شوڪت حسين شورو
نامياري ڪھاڻيڪار جي موڪلاڻي
غلام حسين
خاصخيلي
نامياري ڪھاڻيڪار
افسانه نگار ڊراما نگار شوڪت حسين شورو جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان آھي پر ڇا
ڪجي ھن دنيا جو سفر مڪمل ڪري اڳتي وڃڻو آھي. الله سائينءَ جي جيڪا رضا ھوندي آھي،
اھوئي ٿيندو آھي. شوڪت شوري سنڌي ادب ۾ جيڪا خدمت ڪئي آھي، ان کي تاريخ ۾ سونھري لفظن
سان ياد رکيو ويندو. شوڪت شورو سنڌي ادب ۾ نثر لکڻ جو املھ ماڻڪ شخص ھو، کيس سنڌ
جي عظيم شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيت جون ھي سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪريان
ٿو؛
ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.
شوڪت شورو جي پروفائيل
تي نظر وجھون ٿا، شوڪت حسين شورو جو جنم ۴ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي نامياري وڪيل ۽ جج عبدالڪريم شورو جي گهر ۾ ٺَٽي
ضلعي، هاڻ سجاول ضلعي جي سجاول تعلقي جي ڳوٺ نور محمد شورو ۾ ٿيو. هن پرائمري
تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائي. چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ سجاول شهر جي هاءِ اسڪول ۾
داخل ڪيو ويو ۽ ان اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۶۶ع ۾ حيدرآباد جي سچل آرٽس ڪاليج منجهان بي
اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ۱۹۶۸ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.
شوڪت حسين شوري لکڻ جي شروعات ۱۹۶۴ع ۾ ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۶۴ع ۾ ماهوار رسالي روح رهاڻ حيدرآباد ۾
”اکيون روئي پيون“ جي نالي سان ڇپي هئي، پوءِ مسلسل لکندو رهيو. شوڪت شورو جديد سنڌي
ڪهاڻي يا نئين ڪهاڻيءَ جي منفرد ليکڪ طور سڃاتو ويندو آهي. شوڪت شورو شروع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ ڇپجندڙ ٻارن لاءِ رسالي گل ڦل جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان نوڪريءَ کي ڇڏي پاڪستان
ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تي ڊرامي جو اسڪرپٽ ايڊيٽر بڻيو. ان کان پوءِ سنڌ
يونيورسٽي ڄامشوري ۾ نوڪري ڪيائين ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽
۲۰۰۹ع تائين انهي عهدي تي رهيو. شوڪت شوري سنڌي اديبن جي وفدن سان هندستان جا ڪيترائي
دورا ڪيا آهن.
سندس ڪيترائي ڊراما
پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي ۽ ٻين چئنلن تي سندس ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن. سندس ڊرامو
باک ۽ ملڪيت وڏي مقبوليت ماڻي. سندس زندگي ۽ فن تي مڃتا طور ”شوڪت حسين شورو شخصيت
۽ فن“ ۲۰۰۱ع ۾ ڪتاب پڻ ترتيب ڏنل ۽ ڇپيل آهي. ان ۾ مختلف اديبن جا سندس شخصيت ۽ فن تي
سنڌي انگريزي مقالا به شامل آهن ته سندس چار ڪهاڻيون ”شاگرد اڳواڻ“، ”اوپرو ماڻهو“،
”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“ ۽ ”خوف جو موت“ به ڇپيل آهن. سندس ڪهاڻين ”گم ٿيل پاڇو“، ”سمنڊ
۽ هيڪلو روح“ ۽ ٻين ڪهاڻين به مقبوليت ماڻي. شوڪت شوري جي ڪهاڻين جي ڪتابن ۾
’گونگي ڌرتي ٻوڙو آسمان‘ ۱۹۸۱ع. ’اکين ۾ ٽنگيل سپنا‘ ۱۹۸۳ع. ’گم ٿيل پاڇو‘ ۱۹۸۹ع، ’رات جو رنگ‘ ۲۰۱۱ع ۽ ’کوئي هوئي پرڇائي‘ ۲۰۱۷ع شامل آهي.
شوڪت شورو ادبي
خدمتن عيوض وڏي مڃتا ماڻي آهي. کيس اديب ۽ ڪهاڻيڪار طور ڪيترا ئي ايوارڊ مليا آهن،
جنهن ۾ سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ۲۰۰۱ع ۾ بهترين ڪهاڻيڪار جو مليل ايوارڊ ذڪر جوڳو آهي.
شوڪت شورو سنڌ پاڪستان
جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو ناميارو جديد اديب، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار
آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪيترائي ڊراما پڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن
ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن، جن عوام ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. شوڪت شورو
سنڌي ساهت جو انتهائي منفرد ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڊراما نگار آهي، جنهن ڪري سنڌ
توڙي هند جي سنڌي اديبن ۾ هڪ جيترو مقبول آهي. شوڪت حسين شورو کي اکل ڀارت سنڌي ٻولي
۽ ساھت سڀا پاران ”سنڌ اديب“ ايوارڊ رام ڄيٺملاڻي جي ھٿان ممبئي ۾ ۲۰۱۵ ۾ ڏنو ويو. ”شوڪت حسين شورو، شخصيت ۽ فن“ ٽاپڪ
تي ارشد چنا علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد مان ايم. فل جي ڊگري حاصل ڪئي.
