پارس حميد
پنجاھ ورهيه اڳ جي قبر ۽
پارس حميد جي تدفين.. ......
ضراب حيدر
مان روئڻو ماڻهو آهيان.
روئڻ ايندو اٿم ته روئي پوندو آهيان، آفيس ۾ هوندو آهيان ته واش روم ۾ وڃي روئي
ايندو آهيان.
ٽيون ڏينهن کان روئڻ
ريساڙا ڪيا آهن، سائين رسول بخش درس وري ڪالهه پياري پارس حميد جي مرتئي، ڪالهه
شام اوٻاڙو ۾ نياڻين جي هٿن ۾ زنجير، اِهي سڀ ڳالهيون سچ ته منهنجي سھپ کان گهڻيون
آهن تنهنڪري رُنو آهيان.
رُنو ته اڄ صبح
بابن شاهه بخاري قبرستان ۾ به آهيان، جڏهن پياري پارس حميد جي جنازي نماز ۽ تدفين لاءِ اُتي پھتس. مان ڏهين ڌاري
بابن شاهه قبرستان جي او آر ڪالوني جي مين گيٽ وٽ پھتس. پياري حميد پارس جو جنازو محمدي
ٽائون مان کڄي اچڻو هئو سو اُن ۾ اڃان اڌ مُنو ڪلاڪ دير هئي.
سالن کانپوءِ مونکي
منهنجو وڏو ڀاءُ ابو تراب حيدر ياد آيو، جيڪو ساڳئي قبرستان ۾ مدفن آهي، جنهن جو ذڪر
مون پنهنجي آتم ڪٿا “زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان” ۾ تفصيلي ڪيو آهي. سو قبرستان ۾ هڪ
ٻالڪ جي قبر ڳوليندي وڃي اُتي نِڪتسُ جتي پارس حميد جي لحد تيار ٿي رهي هئي، لحد ڏسي
پارس حميد جو مُرڪندڙ مُنھن ياد اچي ويو، اکين ۾ لُڙڪ تري آيم، دل مان هڪ آواز جو
پڙاڏو نِڪتو،
“آخري سفر جا
مسافر يار، تنهنجي آخري آرام گاهه تيار پئي ٿئي. ائين سوچيو به نه هئو ته توکي هتي
اچي آرامي ٿئڻو آهي.” هڪ لمحي لاءِ الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي نِڪتسُ، زندگي ڇا آهي؟
موت ڪيئن آهي، لحد کانپوءِ وارو جَھان ڇا هوندو؟ بس عجيب ڪيفيتون ٿي ويون، هڪ ڏينهن
ايندو مونکي به ائين مِٽيءَ جي ڍير ۾ اُڇلائي هليا ويندا، پنهنجي ناول “رنگ گِرهڻ”
جا اُهي باب به ياد اچي ويا جيڪي مون وڏي گِھرائي ۽ مُشاهدي سان لکيا آهن.
خير مون ابو تراب حيدر
جي قبر ڳولهڻ شروع ڪئي پر مونکي ڪٿي به اُها قبر نظر نه آئي، قبرستان جي حالت ڏسي
۽ ابو تراب جي قبر ميسارجي وڃڻ جو سوچي، اُداس ٿي هڪ کٻڙ جي پاسي ۾ ويهي رهيس،
اُتي هڪ جهونو شخص بشير ماڇي ويٺو هئو، جيڪو مجاور هئو، کيس ابو تراب جي ڳالهه ڪيم
چيائين “اچ ته توکي اُن جي قبر ڏيکاريان.”
اُن به ڏاڍي ڳولهي پر قبر ياد نه آيس، بي وس ٿيندي چيائين، “ لڳي ٿو قبر ميسارجي
وئي، هتي ته ۳۰ سالن کانپوءِ قبر جو ڪو نانءَ نشان نه رهندو آهي، ۵۰ سال پراڻي قبر ڪٿي باقي رهي هوندي؟” اکين
مان نير وهي پيا. مون پارس حميد جي لحد جي تيار ڪندڙ ديدار حسين ۽ محمد دائود کان به
ابو تراب جي قبر جو پڇيو. دائود جيڪو ڪجهه جهونو هئو تنهن چيو ها، “بلڪل اُها قبر باقي
آهي مان هتان واندو ٿيان ته ڏيکاريان ٿو.”
پياري پارس حميد جي
جنازي نماز کانپوءَ تدفين ٿي، محمد دائود واندو ٿيو، پل ۾ هلي ابو تراب حيدر جي قبر
تي بِيھاريائين. دائود چيو ته “سائين هيءَ قبر پھرين سِرن جي ٺهيل هوندي هئي.” چيم
“ها بلڪل، مونکي ياد آهي، مان بابا سان ننڍي هوندي اِن قبر تي ايندو هئس.” وري
چيائين “سائين هي قبر ويهه کن سال اڳ ٻيھر امڙ پوڙهي اچي ٺھرائي وئي هئي.”، “چيم
ها اُها به خبر اٿم، تون هاڻي وڃ دائود، مونکي کن پل هن سان اڪيلو ويهڻ ڏي، مان ٻه
چار ڏينهن رکي ايندس توسان خاص ملڻ لاءِ.” محمد دائود هليو ويو مون ابو تراب کي ٻڌايو
ته “يار! امان هاڻي صفا عليل ٿي وئي آهي، امان ته اُن ڏينهن ئي ذهني عليل ٿي وئي هئي
جنهن ڏينهن تون هتي اچي سُتو هئين” کيس کوڙ ڳالهيون امان جون ٻُڌايم.جنهن ڏينهن ابو
تراب حيدر هن دنيا مان رخصت ٿيو هئو تنهن ڏينهن کان امان ذهني طور ڪٿي دنيا ۾ حاضر
رهي آهي، اِهو هڪ وڏو داستان آهي، ڪجهه ڪجهه پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لِکيو اٿم.
قبر تي بابا سائين
جو لِکيل قطعو وري ٻيھر امان لکرائي لڳرايو آهي جيڪو اڳ به لڳل هوندو هئو، جنهن مان
ابو تراب جي وفات جي هجري سن جو پتو پوي ٿو.
ٽڙي ڪين مُکڙي نڪي ٿيو
گُلاب
هتي دفن پيءُ ماءُ
جو انتخاب
ٿا ڄاڻڻ اگر چاهيو
تاريخ مرگ
ٻه ڀيريا سڏيو چئي
‘محمد تراب’
۶۹۵+۴۰۳+۹۲=
۱۱۹۰
+ ۲
۱۳۹۰هجري.
مان ڪجهه دير لاءِ
پنهنجي آتم ڪٿا “زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان” جي صفحن ۾ گُم ٿي ويس....
مان هڪ لمحي لاءِ شڪارپور
جي چڻگي قبرستان ۾ هليو ويس، جتي هڪ قبر هاڻي پَٽُ ٿي وئي آهي، جيڪا منهنجي پھرين
بيبي ‘صنوبر’ جي هئي. شايد ننڍڙن ڄاول ٻارن جون قبرون اِن ڪري به قبرستانن مان
ميسارجي وينديون آهن جو اُهي قبرون ماءُ ۽ پيءَ جي دلين ۾ جُڙي وينديون آهن.
مون هڪ لمحي لاءِ پنگريو
سيڊ فارم تي اُن ڪنگ پکيءَ جي قبر به ياد اچي وئي، جيڪو مون هڪڙي ڳوراهه نانگ کان
بچايو هئو، گهر اچي اُن جي ملم پٽي ڪئي هئم پر اُهو بچي نه سگهيو هئو، جنهن جي قبر
مون گهر جي ڀرسان ڀاڄين واري ٻاريءَ ۾ ٺاهي هئي. مونکي اُن ڪنگ پکيءَ جون اکيون اڄ
به ياد آهن جيڪي پاريھرن جِھڙيون هُيون. زخمي پکين ۽ محبت جي ماريل محبوبائن جو
اکيون الائي ڇو سُر حُسيني جِھڙيون هونديون آهن. مان روزانو اُن ڪنگ پکيءَ جي قبر تي
وڃي ويهندو هئس.
اڄ ابو تراب جي قبر
تي ويٺي سوچيندو رهيس ته ننڍپڻ ڪيڏو نه نج ۽ معصوم هوندو آهي، هڪ ڪنگ پکيءَ جي قبر
تي لمحن جا لمحا وڃي ويھڻ وارو ضراب حيدر
دنيا جي ڪھڙي فريب ۾ گُم ٿي ويو آهي؟ زندگي ته اِها ئي آهي نه جيڪا هِن قبرستان ۾ ڪجهه
گهڙيون اڳ۾ ڏٺي اٿم. سو اُهو دنيا جي فريب ۾ وڃايل ضراب ابو تراب حيدر وٽ به سالن
کانپوءِ آيو آهي. سالن جا سال پنهنجي بابا جي قبر تي ناهي ويندو، جنهن بابا جي چيچ
پڪڙي ضراب هلڻ سِکيو هئو اُن قلمڪار ۽ آرٽسٽ ضراب جا هٿ ڪيڏا نه بدنصيب آهن جيڪي پنهنجي
مدفن بابا ۽ ڀاءُ جي قبرن تي فاتح لاءِ سالن ۾ به نه کڄندا آهن.
سال ۲۰۲۰جو آخري ڏهاڙو عجيب ڪيفيت ۾ گذريو آهي.
(ضراب حيدر ڪليار جي فيسبڪ وال تان ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا