; سنڌي شخصيتون: غلام حسين خاصخيلي، مٺو مھيري، ڊاڪٽر خليل قاضي، منظور ميراڻي، ممتاز بخاري، رکيل مورائي،
Showing posts with label غلام حسين خاصخيلي، مٺو مھيري، ڊاڪٽر خليل قاضي، منظور ميراڻي، ممتاز بخاري، رکيل مورائي،. Show all posts
Showing posts with label غلام حسين خاصخيلي، مٺو مھيري، ڊاڪٽر خليل قاضي، منظور ميراڻي، ممتاز بخاري، رکيل مورائي،. Show all posts

13 November, 2021

شوڪت حسين شورو

شوڪت حسين شورو

نامياري ڪھاڻيڪار جي موڪلاڻي

غلام حسين خاصخيلي



نامياري ڪھاڻيڪار افسانه نگار ڊراما نگار شوڪت حسين شورو جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان آھي پر ڇا ڪجي ھن دنيا جو سفر مڪمل ڪري اڳتي وڃڻو آھي. الله سائينءَ جي جيڪا رضا ھوندي آھي، اھوئي ٿيندو آھي. شوڪت شوري سنڌي ادب ۾ جيڪا خدمت ڪئي آھي، ان کي تاريخ ۾ سونھري لفظن سان ياد رکيو ويندو. شوڪت شورو سنڌي ادب ۾ نثر لکڻ جو املھ ماڻڪ شخص ھو، کيس سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيت جون ھي سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪريان ٿو؛

ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج،

ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.