شوڪت حسين شورو بابت چاندي ٻائي ڪاليج، الھاس نگر، انڊيا ۾ ۲۰۱۷ع ۾ ادبي سيمينار آيوجت ڪيو ويو. هندستان جي
سرڪاري سطح تي مهاراشٽرا راجيه سنڌي آڪادميءَ طرفان ۲۰۱۸ع ۾ ’کوئي هوئي پرڇائي‘ ڪتاب تي کيس انعام ڏنو
ويو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۱۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شوڪت حسين شورو
ماٺيڻي اديب جو وڇوڙو
مٺو مھيري
شورا برادري گهڻو ڪري
درياھ جي ساڄي ڪپ ڪوهستان واري پاسي آباد آهي مغلن ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ درياھ
سنڌ مان جيڪي سرڪاري قافلا گذرندا هئا انهن کان اسماعيل شورو پنهنجي قافلي سان ڦرون
ڪري جبلن جي پاسي ڀڄي ويندو هو، ارغونن گهڻي ئي اسماعيل شوري کي مارائڻ لاءِ وس ڪيا
پر اسماعيل شورو لڳاتار ۳۰ سال حڪمرانن سان وڙهندو رهيو. هي جنگ سنڌي قوم جي غيرت جو مثال آهي جو ڪنهن
حڪمران ۽ اڳواڻ کانسواءِ قبيلا وڙهندا هيا.
اسماعيل شوري جي
شهادت کانپوءِ سندس پٽ جهونجار شورو به ساڳي طرح ارغونن ۽ ترخانن کي ٽوٽا چٻائيندو
رهيو. انهي غيرتمند قبيلي ۾ ۱۹۴۷ع ۾ جنم وٺندڙ شوڪت شورو به هو جنهن جو ڳوٺ سجاول ميرپور
بٺوري روڊ تي دڙي موري لڳ اڄ به موجود آهي. پاڻ مختلف تعليمي ادارن مان تعليم
پرائي آخر سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪيائين.
ان وچ ۾ مختلف
ادارن ۾ نوڪري ڪندي ڪندي جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿيو تڏهن هن
شوڪت شوري کي به سنڌ يونيورسٽي ۾ آفيسر ڪري رکيو. شاگردي واري زماني ننڍي عمر ۾ ئي
پاڻ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائون، سندس سنگت ۾ ماڻڪ عرف منير ماٺيڻو اوٺو (جنهن پوءِ
خودڪشي ڪئي) سندس ڀاءُ مشتاق شورو، عبدالقادر جوڻيجو ۽ ٻيا ان ٽهي جا اديب شامل
آهن.
شوڪت ريڊيو پاڪستان
تي به ڊرامه لکيا ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي به ڊرامه لکڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ سندس ڊرامي
“باک” وڏي مقبوليت ماڻي جنهن ۾ صلاح الدين تنيو جي مولو جي ڪردار وڏي مشهوري ماڻي.
شوڪت شورو سنڌ يونيورسٽي جو ڪنٽرولر به رهيو ۽ سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر به رهيو، جتان
ريٽائرمينٽ ورتائين. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي رهندي ثقافتي پروگرام ۽ ادبي
پروگرام شاندار نموني ڪرائيندو رهيو.
منهنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ
۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي، تڏهن سندس جوڙ ۾ عبدالقادر جوڻيجو، انور علي هاليپوٽو،
مدد علي سنڌي، پروفيسر سليم ميمڻ ۽ محفلون مچائيندڙ نواب منظور خان ٽالپر آف
تاجپور، آغا رفيق، عاشق عارباڻي ۽ ٻيا دوست شامل هئا. مون ساڻس ڪيترائي سنڌ جا سفر
ڪيا جنهن ۾ خاص ٿر جا سفر گهڻا هئا. وسڪاري جي موسم ۾ هر سال ٿر وڃبو هو، مٺي شهر
۾ صادق فقير جي ميزباني ۾ ماني به کائبي هئي جنهن ۾ خاص ڪري ٿر جا کاڌا للر، مريڙو،
ڀڳيل سڱر ۽ ٿر جون سڪايل ڀاڄيون جن ۾ چڀڙ ، گوار ۽ ٻيا کاڌا شامل هوندا هئا.
هڪ دفعو سنڌالاجي
جي وين ڀري ٿر جي لوڪ فنڪارن جي ريڪارڊنگ ڪرڻ
وياسين ٻه ڏينهن ٻه راتيون صادق فقير جي گهر جي مٿين حصي تي ريڪارڊنگ هلندي رهي،
جنهن ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون شامل هيون. اڄ ڪلهھ جو مشهور فنڪار رجب فقير جيڪو ان
وقت ۱۲ سالن جي ڄمار جو هو ان جي به ريڪارڊنگ ڪئيسين. سڄي ٿر جا فنڪار مرحوم صادق
فقير گهرائي ڏنا جن ۾ ٿر جا لوڪ گيت مارواڙي، ڍاٽڪي ٻولي ۾ ريڪارڊ ڪيا ويا، اها ريڪارڊنگ
اڄ به سنڌالاجي ۾ موجود آهي.
ان سفر کان سواءِ
سمنڊ جو سفر جيڪو جهنگيسر تڙ کان شروع ٿيو جنهن جو بندوبست ان وقت جي ٺٽي جي ناظم
ادا محمد ميمڻ، احمد صوڀاڻي ۽ جمن صوڀاڻي جي سهڪار سان ڪيو ، جنهن ۾ ٻه هوڙا ڊيزل انجن وارا شامل هئا جنهن
۾ هڪ تي مهمان سوار هئا ۽ ٻئي تي بورچي ۽ ٻيا ماڻهو هئا جن کاڌي پيتي جو انتظام
پئي سنڀاليو. اهو سفر رات جا ڏھه ڪلاڪ هليو جنهن جي منزل سمنڊ جي مشهور درويش
ابراهيم شاھه واڙي واري جي درگاھه تائين هئي.
ان سفر ۾ شوڪت شورو
سان گڏ سندس ڀاءُ مشتاق شورو، منظور جيسر DSP شوڪت شاهاڻي
۽ ٻيا دوست شامل هئا. اهڙي طرح ۲۰۰۴ع ۾ جڏهن سريش ڪيسواڻي جي اڳواڻي ۾ انڊيا مان ۳۲ اديبن جو وفد سنڌ گهمڻ آيو جن جي ميزباني
سگا سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن جي هئي، بيچ لگزري هوٽل ۾ شاھه سچل سامي ڪانفرنس
منعقد ڪيل هئي جنهن جي شروعات مون لطيف سائين جا بيت پڙهي ڪئي. پورا ٽي ڏينهن ڪانفرنس
هلندي رهي جنهن جا مختلف موضوعن تي سيشن ٿيا ان کان پوءِ هند کان آيل مهمانن جو ڪينجهر
ڍنڍ تي اهتمام ڪيو ويو، جتي بندوبست ادا محمد ميمڻ ۽ وڏيرو حاجي سليمان هيلايو
طرفان ڪيل هو، وفد ۾ عورتون به شامل هيون. انهن ۾ مشهور اديب پروفيسر ڄيٺو لالواڻي
احمد آباد لڇمڻ ڪومل ۽ هيرو ٺڪر دلي شيخ اياز جو ڳوٺائي نند جويري موتي پرڪاش شامل
هئا.
ڪينجهر تي رات ڪاٽي
سنڌي اديبن کي پنهنجن پراڻن ڳوٺن گهمائڻ جو مختلف دوستن تي بار رکيو ويو ته هو
پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن اديبن کي پنهنجا قديمي گهر ڏيکارين. موتي پرڪاش کي
عبدالحي پليجو دڙي وٺي ويو جنهن جو مشهور گيت آهي ته“ خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي”
لڇمڻ ڪومل کي ڪنڊيارو موڪليو ويو جنهن جو گهر ڪنهن مهاجر وٽ هو، مهاجر کي منٿ ميڙ ڪري
لڇمڻ کي سندس گهر ڏيکاريو ويو.
لڇمڻ ڪومل پنهنجي
گهر جي خسته حالي ڏسي روئي پيو چيائين ته جيترا پئسه هي مهاجر گهري آئون ڏيڻ لاءِ
تيار آهيان منهنجي گهر سنڌين لاءِ ڪو فلاحي ادارو کوليو وڃي. ۲۰۱۰ع ۾ آئون ميڊيڪل ويزا تي دلي ويل هوس جتي
دوست ادا محمد ميمڻ جو پيءُ ليور جي بيماري جي ڪري آپولو اسپتال ۾ داخل هو ان
دوران دلي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران ڪنهن سيمينار ۾ شوڪت شوري کي دعوت ڏئي
گهرايو ويو هو. مون به ان سيمينار ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽي راتيون آئون به شوڪت شوري سان
دلي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ گڏ رهيس. اسان وٽ به اتي گيسٽ هائوس ڪرائي تي ورتل
هو.
شوڪت شوري کي وٺي
آئون پنهنجي گيسٽ هائوس تي آيس ۽ ۱۵ ڏينهن اتي اسان سان گڏ رهيو. دلي اڪيڊمي شوڪت
شوري ۽ اسان جي مان ۾ دعوت رکي جنهن ۾ اٽڪل هڪ سئو کان وڌيڪ اديبن شاعرن شرڪت ڪئي
جنهن ۾ اسان کي مهماني طور سنڌو ڀاڳيا جيڪا ان وقت اڪيڊمي جي سيڪريٽري هئي ان ڏھه ڏھه
هزار روپيه ڪيش ۽ ٻيا تحفا ڏنا.
شوڪت شورو، قمر
شهباز، پروفيسر سليم سنڌي، طارق اشرف انهن جا هند جي اديبن سان ويجها لاڳاپا رهيا
۽ انهن ٻنهي ڌرين جي ڪوشش سان سنڌ ۽ هند جي اديبن جا اچڻ وڃڻ جا رستا کليا. شوڪت
شورو نج ۽ غير سياسي اڻ ڌريو اديب هو ان کان اڳين تازو ئي سندس همعصر دوست قادر جوڻيجي
جي جدائي به سنڌ لاءِ ڪنهن هاڃي کان گهٽ نه هئي. شوڪت شورو معصوم گهٽ ڳالهائو ۽
جديد سنڌي ڪهاڻي جو استاد هو، جنهن جو وڇوڙو سنڌ امڙ جي هڪ سپوٽ پٽ جو وڇوڙو آهي
جنهن جي پورائي ٿيڻ ناممڪن آهي.
اڄ سنڌ جنهن مصيبت
۾ گهيريل آهي جتي چڱا مڙس ۽ پڳدار ڌارين جي دلالي ڪندي پنهنجا لوڙها لتاڙيندڙ ڌارين
کي روڪڻ تان ناظم جوکئي جهڙي بهادر پٽن کي چيتا ۽ شينهن بڻجي چيري ڦاڙي انهن کان
حياتيون کسي رهيا آهن اتي شوڪت شوري جهڙن ماڻهن جي وڌيڪ ضرورت آهي. عالم ارواح مان
منهنجي هي پڪار جيڪڏهن شوڪت شوري جي ڪنن تائين پهچي ته پهچائڻ چاهيان ٿو ته ۔۔۔
دل چوي ٿي عمر جي
آزار جون ڳالهيون ڪريان
پنهنجي مارن تي
مصيبت مار جون ڳالهيون ڪريان
ڏوٿين تي ڏاڍ جي ڏهڪار
جون ڳالهيون ڪريان
۽ وڏي ڪنهن
ويڙھه جي ويچار جون ڳالهيون ڪريان
جيئن وڌڻ چاهيون ٿا
تنهنجي ناهي موسم مند يار
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شوڪت حسين شورو
سنڌي ادب ۽ ساڃاهه جو
استعارو
ڊاڪٽر خليل قاضي
شوڪت شورو سنڌي ادب
۽ ساڃاهه جو استعارو ھو. ٿڌي گھڙي جھڙو ھينئن ٺار سنڌ ھند ۽ پرڏيھه جي اديبن شاعرن
۽ ڏات ڌڻين جي وچ ۾ سڪ جو سڳو ھو. ساڻن ساھ جھڙو رشتو ھئس سندن پل پل جي خبر پيو
رکندو ھو.
شوڪت ھنن لاءِ سنڌ
جو واس ھو. ڪشيده سياسي حالتن وڃڻ اچڻ جي مشڪلاتن سرڪاري پڇائن ۽ پابندين جي
باوجود ھن سندن حال ڀائي ٿي رھڻ ۾ ڪا ڪسر ڪوتاھي
نه ڇڏي.
ھو سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر
رھيو وڏو مطالعو علم ايڏو ئي حلم جو ڌڻي ھو. سنڌ جي سجاڳي ۽ بھتري سندس اورڻ ۽ اوڇڻ
ھو. ھو ماڃر جي محبت ۽ مٺاس ھو. ڄامشوري جي تخليقي خواب نگر جي سونھن ھو.
زندگي عام وھنوار ۾
ڪجهه خاموش طبع ھوندي وري دل گھرين دوستن سان ڪچھرين جو ڪوڏ ھو. منفرد ماڻھو ھو
شھرت وڏائي کان ڪوھين ڏور اسپيس/اھميت ۽ موقعا ڏيندوهو، وٺندو ڪونه ھو. ھمت افزائي
ھن جي وجود ۾ ٽانڪيل ھئي.
مٺو مھيري سميت ڪيترن
ئي ادب ۽ ثقافت جو رجحان رکندڙن کي اڳتي اچڻ لاءِ ھمٿايو ۽ گسائتو ڪيو. ھن ادبي
ثقافتي ادارا سنڀاليا اڳتي وڌايا جو پاڻ ھڪ ادارو ھو. ۷۰ جي ڏھاڪي ۾ طارق اشرف اسانجون ڪھاڻيون سھڻي
۾ ڇاپيندو ھو تڏھن سنڌي ادبي سنگت ۾ اڃان ايتري سياست ۽ گروپ بندي داخل نه ٿي ھئي
۽ اھا نون ليکڪن لاءِ سکيا جو ادارو ھئي.
شوڪت ان ادبي سنگت
جو تازو گلاب ھو. منظور چيمبر گاڏي کاتي ۾ نياز ھمايوني جي وفاقي اردو بورڊ ۾ نوڪري
ھئي ۽ گاڏي کاتي ۾ ھو پنھجي آفيس کي ادبي سنگت جو اڏو بنايو ويٺو ھو. جويو صاحب،
ظفر حسن، امداد حسيني، شمشير الحيدري، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر نجم عباسي، ولي رام ولڀ
جھڙا ھاڪارا اديب جن ۾ مون جھڙا نوان ليکاري.
شوڪت انھي سٿ ۾
پنھجي لکڻين ۽ تخلقي ڏات جي مڃتا وٺي چڪو ھو (گھڻا محترم نالا تڪڙي يادگيري مان
رھجيو وڃن ٿا). ادبي سنگت جي ميٽنگ واري ڏينھن عام طرح خاموش ماحول واري منظور چيمبر ۾ ساس جي ميٽنگن ۽ سنڌي اديبن جي
گھڻي اچ وڃ تان نياز ھمايوني تي اردو بورڊ وارن اعتراض ڪيو پر ھن قلندر پاڻ واتان ڪنھن
کي نه جھليو پوءِ وري اھي ميٽنگون بسنت ھال ۾ ٿيڻ لڳيون. اتان کان ادب کي نظرياتي ڪرڻ
جي ڪوشش شروع ٿي، پھرين تحريڪ ۽ پوءِ جيئي سنڌ پاران.
تڏھن پارٽي ورڪر يا
لکندڙ ادبي سنگت جي ميٽنگن ۾ اچي تنقيد جي نالي ۾ زور ڀريندا ھئا ته جنھن ڪھاڻي يا
شاعريءَ ۾ عوام ۽ قوم جي تذڪرو نه ھوندو ته اھڙي ادب جي ڪابه ضرورت ڪانھي.
اھو فضول ۽ وقت جو
زيان آھي. ان رجحان ادب جي فني معيار کي اھميت نه ٿي ڏني ۽ ادب کي پارٽي منشور ۽
نعريبازي لاءِ استعمال ٿيندڙ ذريعو بڻائڻ جو بحث ڪندا ھئا (ڪجھه عرصي لاءِ ھڪ حد
تائين مون تي به ان سوچ جو اثر رھيو) ان کان علاہ اسٽريم آف ڪانشيس نيس ۾ تجريدي
يا جنسي کليو لکڻ جا ادبي رجحان به وڌيا. ڏٺوسون ته شوڪت ادب وسيلي مخصوص سياست ۽
نعريبازي کان پاڻ کي پري رکي ھڪ تسلسل ۽
مستقل مزاجيءَ سان ادب جي فني افاديت ۽ مثبت
سماجي ڪارج سان پاڻ کي آخر تائين جيئن جڙيل رکيو اھا سندس ادبي، ذھني ۽ فڪري
پختگي جو دليل آھي.
شوڪت وس پڄندي ڪنھن
ادبي ميڙاڪي جو سڏ نه موٽائيندو ھو ۽ ھڪ صوفي منش وانگر ڪڏھن به خصوصيت جو طالبو نه رھيو. ھو شھيد فاضل راھو جي
ورسي جي ادبي پروگرامن جو ڇٽ ھو. سڪ سنڀاري اڌ سڏيو جيسين قادر جوڻيجو حيات ھو ته ٻئي
يار ۽ قادر پڄاڻان ھو پاڻ ھليو ايندو ھو. ڪنھن ماڻھو لاءِ چوندا آھن ته اھڙو ٻيو
نه ٿيندو شوڪت به ٻيو نه ٿيندو.
ملندي سدا جي مرڪ
ھن جي سونھن ۽ سڃاڻ ھئي جيڪا جھڙو اکين ۾ اٽڪي بيھي رھي آھي اڌ صدي جي جاڳندي سنگت
ھڪ پل ۾ گذريل ياد ٿي وئي آھي.شوڪت شورو سنڌي ادب جي اتھاس جو شان ۽ سدائين چمڪندڙ ستارو آھي
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ادا شوڪت آخري ٽهڪ ونڊي
هليو ويو
منظور ميراڻي
اسان مهينو سوا اڳ
وري شام واري ڪچهري لاءِ گڏ ٿيا هئاسين. اها خبر نه ھئي ته ادا شوڪت سان اها
منهنجي آخري ملاقات هوندي. دعوت اسحاق سميجو رکي هئي، جنھن ۾ جامي چانڊيو ۽ خليل ڪنڀار
به گڏ هئا. هنڌ هو ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني...
هو اصل ۾ ته منهنجي
وڏي ڀاءُ راز ناٿن شاهي جو دوست هو، پر عبدالقادر جوڻيجو وانگر هو هر جنريشن جو
دوست هو. وڏي ڀاءُ جو دوست هئڻ جي ناتي هن سدائين مونکي ننڍي ڀاءُ جيان ڀانيو، ۽
هميشه دوست بڻجي رهيو. هو ڄمار جا ست ڏهاڪا چڙهي ويو هو، پر هن جي چهري جي مسڪراهٽ
اها ئي ڪنهن معصوم ٻار واري هئي.
اسان ان ڏينهن به
حسب روايت گڏ گذاريل ڏينهن جا دلچسپ واقعا ۽ ٽهڪ ونڊيا، ان گمان کان سواءِ ته ان
زندگيءَ سان ڀرپور شخص سان ٻيهر ڪڏهن به ملي نه سگهبو. ادا شوڪت تقريبن پندرهن سال
کن اڳ جي اها ڳالھه به ان ڏينهن وري دوستن کي ٻڌائي ته، هڪڙي رات دير سان مان ۽
منظور حيدرآباد کان ڄامشوري لاءِ نڪتاسين ۽ جڏهن بائي پاس تي چڙهياسين ته مون
منظور کي چيو، يار مونکي ڪجھه سمجهه ۾ نه پيو اچي، بس گاڏي خدا جي آسري پئي هلي.
بس ايترو چوڻ ئي ڪافي هو، ۽ منظور خاموش ٿي ويهي رهيو، پر اسان آهستي آهستي اچي نيٺ
خير سان ڄامشوري پهتاسين... .
ادا شوڪت سان آخري
ملاقات ۾ به بيان ڪيل اهڙي واقعي تي اسان سڀ تمام گهڻو کليا هئاسين... .ڪي ڪي ماڻهو
ايئن کلندي کلندي هليا ويندا آهن، حسن درس به ايئن هليو ويو هو ۽ هاڻي ادا شوڪت به
اسان سان آخري شام ۽ آخري ٽهڪ ونڊي هليو ويو آهي.
اڄ اسان زندگيءَ
سان ڀرپور ان شخص کي مٽيءَ جي مڻن هيٺان دفنائي واپس ٿيا آهيون، ۽ الائي ڇو ڄامشورو
ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خالي ٿيندي محسوس ٿي رهيو آهي!
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شوڪت حسين شورو
پٿريلي پٽن تي ڪوملتا
رکندڙ شخص
ممتاز بخاري
چوندا آھن ته پٿريلي
پٽن تي برساتن بعد انتهائي ڪومل ۽ نازڪ پنکڙين وارا گل ٽڙندا آھن، ان ڳالهه ۾ ڀلين
وڌاءُ به هجي پر سائين شوڪت حسين شوري جي سڀاءُ کي ڏسي ڪو به وڌاءُ نه لڳندو هو ته
پٿريلي پٽن تي به گلن جهڙي ڪوملتا رکندڙ طبيعت جهڙو شفيق انسان رهي ٿو.
سندس وڇوڙي جو ڏک رڳو
پوري سنڌ نه پر دنيا ۾ جتي به سنڌي ادب سان تعلق رکندڙ رهن ٿا انهن ساڳيو ئي درد
محسوس ڪيو آھي جيڪو سندس ڪٽنب کي ٿيو آھي. هن جو ڪٽنب ته هر اهو ماڻهو آھي جنهن
سان هن کي پيار هو يا جيڪي سندس چاهه ورتل رهيا آھن. ادبي کيتر ۾ اهڙو مان گهٽ ماڻهن
کي نصيب ٿيندو آھي جهڙو سائين شوڪت حسين شوري کي نصيب ٿيو جو هر ماڻهو چئي ته هو
ئي سندس ويجهو هو.
تنوير عباسي پڄاڻان
نوجوان اديبن کي رهنمائي ڪرڻ ۽ کين اتساهه ڏيڻ وڏ ماڻهپي جي ئي نشاني آھي. جڏهن به
ساڻس ملبو هو ته نين ڳالهين سان شناسائي ٿيندي هئي. هو هڪ منفرد فڪشن نگار هو.
پنهنجي واٽس اپ ۾
جو سندس ميسيج ڏٺم ته مون ڏٺو ته کانئن هڪ ڀيري سندن لکڻ جي حوالي سان سوال ڪيو
هيم ته تفصيلي جواب ۾ لکيائون: “تخليقي ادب ھڪ ته شاعري آھي جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو
ته ان جي آمد اوچتو ٿئي ٿي. آئون شاعر ڪونه آھيان، ان ڪري ان اوچتي آمد واري ڪيفيت
مان ڪونه گذريو آھيان. مون ڪھاڻيون لکيون آھن.
ڪو واقعو، واردات،
حادثو يا احساس ڪھاڻي لکڻ تي آمادہ ڪن ٿا. ڪھاڻي جو پلاٽ الاجي ڪيترا ڏينھن من ۾
گھڙجندو، ڊھندو ٺھندو رھي ٿو. جيئن ڪنڀار مٽي کي ڳوھي ان مان ڪا شئي گھڙي ٺاھي ٿو،
تيئن جڏھن منھنجو من مطمئن ٿئي ٿو ته پوءِ لکڻ ويھان ٿو. لکڻ ۾ ڪھاڻي ڪڏھن سوچيل دڳ
تان ھٽي ٻيو دڳ اختيار ڪري سگھي ٿي يا ان جي پڇاڙي جيڪا مون سوچي ھوندي سا بدلجي
به وڃي ٿي، جيئن منھنجي تازي ڪھاڻي “ويل وقت جون ڳريل تندون” جي پڇاڙي بدلجي وئي.
مختلف ڪھاڻين لکڻ
وقت مختلف ڪيفيتون ھونديون آھن. ڪا ڪھاڻي لکڻ وقت ھانءُ نپوڙي ڇڏيندي آھي. لکڻ کان
پوءِ ايئن لڳندو آھي من تان ڪو وڏو بار لھي ويو آھي.” ايئن هو اڪثر ڪري فڪشن بابت
ئي ڳالهائيندا هئا. مون اڃان ڪليم ٻٽ سان ملاقات ڪونه ڪئي هئي جو هڪ ڀيري ساندهه
سندس اٺ ڏهه مضمون موڪلي پڙھڻ جي صلاح ڏنائون ۽ چيائون هن نوجوان ۾ وڏي صلاحيت
آھي. بلڪل ايئن جيئن سائين تنوير عباسي ڪندو هو.
ڪم به نفاست سان ڪندو
هو ۽ سنڌي افسانوي نثري ادب سان ته بي انتها پيار ڪندو هو، جڏهن اسحاق سميجي سنڌي ڪهاڻي
جي هڪ صدي جي اينٿالاجي وارو ڪم کانئن ورتو ته ڪا به وڏائي ڏيکارڻ بنا ان اينٿالاجي
جو پهريون حصو پورو ڪري ان تي جيڪو عالماڻو مهاڳ لکيائين اهڙو چڱا ڀلا اسڪالر به ڪونه
ٿا ڪري سگهن. سچ ته اهو آھي ته سندن لکيل ڪهاڻيون به هڪ الڳ ڏانءُ واريون آھن ۽
وقت انهن کي ضرور اهميت ڏياريندو، ايئن جيئن نسيم کرل جي ڪهاڻي هڪ ڊگهي وقت بعد مڃتا
ماڻي. زندگيءَ جي پنجهتر ورهين ۾ هن جو ادب ۾ جيڪو مقام آھي اهو سندس ڪم ۽ سڀاءُ
جي ڪري آھي.
هر دل ۾ ڏک جي لهر
ان ڪري آھي جو هن ورلي ئي ڪنهن کي ڏکايو هجي. سندس ڊراما، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ترجما
معياري رهيا آھن، اهڙو ڪو به ليک ناهي جيڪو رد ٿي سگهي.
سائين شوڪت حسين
شوري جي ادبي ڪٽنب وٽ هاڻ سندن ڪم ۽ يادون آھن، سنڌي افسانوي ادب جي هن حسين ستاري
جي چپن تي ڦهليل مرڪ جو احساس رهندو. سندن مليل اتساهه سنڌي ادب جي نون لکندڙن
لاءِ سونهون بڻيل رهندو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شوڪت شورو
سندس ڇوڙو ۽ سندس
ساروڻيون
مير نادر علي
ابڙو
سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ
ڌار کان سڃاڻپ رکندڙ شوڪت حسين شورو به اسان کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪري هليو ويو
سندن جيڪي خدمتون رهيون آهن تنهن کي صدين پڄاڻان به اسان ماڻهون وساري نه
سگهنداسين هن جو ادبي حوالي سان تمام وڏو ڪردار رهيو هو، سندن لاڏاڻي تي ادبي دنيا
۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو شايد ڪڏهن ڀرجي سگهي.
شوڪت شوري جو جنم ۴ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي سجاول ضلعي جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري
۾ ٿيو هو سندن پيءُ عبدالڪريم شورو علائقي جو تمام وڏو نالي وارو زميندار جتي هو
ته هن سان گڏ قانوندان وڪيل هو جيڪو جج جي عهدي تي به رهيو شوڪت شوري پرائمري تعليم
پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. انگريزي تعليم سجاول جي چانڊيا هاءِ اسڪول ۾ ورتي
جتي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۶۶ جي وقت ۾ پاڻ سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان B.A ۽ ۱۹۶۸ ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر جي
ڊگري حاصل ڪيائين .
سندن لکڻ وارو جنون
شاگردي واري دور ۾ شروع ٿيو ۽ ۱۹۶۴ع ۾ سندن پهرين ڪهاڻي ”اکيون روئن پيون“ جي عنوان سان
ڇپي، ۱۹۶۴ ۾ ماهوار روح رهاڻ رسالي ۾ اها ڪهاڻي شايع ٿي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ مان
شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو ايڊيٽر به رهيو ۽ان سان گڏ سرڪاري ٽي وي ڪراچي
سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنهنجا فرض نڀايا تنهن بعد سنڌ يونيورسٽي جي اداري
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيو جتي ۲۰۰۶ تائين رهيو.
شوڪت شورو ۱۹۸۴ ۽ ۲۰۱۳ ۾ سنڌي اديبن جي وفدن سان گڏ هندستان پڻ ويو جتي سنڌ
مان لڏي ويل سنڌي اديبن سان ويجهڙائي تمام گهڻي رهي. سندن ادبي ڪاٺ تمام اونچو هو
۽ تمام حساس طبيت رکندڙ هر ڪنهن جو احساس ڪندڙ شخص هو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار
انسانيت جي نانءُ ڪري رکي هئي. ادب سان گڏ سماجي جاڳرتا لاءِ به سندن تمام وڏو
ڪردار رهيو هن سڄي ڄمار سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ گذاري ڇڏي.
جڏهن مان ۲۰۰۱ ۾ لاڙڪاڻو ڇڏي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر
حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيس ته لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو تمام گهڻو ياد آيو جتي منهنجي
استاد برصغير جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي اوطاق تي اڪثر ادبي محفلون
مچنديون هيون اتي مان لازمي طور موجود هوندو هئس اهڙي اوطاق مونکي ڪامريڊ تاج
محمدابڙو جي انتهائي وڏي عقيدت مند دوست حميد سنڌي جي اوطاق حيدرآباد ۾ نظر آئي
جتي لاڙڪاڻي وانگر ادبي سرگرميون ٿينديون هيون. جتي هر هفتي بزم روح رهاڻ پاران هر
آچر تي ڪچهري ڪوٺائي ويندي هئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديب اچي شريڪ ٿيندا هئا
اتي شوڪت حسين شوري سان منهنجي پهرين ملاقات حميد سنڌيءَ ڪرائي ۽ بعد ۾ سانس اڪثر
ڪچهريون ادبي پروگرامن ۾ ٿينديون رهنديون هيون ۽ اهو سلسلو ۽ نيازمندي ساڻس زندگي
جي آخري گهڙين تائين جاري رهي.
سندن چوڻ تي مون
پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لائبريري جا سمورا ڪتاب ۽ سندن جي استعمال ۾
رهندڙ شيون عطئي طور ڏنيون سندن صلاح سان مون اهو ڪم ڪيو ۽ سنڌالاجي ۾ ڪامريڊ تاج
محمد ابڙو جي نالي سان الڳ ڪارنر قائم ڪري جتي انهن کي محفوظ رکيو ويو انهيءَ
ڪارنر ۾ مخصوص شخصيتن سان گڏ منهنجي والد جا نڪتل فوٽو به لڳايا ويا جيڪو اسان جي
فيملي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي.
سندن تمام وڏيون
يادگيريون آهن جن تي جيترو به کڻي لکجي اهو ٿورڙو لڳندو. سندن ڪمي زندگي جي هر پل
مونکي شدت سان محسوس ٿيندي رهندي. اهڙا انسان ورلي جنم وٺندا آهن ۽ زندگيءَ کي
يادگار بڻائي پاڻکي مرڻ پڄاڻان به امر ڪري ڇڏيندا آهن.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شوڪت حسين شورو
زندگيءَ جي اڻپوري ڪهاڻي
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو
جديد ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شورو پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪالهه سنڌ جي راڄڌانيءَ
واري شهر ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ اڻپوري ڇڏي هليو ويو. اها ڪهاڻي جنهن جي شروعات
سنڌ جي قديم راڄڌانيءَ واري شهر ٺٽي جي هڪ ننڍي شهر ۽ هاڻي ضلعي سجاول جي هڪ ڳوٺ
نور محمد شورو کان تاريخ چار جولاءِ ۱۹۴۷ع تي شروع ٿي هئي. جنهن ڳوٺ ۾ هڪ گهر، نامياري جج عبدالڪريم
شورو جو هئو، جنهن ۾ شوڪت حسين شوري جنم ورتو، عمر جا پنجهتر سال سنڌ جي علمي ادبي
شهر ڄامشوري ۾ گذاريندڙ، نئين سنڌي ڪهاڻيءَ کي هڪ دور ڏيندڙ شوڪت حسين شورو اڄ
اسان وٽ نه رهيو آهي، جسماني طور!
پر هو هڪ اديب، ڪهاڻيڪار
طور سنڌي ادب ۾ سدائين زنده رهڻو آهي، جيڪا زندگي ئي هن جي اصل زندگي آهي، هڪ
زندگي جنهن ۾ هن تعليم پرائي، نوڪري ڪئي، سفر ڪيا، عشق ڪيا ۽ باقي سمورو وقت ڪهاڻيون
لکيون ۽ اهڙيون اهڙيون لکيون جيڪي، سنڌي ادب ۾ مروج ڪهاڻيءَ کان الڳ هيون. سندس ڪهاڻيون
سنڌ جي سياسي توڻي سماجي شور کان بنهه الڳ بيٺل هڪ اهڙي شخص جي آس پاس آهن، جيڪو
شخص مڊل ڪلاس جو آهي. سندس مسئلا آهن تڪليفون ۽ سندس اندر جي ڪائنات آهي جنهن جي
اوک ڊوک آهي.
هيءُ اهڙيون ڪهاڻيون
هيون جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي وڏيري جي اوطاق کان کڻي شهري زندگيءَ جي ويجهو آندو ۽
محسوس ڪرايو ته شخص جي زندگيءَ ۾ هڪ نجي ڪائنات آهي ۽ شخص ئي گڏجي سماج جوڙين ٿا.
جڏهن سماج تي لکيو وڃي ۽ ان مان شخص جو ڪردار، شخص جو ويچار، انجي اڪيلائي، ان جون
تڪيلفون ۽ ان جون سوچون نظر انداز ڪيون وڃن ته اها ڪهاڻي اڻپوري آهي، ٻيءَ طرح ڪهاڻي
زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ ننڍڙي عڪس کي اظهاري ٿي، زندگي گهڻي ويڪري آهي ۽ منجهس ڪوڙين
ڳڙکيون آهن.
سنڌي ڪهاڻي
جيستائين انسانذات موجود آهي. تيستائين رهڻي آهي ان جو سفر ته جاري رهيو آهي ۽ رهڻو
ئي آهي، جنهن سفر مان شوڪت حسين شورو اڄ جسماني طور الڳ ٿي ويو. پڪ سان سنڌي ڪهاڻيءَ
کي ڏنل سندس دين سدائين سنڌي ادب ۾ رهڻي آهي ۽ جيستائين سنڌي ٻولي رهڻي آهي سنڌي
ادب رهڻو آهي ۽ سنڌي ماڻهو رهڻو آهي. شوڪت حسين شورو ان سڀ ۾ موجود رهڻو آهي. سندس
تخليق جي رات جي رنگن مان صبح جا ڪيترائي نوان رنگ چٽا ٿيڻا آهن. ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار
انهن رنگن جي تلاش ۾ نڪرڻا آهن ۽ ڪهاڻيءَ جا ڪيترائي رنگ نکرڻا آهن جيڪي سندس ڪهاڻين
۾ لڪل آهن.
شوڪت حسين شورو
پنهنجي شخصي سڀاءَ ۾ نهايت گهٽ ڳالهائڻو، هر طرح مهذبپڻو هٿان نه ڇڏيندڙ، ممڪن حد
تائين غير تڪراري رهندڙ، نرم لهجي ۾ گفتگو ڪندڙ، منهن تي هر وقت هلڪي مرڪ رکندڙ، وڻندڙ
لباس پائيندڙ ۽ هر طرح اميد پرست رهندڙ، نوجوانن کي ڪنهن به طرح اتساهه بخشيندڙ، ڪابه
غير ضروري مصلحت بنهه نه ڪندڙ، دوستن جو ويڪرو حلقو رکندڙ اهڙو شخص هئو جنهن سان گڏ
هجڻ وارو وقت ساڻس ملندڙ ڪو به شخص وساري سگهي اهو ڏاڍو ڏکيو آهي.
هند ۽ سنڌ جي اديبن
۾ نهايت پنهنجائپ سان ياد ڪيو ويندڙ هي شخص/ڪهاڻيڪار سرحد جي ٻنهي پاسي وڻڻ جي حد
تائين قبول ڪيو ويندڙ ۽ اديب جي حوالي ۾ احترام ماڻيندڙ ڪهاڻيڪار طور ياد ڪيو
ويندو آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن
شوڪت حسين شورو هڪ
ئي وقت ڪهاڻيڪار به لاجواب ته ناٽڪ نگار به لاجواب ۽ هڪ شخص طور بيحد ئي لاجواب!
سندس لکڻين ۾ هڪ اهڙو
شخص اڀري اچي ٿو. جيڪو حالتن جو عذاب ته ڀوڳي سگهي ٿو، پر پنهنجو شخصي مهذبپڻو نه ٿو
ڇڏي سگهي، شخص جي اڪيلائي جيڪا هن جي اندر ۾ آهي، ان جو اتوپتو نه آهي اها هڪ وڏي ڪائنات
آهي جيڪا هن ٻاهرين ڪائنات کان ڪيئي ڀيرا وڏي آهي ۽ سمجهڻ گهرجي ته شوڪت حسين شوري
جو لکڻ پڻ ايترو وڏو آهي، جيڪو نظر به اچي رهيو آهي.
شوڪت حسين شوري سنڌي
ڪهاڻيءَ کي پنهنجا چار ڪتاب ارپيا. جن ۾ ۱. گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس، ۲. اکين ۾ ٽنگيل سپنا، ۳. گم ٿيل پاڇو، ۴. رات جو رنگ شامل آهن.
جنهن کانپوءِ هن هند
۽ سنڌ جي سنڌي ڪهاڻين جا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جن ۾ سنڌي ڪهاڻي جي سئو
سالن گذرڻ تي سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ۽ هند توڻي سنڌ جي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي چونڊ
نهايت اهم ليکيا ويندا ۽ سنڌي ادب ۾ ياد ڪيا ويندا.
شوڪت حسين شوري جي
زندگيءَ، ادب توڻي شخصيت جي حوالي ۾ نه وساري سگهڻ جهڙي ڳالهه هي رهي آهي ته هن
پنهنجي زنگيءَ ۾ جيڪي نوڪريون ڪيون اهي سندس بايوڊيٽا جو حصو آهن پر هن نوڪريءَ جي
ٽوڪري ڪلهن تان سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر جي پد تان لاٿي ۽ پوءِ سمورو وقت سنڌي ادب
کي ارپي ڇڏيو.
ايئن هو جديد سنڌي
ادب ۾ هڪ اهم ليکڪ طور سڃاتو ويندو! جن ليکڪن کي وجودي ليکڪ پڻ چيو ويندو آهي. اهڙي
ڌارا ۾ ممتاز مهر، مشتاق شورو، منير ماڻڪ، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.سندس
حياتي ۾ سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ڪتاب سنڌ ۾ ڇپيو ويو ۽ هڪ نامياري مئگزين ڪونج
پاران شوڪت حسين شورو خاص نمبر پڻ شايع ڪيو ويو. جيڪي پرچا اهو ثابت ڪن ٿا ته هو
سنڌي ادب جو خاص ڪري ڪهاڻيءَ جو اهڙو ليکڪ هئو، جيڪو سنڌي ادب جتي به لکجي رهيو
آهي، اُتي ياد رکيو ويندو. ڇو ته هو سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ هئو ڪنهن به گروپ جو ليکڪ
نه هئو جن گروپن سنڌي ادب کي ورهائي ڇڏيو آهي.
جتي به سنڌي ٻولي
لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي ويندي شوڪت حسين شورو اُتي اُتي ياد رکيو ويندو. اهو دائرو
فقط سنڌ نه آهي سموري ادبي دنيا آهي، سنڌ لاءِ اهو فخر ڪافي آهي ته هن سنڌ ۾ جنم
ورتو ۽ سنڌ ۾ ئي دفن آهي، جيڪا ڌرتي سندس ڄمڻ ۽ مرڻ جو اول ۽ آخري حق پاڻ وٽ محفوظ
رکي ٿي ۽ اها ڪهاڻي مسلسل هلڻي آهي جيڪا هر دور ۾ اڻپوري ئي رهجي ويندي آهي. ڇو ته
ڪافڪا چواڻي، ڪا به شيءِ پوري ٿيڻي نه آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ نومبر ۲۰۲۱ع ٺي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا