; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

28 November, 2021

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

ٻولي ۽ لغت جي ماهر سان ڳالهه ٻولهه

انٽرويو : جاويد بوزدار



سوال: ڊاڪٽر صاحب ڪم جي حوالي سان، پنهنجو مختصر تعارف ڪرائجو؟

آفتاب: ادا، اوهان بهتر ڄاڻو ٿا ته مون سنڌي ٻولي ۽ لغت کي پنهنجو خاص موضوع بڻائي ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪو ۳۵ سالن کان اڃا جاري آهي. هن وقت مون وٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران هڪ پراجيڪٽ آهي: “شاهه جي رسالي جي جامع لغات” جي ترتيب. اهو ڪم ڪريان پيو. هن وقت تائين لغات جي حوالي سان شاهه لطيف تي جيڪي ڪم ٿيو آهي، اهو سامهون آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي رسالي جي لغت “روشني” جي نالي سان ۲۰۰۲ع ۾ شايع ڪرائي هئي، اها به سامهون آهي. پنهنجي طرفان تياري هيٺ لغت ۾ ۱۳ وڌيڪ حوالا درج ڪيا اٿم. اميد ته ان جي اشاعت سان، لطيف فهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. ان ڏس ۾ اوهان جو به مون سان خاص سهڪار آهي ۽ اوهان پڻ ان فيلڊ ۾ سٺو موکيو آهي. مانواري سائين سوز بلوچ جو به سهڪار حاصل اٿم. جڏهن ته خاص رهنمائي پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي حاصل آهي. اميد ته ٻن مهينن اندر پنجن سرن تي ٻڌل پهريون جلد پڌرو ٿي ويندو. سڀني سُرن تي ٻڌل ان لغت جا ڪل پنج جلد ٿيندا. پهرين جلد جي تياري ۾، اسان کي ٻه سال لڳا آهن، ڇاڪاڻ ته اسان رسالن ۾ آيل لفظن جي مختلف پڙهڻين کي به سامهون رکيو آهي. ان نوعيت جو ڪم اڳ نه ٿيو آهي. ان کان علاوه لفظن جي سڀني، پهلوئن تي وڏي ويچار سان غور ڪري رهيا آهيون. بنيادي ڪم ٿي ويو آهي. باقي جلدن ۾ اسان کي وڌيڪ ٻه سال لڳندا.


ساڳئي وقت، سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران ۲۰ جلدن تي ٻڌل “مفصل سنڌي لغت” ۾ آءٌ سينئر ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهيان. ان جا چار جلد پڌرا ٿي چڪا آهن، ۽ پنجون جلد هٿ ۾ آهي.

گڏوگڏ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران تيار ٿيندڙ “شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا” تي به سينئر ايڊيٽر جي حيثيت ۾ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهيان. ان جو پهريون جلد، اسان جي اداري “پيڪاڪ پبلشرس” پاران شايع ٿي چڪو آهي، ٻين جلدن تي ڪم هلندڙ آهي.

جيئن اوهان کي اڳ، عرض ڪيم ته سنڌي لغت منهنجو من پسند موضوع آهي. ان حوالي سان اسڪولي ٻارن لاءِ “درسي ڊڪشنري” ۱۹۹۰ع ۾ تيار ڪئي هئم، ان جو موجوده نصاب موجب ستون ايڊيشن “پيڪاڪ درسي ڊڪشنري” جي نالي سان ايندڙ مهيني اچي رهيو آهي. اها پنهنجي نوعيت جي پهرين ڊڪشنري آهي. ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ، ٻئي ڪنهن به محقق ان طرف ڌيان نه ڏنو آهي. ٻولي جي حوالي سان تحقيقي ڪم الڳ آهي، جنهن جو وچور ٻئي ڀيري پيش ڪبو. ان کان سواءِ اداري پيڪاڪ پبلشرس جي چيئرمين طور ڪتابن کي ڏسڻ، ايڊٽ ڪرڻ، ٻولي سڌارڻ، پيش لفظ لکڻ به روزمره جي ڪمن ۾ شامل آهي.

سوال: ڊاڪٽرآفتاب صاحب! سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

آفتاب: ادا، اهو هڪ وڏو موضوع آهي. جنهن تي آءٌ پنهنجي ڪتاب “سنڌو لکت- تي ٿيل تحقيق جو جائزو” ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان. مختصر طور عرض ڪريان ته:

قديم سنڌو تهذيب جي هڪ پنهنجي خاص ٻولي هئي، جنهن کي اڪثر عالمن ‘سئنڌوئي’ سڏيو آهي. اها بلڪل فطري اصولن مطابق يعني اڳ ۾ خيال، پوءِ تصويري تحرير  (Picto graphs) ان مان وري تَصوري (Idio grams)  جڙيا، جن جي آڌار تي ’سنڌو لکت‘Indus Script  جڙي، جنهن جا واضح ثبوت موهن جي دڙي ۽ ٻين قديم ماڳن جي کوٽائي مان مليا آهن. ’سنڌو لکت‘ مان وري ’براهمي لکت‘ رواج ورتو. جنهن ۾ ويد لکيا ويا. اها لکت ڏکڻ ايشيا جي سڀني قديم ٻولين جي لکت جو بنياد بڻي. مختلف ٻولين پنهنجي مڪاني محاوري ۽ خاص آوازن جي آڌار تي ان ۾ ڪي ٿوريون گهڻيون تبديليون به ڪيون، جيڪي اڄ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

۳ کان ۵ هزار سال قبل مسيح ٽي تهذيبون عالم آشڪار ٿيون. ’سنڌو تهذيب‘، ’سميري تهذيب‘ ۽ ’مصري تهذيب‘. سميري تهذيب ۽ ان جي ٻوليءَ کي اڪادي نسل جي ماڻهن پنهنجي فتح سان ميساري ڇڏيو ۽ مصري ٻولي کي آرامي ٻولي ختم ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سنڌي ٻولي پنهنجي مخصوص آوازن، بيهڪ، جوڙجڪ سبب مختلف دورن ۾ مختلف قومن سان مقابلو ڪندي، پنهنجو ست سلامت رکيو. سواءِ ڪن لفظن ۽ محاورن جي باقي ان جي جوڙجڪ، گرامر توڙي لساني انفراديت تي ڪنهن به ٻولي اثر نه ڇڏيو آهي. ‘سنڌو لکت’ پنهنجو ويس مٽائيندي، براهمي خط وسيلي اُسري ۽ هن پوري ڏکڻ ايشيا تي ڇائنجي ويئي. براهمي لپي، جنهن موهن جي دڙي واري سنڌو لکت مان وجود ورتو، سا هن خطي جي اهم ۽ قديم ٻولين جهڙوڪ سنسڪرت، جيني، پالي، بنگالي، سنهالي، گجراتي، تامل، تيلگو، ڪنڙي، هندي، سنڌي، ديوناگري وغيره ٻولين جي ماءُ  لپي (Origin and Mother Script)  ليکي ويئي، جنهن تي دنيا جا عالم متفق آهن. براهمي خط وسيلي سنڌ ۾ ‘خداوادي خط’ رائج ٿيو، جنهن ۾ قديم سنڌي زبان جا سڀ آواز موجود آهن. سندس ٽڪراءَ ۾ سنسڪرت، پالي، ساساني، فارسي، عربي ۽ انگريزي زبانون آيون، پر ڪنهن به زبان مٿس ڪنهن به قسم جو اثر نه ڇڏيو سواءِ لفظن، اصطلاحن ۽ محاورن جي. اسان خاطري سان چئي سگهون ٿا ته تمام ٿوري ڦير گهير سان سنڌي ٻولي پنهنجو سٽاءُ، جوڙجڪ، لساني خوبيون ۽ خاصيتون قديم دور کان وٺي اڄ تائين سلامت رکيون آهن. جن جو انگريز عالم به اعتراف ڪري چڪا آهن. هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ غيرفطري صوتيا شامل ڪيا ويا آهن، جيئن: ص، ض، ع، غ، ق، ط، ظ، ح، خ-ث، وغيره، جن جو هوءَ ۱۳ سؤ سالن کان انڪار ڪندي پئي آئي آهي. اسان جو قومي فرض آهي ته اسان پنهنجي جيجل ٻوليءَ جي ڪن سببن ڪري گم ڪيل آوازن/ اکرن کي ڳولهي، ان ۾ وري شامل ڪريون ته جيئن اُها مڪمل صورت ۾، سدا دائم ۽ قائم رهي. جهڙوڪ: ٽر، ڊر، ڍر، نهه، ڻهه، لهه، وغيره

