; سنڌي شخصيتون: بخشل باغي

28 November, 2021

بخشل باغي

بخشل باغي

املهه انسان - سلسلو ۸۷

حفيظ چانڊيو



سندس ڏاڏاڻو نالو ته الله بخش خشڪ آهي، پر ادب جي ڪڙم قبيلي ۾ هن کي مزاحمتي شاعري ۽ فڪرِ سائين جي ايم سيد سان سلهاڙيل هجڻ سبب بخشل باغيءَ جي نالي ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آهي.


اهو آمريت وارو ضياءَ مارشلائي دور ۱۹۸۸ع جا شروعاتي ڏينهن ئي هئا، سندس زندگيءَ ۾ انقلابي رومانس شاعراڻو روپ وٺي سندس عملي زندگيءَ ۾ آيو، سندس جوڀن جي ڏينهن ۾ انقلاب ڪر موڙيا، انقلاب جي هٿن تي مينڌي هنيائين، انهن ڌارين ۽ ڌوتن خلاف پنهنجي گيتن ۾ بيباڪي سان لکيو هيائين. هو ان ديس جو دادلو شاعر ٿي اڀريو، جتي پنهنجا حق گهرڻ تي جھونجھارن کي ڳڀا ڳڀا ڪري يا سندن لاشن کي چچريو ويندو آهي، ماڻهن کي هيسائي انهن کان سندن اظهار جي آزاديءَ تي پابنديون لڳائي، هنن کي غلام تصور ڪري استعماري قوتون فتح جو جشن پيون ملهائينديون آهن، هو ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جو شاعر آهي، ڌرتيءَ ڌڻين جي وارثيءَ جي ڏوهه هن کي ههڙي سماج اندر اڄ تائين "باغي“ بڻائي رکيو آهي، هو سون تي سيڻ مٽائڻ وارو ڪوي ناهي، هو سونهن ۽ سندرتا جهڙي آفاقي سچيت قدرن جو نمائنده شاعر آهي، جنهن جي گيتن ۾ عجب انقلابي رومانس سج جيان پوري ڏيهه مٿان اڄ به عيان آهي هو مزاحمتي شاعري جو اهڙو ته خوبصورت حوالو آهي، جو انقلابي شاعريءَ جي اگر تاريخ لکبي ته نوابشاهه جي هن باغي شاعر بغير اها انقلابي شاعرن جي تاريخ اڻپوري لڳندي.

بخشل باغيءَ جو جنم ۱۹ اپريل ۱۹۷۵ع تي نواب شاھه شهر ۾ ٿيو، هو پرائمري استاد آهي، بي. اي بي ايڊ آهي،وٽس ڀنگوار ڪالوني نواب شاھه واري ادبي آستاني تي وڃبو ته ادبي تاريخ اڳيان پاڻ مرادو کلندي آهي، سندس جدوجهد انهن بي پهچ ماڻهن لاءِ ئي آهي، جن کي بي ضمير سياستدانن مسلسل دوکي ۾ پئي رکيو آهي، جن لاءِ هن گيت، غزل، وايون لکي ڌرتيءَ جي اصل رهاڪن کي روشن مستقبل ڏانهن گامزن ڪرڻ چاهيو آهي، هو عزت، آجپي جو شاعر آهي، جنهن جي من ۾ سندس خيال سنڌ سنڌ جي تسبيع کي سوريندا رهيا آهن.

بخشل باغيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾

۱-سمنڊ جي هُن پار-۱۹۹۹ع

۲-سپنو سنڌو ديس جو-۲۰۰۱ع

۳-مٽيءَ جي خوشبوءِ-۲۰۰۳ع

۴-آرسيءَ جا خواب-۲۰۱۴ع

۵-ڊسمبر جي اڪيلائي-۲۰۰۶ع

۶-درد جي ساڳي ڪٿا-۲۰۱۰ع

۷-سنڌو ديس مھان-۲۰۱۱ع

۸-ناياب هين هم (اردو شاعري)۲۰۱۶ع

۹.ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ (اڀياس)۲۰۲۰ع

۱۰.تخليق جي سفر ۾ هلندڙ مان (مضمون) ۲۰۲۱ع

۱۱.خود ڪلاميءَ جو پورٽريٽ (شاعري) ۲۰۲۱

۱۲.سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ (شاعري)۲۰۲۱ع

(مُرتب ڪيل ڪتابَ)

۱-سپنا ساڳيءَ مُند جا (نواب شاھ جي شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام)۲۰۰۳ع

۲-هي روح جزيرو حيرت جو (شيخ اياز جا سمورا غزل)۲۰۰۴ع

۳-هيرا ته ڏسو- (دنيا جي شخصيتن تي لکيل شيخ اياز جا نوٽس) ۲۰۰۹ع شامل آهن.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا