; سنڌي شخصيتون: پروفيسر مختيار چنو، مٺل جسڪاڻي،
Showing posts with label پروفيسر مختيار چنو، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر مختيار چنو، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts

28 November, 2021

پروفيسر مختيار چنو

پروفيسر مختيار چنو

ڪھاڻيڪار، نثرنويس، تعليمي ماھر سان فاصلاتي غير رسمي ڪچهري!

مٺل جسڪاڻي



مختيار چنو اوهان مان ڪن ڏٺو، ڪن ٻُڌو، ڪن پڙهيو هوندو، ساڻس ڪن ملاقاتون، ته ڪن ڪچهريون به ڪيون هونديون. مون کي سندس متعلق ڪا ٻُڌ سُڌ نه هئي! هن پهريون دفعو ڊسمبر ۲۰۱۸ع ۾ عالمي اوطاق (فيس بوڪ) وسيلي رابطو ڪيو، سندس اهو ڪم ٿيو، يا نه، مئي ۲۰۲۰ع دوران مون “فيس بوڪ انٽرويو سلسلو هلايو، ته هن ف ب انباڪس نياپي ۾ لکي موڪليو “مانائتا سائين، انٽرويو واري سلسلي لاءِ هڪ راءِ آهي. جنهن به تخليقڪار جو انٽرويو آهي. ان سان هن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ تخليق به شامل ڪريو. پوءِ شخصيت سان گڏ، ان جي تخليق جي صلاحيتن جو اندازو به لڳي ويندو”. مون ورندي ڏني “لک ٿورا، قرب. ادا، تجويز ته معقول آهي، پر.... جيڪڏهن ڪو ناول لکندڙ آهي ته؟ جن جا انٽرويو هلي ويا، انهن جو ڇا ڪجي؟ جيڪو ليکڪ نه آهي، پر امتيازي شخصيت آهي، ان جو انٽرويو، بنا تخليق مونجهارا پيدا ڪندو.” ان تي مختيار لکيو “جيڪو ناول نگار آهي ته يقينن شارٽ اسٽوري به لکندو هوندو. جيڪو گذري ويو. سو ته ويو. اوھان بهتر ڄاڻو ٿا. ڄڻ شخصيت مڪمل ٿي ويندي.” مون کيس لکيو “مهرباني. اڄ تيرهين ڪڙي پوسٽ ٿي چڪي، پنجاهه ڪڙيون پهتل، فائينل ٿيل، صرف پوسٽ ڪرڻ جي واري جي انتظار ۾ آهن. منهنجو اندازو آهي، ته وڌ ۾ وڌ به ٽوٽل هڪ سئو انٽرويو هلندا. اڌ ۾ تخليق هجي، اڌ ۾ نه، مزو نه ڪندو. ۽ انٽرويو سلسلا ٻين جا هلن پيا، ٻين جا شروع ٿيندا. مڪمل ڪير به نه هوندو، هي سلسلو، جيئن مون مناسب سمجهو، شروع ڪيو. هن کان بهتر انداز ۾ ٻيا ڪري سگهن ٿا، انهن کي ڪرڻ گهرجي. اوهان جي دلچسپي ۽ صلاحون ڏيڻ جي مهرباني. مستقبل ۾ نئون سئون سلسلو هلايم، ته اهو هن کان مختلف هوندو، ان ۾ تخليق جي گنجائش رکبي. هڪ دفعو وري به مهرباني.”