سوال: سائين! ڪيترن عالمن سنڌو لکت پڙهڻ جي دعوى ڪئي آهي. تنهن هوندي به اڃا تائين ڪا قطعي راءِ قائم ٿي نه سگهي آهي. توهان جي نظر ۾، سنڌو لکت کي ڪيئن پڙهڻ (Decipher) گهرجي؟

آفتاب: ادا، سنڌو لکت جي ڀاڃ (Decipherment) بابت شروعاتي ڪوششون انگريزن جي دور ۾ ٿيون. قديم آثارن جي ماهر سر جان مارشل کي ۱۹۲۷ع تائين موهن جي دڙي مان، جيڪي قديم شيون هٿ آيون، اُهي هن سائنسي انداز ۾ سنڀالي برطانيا جي نيشنل ميوزيم ڏانهن ڏياري موڪليون. انهن ۾ “سنڌو لکت” به شامل هئي. ان تي چئن پنجن ماهرن ڪم به ڪيو، ان بابت هنن مقالا به لکيا جيڪي سر جان مارشل جي جڳ مشهور ڪتاب (Mohen Jo Daro and the Indus Civilization) ۾ موجود آهن. اهو مون سڄو وچور ۽ ان دؤر ۾ ٿيل تحقيق جو تفصيل پنهنجي ڪتاب “سنڌو لکت” ۾ ڏنو آهي. ان ڏس ۾ ٻيو ڪتاب ميڊم فهميده حسين جو آهي، جنهن جو ٽائيٽل آهي: “ “سنڌو لکت- ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق” اهو ڪتاب به سنڌي لينگويج اٿارٽي مان ۲۰۱۲ع ۾ شايع ٿيو.

انگريز عالمن خاص طور سي جي گئڊ (C. J Gadd) مسٽر سڊني سمٿ (Sidney Smith)، ڊاڪٽر ايس لئنگڊن (Dr. S. Langdon) ابتدا ۾ چڱو تحقيقي ڪم ڪيو. بعد ۾، ڊاڪٽر جي آر هنٽر (Dr. G. R. Hunter) ان موضوع تي، ڊاڪٽر ايس لئنگڊن جي نگراني هيٺ پي ايڇ ڊيPh. D ڪئي. جنهن ۾ هن ۱۹۳۱ع تائين ٿيل مختلف عالمن جي تحقيق کي سامهون رکي ڪافي لاڀائتا نتيجا ڪڍيا.  سندس تحقيق جو موضوع هو:

موهن جي دڙي جي لکت جو دنيا جي لکتن سان سُٻنڌ

ان موضوع تي ڊاڪٽر هنٽر صاحب لکي ٿو ته؛”مٿئين موضوع سان لاڳاپيل مواد، اٽڪل ست سو پنجاهه شين تي اڪريل حالت ۾ مليو، جيڪي شيون موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان کوٽائيءَ دوران فيبروري ۱۹۲۷ع تائين هٿ آيون. اهي گهڻو ڪري مهرون هيون ۽ هر هڪ مهر تي سراسري طور ڇهه علامتي نشانيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. انهن مان ڪجهه ٽامي جا سِڪا ۽ مٽيءَ جون ڦرهيون/ تختيون مليون، جن تي اکر اڪريل هئا. ائين پيو لڳي، ڄڻ ته اهي ڪي رسيدون هجن.”

علامتي نشانيءَ ۾ هڪ ماترا يا گهڻيون ماترائون ڏنيون وينديون آهن. گهڻين ماترائن ڏيڻ ڪري آوازي يا صوتي تبديلي اچي ويندي آهي. اهي ماترائون اهڙي ساڳئي اصول تحت ڏنل آهن، جهڙيءَ ريت هتان جي قديم ’براهمي لکت‘ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون”.

ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته؛ “حقيقت به اها آهي ته سڄي براهمي (Brahmi) الفابيٽ سنڌو- لکت تان کنئي وئي ٿي ڏسجي. اهو به سمجهيو وڃي ٿو، ته اهي عالم جن براهمي لکت جو فينقي (Phoenician) ۽ ڏکڻ وارين سامي زبانن جي لکت سان ڳانڍاپو ڏيکاريو آهي، سي ڪي غلط ڪو نه آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙيون چٽيون ۽ پڌريون شاهديون موجود آهن، جن جي آڌار تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو، ته سامي ۽ فينقي لکت سنڌوءَ تان ورتل آهي. (جنهن کي مون “پروٽو انڊين” لکت سڏيو آهي). اهڙيءَ ريت قديم لکت جي الف – ب جو تصويري تحرير جي تاريخي اوسر سان ضرور ڪو سٻنڌ آهي. لکت جي تشريح ڪرڻ جو طريقو هي اختيار ڪيو ويو آهي، ته ان جي علامتي نشانين وڌائڻ واسطي جدول وارو طريقو ترتيب ڏنو ويو آهي. ان سان گڏ اهي علامتي نشانيون جن جي صورتي- لکت جي جدا هجڻ جو امڪان آهي، تن کي به هن جدول ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن طريقي اختيار ڪرڻ سان علامتي نشانين جو هڪ سلسلو پنهنجو پاڻ چٽو ٿي بيٺو آهي، جيڪو اسان کي سنڌو- لکت ۾ تمام گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙيءَ ريت اسان لاءِ سڃاڻڻ جو هڪ امڪان پيدا ٿي پيو ته ڪهڙا جدا هِجي وارا اکر ۽ ڪهڙا صحيح معنى ۾ لفظ آهن.

موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ٻولي هڪ ۽ ساڳي ڏيکاري وئي آهي. سامهون رکيل مواد وسيلي ڪنهن ٻوليءَ جي پڪ ڪا نه ٿي ٿئي، ته اها ڪهڙي هئي، پر ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اها هڪ پدي Mono Syllabic ٻولي هئي. ڪي علامتي نشانيون اهڙيون به آهن، جيڪي مٿين ٻنهي ٻولين ۾ هڪجهڙيون ڏسجن ٿيون، پر سندن سلسلو مختلف آهي. سڪن تي به اهي ساڳيا نالا آهن، جيڪي مهرن، مڃتا يا باس جي ٽڪين ۽ رسيدن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پر جيئن اسان کي مهرن ۽ باس وارين ٽڪين تي منسوب ڪرڻ واري تمهيدي لکت ملي ٿي، تيئن انهن تي ڪانه ٿي ڏسجي.” (هنٽر جي آر- سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو- سنڌي لينگويج اٿارٽي ۱۹۹۵ع ص ص ۲۵-۲۴)

ادا، ڀاڃ جي حوالي سان اڃا تحقيق هلي پئي. انگلينڊ، آمريڪا، جرمني، روس، هندستان ۾ باقاعده ان لکت بابت تحقيقي مرڪز/ انسٽيٽيوٽ ٺهيل آهن، پر افسوس ته سنڌ/ پاڪستان ۾، جتي اها موجود آهي. ان بابت ڪوبه تحقيقي مرڪز نه آهي. مون ان ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن: سنڌي لينگويج اٿارٽي، ثقافت کاتي، سنڌي ادبي بورڊ کي خط لکيا، پر اڄ تائين ڪنهن به ٻوٽو نه ٻاريو آهي. منهنجي اها پختي راءِ آهي ته ان جي ڀاڃ تڏهن ممڪن ٿي سگهندي،  جڏهن ان تحقيقي جٿي ۾، سنڌ جو ڪو مڪاني عالم شامل هوندو. محترم سائين سراج ميمڻ ان ڪم جي ابتدا ڪئي. ان کان پوءِ سنڌ جو يگانو عالم سائين عطا محمد ڀنڀرو آهي، جنهن وڏي تحقيق سان سنڌو لکت بابت انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيو آهي. اسان کي سندس لکڻين بابت عالمي سيمينار ڪرائڻ گهرجي، جنهن ۾ هو پنهنجو موقف پيش ڪري ۽ ان موضوع سان لاڳاپيل عالم انهن بابت رايا ڏين. منهنجي ته گذارش آهي ته فوري طور سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ ۾ هڪ تحقيقي مرڪز قائم ڪري، ان ڏس ۾، دنيا اندر ٿيندڙ کوجنائن کي سهيڙي ۽ پوءِ ڪي نتيجا سامهون آندا وڃن.

سوال: ڊاڪٽر صاحب موجوده سنڌي گرامر کي سمجهڻ بنهه ڏکيو آهي. ٻيو ته ٺهيو، ان جا صطلاح ۽ عنوان ئي منجهائيندڙ آهن. ان کي ڪيئن آسان بڻائجي؟

آفتاب: اهو هڪ اهم سوال آهي، جنهن تي اڄ تائين عالمن غور ويچار نه ڪيو آهي. ان جو مکيه سبب اهو آهي ته اسان جن توڙي پرڏيهي عالمن سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي اڄ تائين تسليم نه ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌي ٻولي هن خطي جي اهم ۽ قديم ٻولي آهي. ان جا قاعدا ۽ صيغا به خالص هتان جا ڏيهي آهن. انگريزن جي دور ۾ ان جي تاريخي حيثيت کي ڪنهن حد تائين تسليم ڪيو ويو ۽ ۲۴ اپريل ۱۸۴۸ع تي مُمبئي جي صدر جارج ڪلرڪ هڪ آرڊر جاري ڪيو ته اڄ کان وٺي سنڌي ٻولي سنڌ جي تعليمي، تدريسي ۽ عدالتي ٻولي طور لاڳو ڪئي وڃي ٿي. جيڪي ٻاهريان عملدار سنڌ پرڳڻي ۾ ڪم ڪن ٿا، انهن تي لازم آهي ته اُهي ۱۸ مهينن ۾ مڪاني ٻولي سنڌي سکن ۽ ان ۾ – امتحان پاس ڪن.

پرڳڻي ۾، مسلم آباديءَ جي اڪثريت جو جواز ڄاڻائي، رسم الخط عربي- سنڌي مقرر ڪيو ويو. عربي- سنڌي خط مقرر ڪرڻ سبب، گرامر به عربي ۽ فارسي جي طرز تي لکجڻ ۾ آيو. ميان محمدي پهريون گرامر لکيو. ان جو نالو “سنڌي صرف ۽ نحو” رکيائين، جنهن ۾ سڀ اصطلاح ۽ قاعدا عربي ۽ فارسي ٻولين جا رکيا ويا، جيڪي ان تي ٺهڪن نه پيا. ان جي رد عمل ۾ هندو ليکڪن وري “سنڌي ويا ڪرڻ” تيار ڪيو، جنهن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا قاعدا ۽ اصول اختيار ڪيا ويا. نتيجي طور سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجو گرامر لڙهي ويو. اڄ به اسان دعوى سان چئون ٿا ته موجوده گرامر سنڌي ٻوليءَ جي مزاج موجب نه آهن. ان بابت مون ڪيئي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن ۽ هڪ ڪتاب ان موضوع تي ويچار هيٺ آهي. سو ادا، جڏهن ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري هوندي ته ان مخلوق جي سڃاڻپ مشڪل ٿيندي! اهو اهم موضوع آهي. ان ڏس ۾، مون محترم سراج الحق ميمڻ، سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا، ميڊم فهميده حسين جو ڌيان ڇڪايو هو، ۽ لکت ۾ به اٿارٽيءَ کي شڪايتون ڪيون هيون، پر ان تي اڄ تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي اڃا به وقت نه ويو آهي، اسان کي ان ڏس ۾ پوري سنجيدگي سان خالص سنڌي ٻولي جو گرامر جوڙڻو پوندو. ان ۾ عرصو لڳندو، پر شروعات  ڪرڻ گهرجي.

سوال: سائين! سنڌي ٻوليءَ جي ماهر هجڻ جي حيثيت ۾، توهان سنڌي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ان ۾ سڌارو ڪيئن ٿو آڻي سگهجي؟

آفتاب: ادا، ميڊيا هن وقت جامع اصطلاح ۾ استعمال ٿئي ٿي. هڪ پرنٽ ميڊيا، جنهن ۾ اخبارون رسالا، وغيره اچي وڃن ٿا. ٻي اليڪٽرڪ ميڊيا، جنهن ۾ ۱۰۰ کان مٿي چينل اچي وڃن ٿا. صرف سنڌي جا ست- اٺ چينل ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان پوءِ سوشل ميڊيا اچي ٿي، جنهن جي پڻ وسيع دنيا آهي. اسان جا سينئر توڙي جونيئر دوست ان کي خوب استعمال ڪري رهيا آهن.

پريشانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اسان تي اردو ميڊيا حاوي آهي. اردو ميڊيا تي وري انگريزي حاوي آهي. اردو ٻوليءَ جو مزاج پنهنجو آهي. جيئن ته اردو ٻوليءَ ۾ محاورا ۽ اصطلاح وري وري هر گهڙي ورجايا وڃن ٿا. اهي اسان جي دماغ تي اثر ڪن ٿا، پوءِ ميڊيا ۾ جيئن ته وقت وڏي اهميت رکي ٿو. ان ڪري جيڪي ذهن تي تري اچي ٿو. اهو لکيو وڃي ٿو. ان ڪري ڌاريا لفظ، محاورا ۽ اصطلاح عام جام، استعمال ٿين ٿا. حقيقت اها آهي ته اسان کان وڌيڪ اردو ميڊيا وارا پريشان آهن. سندن ٻوليءَ ۾ وڏي پيماني تي بگاڙ اچي ويو آهي.

سوال: سائين! ڌارئي ۽ پنهنجي لفظن ۽ اصطلاحن جي ٿوري وضاحت ڪندا.

آفتاب: ادا، اهو دنيا جو دستور آهي. قديم زماني کان جديد دؤر تائين لفظ هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ ايندا رهندا آهن. جنهن تي دنيا جي ڪابه طاقت پهرو نه ٿي لڳائي سگهي. تاريخ ۾ سنسڪرت هڪ اهڙي ٻولي نظر اچي ٿي، جيڪا ڏنڊي جي زور تي ماڻهن مٿان مڙهي وئي ۽ ڪن طبقن تي ان جي استعمال لاءِ پابندي لڳائي وئي. ان کي مٿئين طبقي: برهمڻ، کتري، وِديادان استعمال ڪري ٿي سگهيا. هيٺين طبقي جنهن ۾ شودر، شڪاري، سوچي موچي، وغيره اچي ٿي ويا. اُهي اها زبان استعمال نه ٿي ڪري سگهيا. نتيجو ڇا نڪتو؟ اڄ اُها شاندار ٻولي جنهن کي ان وقت پنهنجو گرامر ۽ لغتون هيون، سا ختم ٿي ويئي. اڄ صرف ڌرمي رسمن لاءِ ان جا ڪي شلوڪ پڙهيا وڃن ٿا.

ڌارين لفظن جي داخلا جا ٽي اهم اصول ٿين ٿا: هڪ ڌارين جو قبضو، ٻيو پاڙيسري وهنوار، ٽيون پيداوار (Production) مٿين سببن ڪري ڌاريون ٻوليون اثر انداز ٿينديون آهن.سنڌي ٻوليءَ ۾ ان سبب ڪري، سنسڪرت، پالي، جيني، ساساني، ايراني (قديم پارسي- زند، اوستا) عربي، جديد فارسي، ترڪي، انگريزي ٻولين جو اثر ٿيو آهي.پاڙيسري ٻولين جي اثر ڪري، بلوچي، براهوي، جتڪي، هندي، گجراتي، ڪڇي، پنجابي، ڪن علائقن ۾ پشتو جو اثر ٿيو آهي. ساڳي ڀرپاسي وارين ٻولين تي اسان جو به اوترو، اڃا به سگهارو اثر ٿيو آهي.

رهيو سوال پيداوار جو، ته ان حوالي سان عرض ڪندو هلان ته ڪابه نئين شيءِ وجود وٺي ٿي ته ان تي پيداوار جو مالڪ نالو رکي ٿو. ڪن صورتن ۾ ڪمپنيءَ جو نالو هلي ٿو. جيئن ڪنهن دؤر ۾ Sanyo، Sony، Panasonic  ۽ Mitsbushi  نالا عام هئا. اسان وٽ به ان نالي سان رائج ٿيا. ريڊيو، ٽيليوزن وغيره جا نالا سنڌيءَ ۾ ڳولڻ عبث آهن. اهڙيءَ طرح ڪپ، ٽيبل، گلاس وغيره انگريزي مان آيا، پر استعمال سبب هن وقت اُهي سنڌي جا ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن تي سنڌي ٻوليءَ جا قاعدا لاڳو ٿي چُڪا آهن. مثلاً “گلاس” انگريزي ۾ ان جون ڪيئي معنائون آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ صرف هڪ معنى آهي. پاڻي پيئڻ جو ٿانءُ. ٽِڀو، مٽيءَ جو ٿيندو آهي. ان جي شڪل صورت به مختلف آهي: انگريزي Glass جو جمع Glasses ٿيندو. پر سنڌي ۾ گلاسُ- جمع- گلاسَ. ٻيو گلاسن. انگريزي ۾ ان جي جنس ‘بيجان’ (Neuter) آهي. جڏهن ته سنڌي ۾ اهو مذڪر آهي. اهڙي فرق کي سامهون رکي، جن لفظن جا واحد- جمع، مؤنث- مذڪر، ٺاهي سگهجن ٿا، اهي اسان جا آهن، ڪڏهن ڪڏهن انهن جي صورت به تبديل ٿي ويندي آهي. جيئن- مسجد- مسيت، وضو- بضو، بانگ- ٻانگ، جهاز- جهاج، قئنچي، ڪينچي، بندوق- دنبوق، دوست- دوس، فرنگي- ڦلنگي وغيره ڪمپيوٽر، انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن کي دنيا جون اڪثر ٻوليون استعمال ڪن ٿيون. ان جو مفهوم ساڳيو آهي، البت اچار ۾ فرق آهي، اهڙيءَ طرح ‘اوطاق’ ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو هندستان جي تقريبن سڀني ٻولين ۾ استعمال ٿئي ٿو. واحد- جمع ۾ فرق آهي. مثلاً شاهه لطيف فرمائي ٿو: “اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري”.

ٻيو هڪ وڏو سبب اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪو لفظ شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب آندو آهي، اهو اسان جو آهي. ان دعوى کي ڪوبه رد ڪري نٿو سگهي. اسان کي ٽيليوزن توڙي ريڊيو تي ڳالهائڻ وقت ڌيان رکڻ گهرجي ته لفظن جا مؤنث مذڪر، واحد- جمع توڙي صرفي گردان صحيح اچاريون. اردو ۾ کوڙ سارا عربي لفظ، جيڪي مذڪر آهن، سي مؤنث ٿي وڃن ٿا، جيئن شراب، وحي، ڪتاب وغيره. اسان کي لفظ پنهنجي ٻولي جي قاعدن موجب اچارڻ گهرجن.

ساڳي ريت اسم خاص جيئن لاڙڪاڻو، مورو، رتوديرو. ذاتيون: ابڙو، سومرو، جوڻيجو وغير- جملي ۾ استعمال ٿيندا يا انهن جي حالت جَري ليکي ويندي ته پوءِ ان جي صورت به تبديل ٿي ويندي. جيئن: لاڙڪاڻو تاريخي شهر آهي. لاڙڪاڻي جا زيتون مشهور آهن. اهڙا قاعدا سڀني اسمن سان لاڳو ٿيندا.جيئن جيئن اسان سنجيدگي سان ٻولي سان نيهن رکنداسين. تيئن ان جو سڀاءُ سٺو لگندو ۽ اهي فرق مٽجي ويندا. اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻولي سان محبت ڪريون، ان کي اهم ڄاڻون، ان تي فخر ڪريون.

سوال: توهان پنهنجي اداري “پيڪاڪ پبلشرس” بابت ڪجهه ٻڌايو. ڪتاب ڇپجڻ ۽ پڙهڻ جي لاڙي کي ڏسي، توهان کي سنڌي ٻولي جو مستقبل ڪيئن ٿو نظر اچي؟

آفتاب: ادا، اسان جو ادارو “پيڪاڪ پبلشرس” سنڌ جي قومي پکي مور (Peacock) نالي تي جڙيل آهي. جيئن ته مور پکي سڀاءَ  ۾ نرم آهي، ۽ ان جا ڪيئي رنگ آهن. اسان جي ڪوشش آهي ته اُهي سڀ خوبيون ۽ رنگ پاڻ وٽ پيدا ڪريون. اسان ڪنهن جي ڌر نه آهيون. اسان سنڌ جي تشخص، تاريخ، روايتن کي اجاگر ڪرڻ گهرون ٿا. اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، گرامر، لغت، شاهه لطيف، ڪلاسيڪي ادب کي ترجيح ڏيون. ان بابت تحقيقي ڪتاب شايع ڪريون. اسان جي اداري جا جيڪي ڪتاب آهن، انهن ۾ اڪثريت اهڙن ڪتابن جي آهي. اسان ترجما به ڪرايون ٿا. سر جان مارشل جو ڪتاب (Mohen jo Daro and the Indus Civilization) جو ترجمو جلد پڌرو ڪرڻ وارا آهيون، محترم سائين يوسف شاهين جا عالمي اهميت جوڳا ڪتاب پڻ ترجمي هيٺ آهن. ننڍي کنڊ جي مشهور عالم ۽ لغت جي ماهر مسٽر ٽرنر (Turnner) جو جڳ مشهور ڪتاب (Comparative and etymological dictionary) جي ترجمي ڪرائڻ جو ارادو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌي ٻولي جي ڌاتن (Roots) جو ججهو ذڪر آهي. سندس تحقيق موجب هندستان جي ٻولين ۾ ۶۰% لفظ سنڌي نسل جا آهن.

اسان جا سراسري طور چار- پنج-ڇهه ڪتاب ماهوار اچن ٿا. سنڌ اندر مختلف شهرن ۾ ۵۵ بوڪ اسٽال آهن، جن تي باقاعده ڪتاب موڪليون ٿا. ٻين ادارن/ماڻهن جا ڪتاب به شايع ڪيون ٿا. وڪري جي لحاظ کان مناسب موٽ آهي. وقت چڱو گذري ٿو. سراسري طور روزانو- ۲-۳ ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿين ٿا. اها سٺي خبر آهي. هر ڪتاب پنهنجي موضوع موجب پنهنجي جاءِ ٺاهي ٿو. ظاهر آهي ايترا ڪتاب پڙهجن ٿا، تڏهن ته شايع ٿين ٿا. تازو اسان محترم شمس جعفراڻي جو ڪتاب ‘ڪتيم سڀ ڄمار’ جو ٻيو ايڊيشن آندو آهي، جڏهن ته ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو ڪتاب “مهتاب: شخصيت- مڃتا- ڪردار” محترم منير احمد چنا جو ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۽ مانواري سائين اعجاز قريشي جو ڪتاب “ون يونٽ ۽ سنڌ” جا ٻيا ڇاپا واڌارن ۽ سڌارن سميت آڻي رهيا آهيون.

اسان جي ٻوليءَ جو مستقبل پاڻ مرادو محفوظ آهي. ان جي جوڙجڪ اهڙي آهي، جو ڪا ٻولي مٿس چڙهت ڪري نٿي سگهي. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته مختلف دورن ۾ مٿس مختلف ٻولين جون ڪاهون ٿينديون رهيون آهن. پر سنڌي ٻولي پنهنجي بناوت، سگهارن قاعدن، جامع لغات جي لحاظ کان پاڻ بچائيندي پئي آئي آهي. اڄ به اها خالص ٻولي اسان وٽ ڳوٺن وسندين ۾ اُسري پئي. اهو به هڪ عالمي اصول آهي، ته جن خوش نصيب ٻولين وٽ ٻهراڙيون آهن، لوڪ ادب آهي، انهن کي ڪو خطرو نه آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا