. جيڪڏهن
اسان چاهيون ٿا. اسان جون لکڻيون عالمي معيار جي لکڻين سان مقابلو ڪن، ته تجربي،
مشاهدي ۽ مطالعي سان گڏ تنقيد جي آجيان ڪرڻي پوندي. غير جانبدار، ذاتيات، رنگ نسل
کان بالاتر، تخليقي نوعيت جا نقاد پيدا ڪرڻا پوندا”.
(روزاني سنڌ آواز حيدرآباد، اربح ۲۴ جون ۲۰۲۰ع)
No comments:
راءِ ڏيندا